يريوان(انگريزي: Yerevan ) (UK /ˌjɛrəˈvæn/ yerr-Ə-van, US /-ˈvɑːn/ [15][16]آرمينيا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو ۽ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪَ پراڻي زماني کان آبادي شھر آھي[17] جيڪو ھرازدان ندي جي ڪناري تي واقع آهي. ھي شھر آرمئنيا جو انتظامي، حڪومتي، ثقافتي، معاشي ۽ صنعتي مرڪز آھي. 1918ع کان وٺي لاڳيتو آرمينيا جي گادي جو هنڌ رھيو آھي.

يريوان
Երևան
شھر
گادي جو هنڌ
قطار ۾ کاٻي کان ساڄي پاسي: يريوان جو افقي منظر جنھن ۾ ڪوھ آرارات نظر ايندي •ڪارين دميرچيان ڪامپليڪس• آرمينيائي نسل ڪشي وارو يادگار:ٽسيٽسيرنيڪبرڊ ميموريل ڪامپليڪس  •سينٽ گريگوري ڪيٿيڊرل• تامانيان اسٽريٽ ۽ يريوان اوپيرا •يريوان ڪيسڪيڊ لڳ واقع ڪفيسجيئان آرٽ ميوزيم• ريپپلڪ اسڪوائر رات جي وقت
قطار ۾ کاٻي کان ساڄي پاسي: يريوان جو افقي منظر جنھن ۾ ڪوھ آرارات نظر ايندي •ڪارين دميرچيان ڪامپليڪس
آرمينيائي نسل ڪشي وارو يادگار:ٽسيٽسيرنيڪبرڊ ميموريل ڪامپليڪس  •سينٽ گريگوري ڪيٿيڊرل
تامانيان اسٽريٽ ۽ يريوان اوپيرا •يريوان ڪيسڪيڊ لڳ واقع ڪفيسجيئان آرٽ ميوزيم
ريپپلڪ اسڪوائر رات جي وقت
يريوان
جھنڊو
يريوان
مھر
عرفيت: "گلابي شھر"[1][2][3][4] گلاب جھڙو شھر[5]
يريوان is located in Armenia
يريوان
يريوان
يريوان is located in Asia
يريوان
يريوان
آرمينيا ۾ يريوان جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 40°10′53″N 44°30′52″E / 40.18139°N 44.51444°E / 40.18139; 44.51444مڪانيت: 40°10′53″N 44°30′52″E / 40.18139°N 44.51444°E / 40.18139; 44.51444
ملڪ  آرمينيا
ايرابني جي نالي سان ارارتو جي بادشاھ آرگيشتي پھرين بنياد وڌو 782 ق م
اليگزينڊر ٻئين کيس شھر جو درجو ڏنو 1 آڪٽوبر 1879 [6]
آرمينيا جو گاديءَ جو هنڌ 19 جولاء 1918 (ڊي فيڪٽو)[7]
يريوان جا ضلعا 12
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل
 • مجلس شھري ڪائونسل
 • ميئر ھائڪ ماروٽائين
پکيڙ
 • شھر
گادي جو هنڌ
223 ڪ.م2 (86 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 1,390 ميل (4,560 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 865 ميل (2,838 ft)
آبادي (2017)[9]
 • شھر
گادي جو هنڌ
1,075,800
 •  ڪاٿو

  1 آڪٽوبر 2019

1,083,600 [8]


ڪوھ آرارات ھن شھر جو قومي نشان آھي جيڪو تصوير ۾ ڪوھ آرارات يريوان جي افق تي نظر ايندي[18][19]

يريوان جو قومي نشان ڪوھ آرارات آھي جيڪو ھن شھر ۾ نظر ايندو آهي[20]. 27 سيپٽمبر 2004 ۾ يريوان ايرابني يريوان نالي سان قومي ترانو اختيار ڪيو[21]

تاريخ سنواريو

 
ايرابني قلعو جنھن جو بنياد آرگيشتي پھرين رکيو ھو

يريوان جي تاريخ اٺين صدي قبل مسيح تائين پراڻي آهي جڏهن 782 ق م ۾ ارارتو جي بادشاھ آرگيشتي پھرين آرارات واري ميدان جي آخري ولھندي حصي ۾ ايرابني قلعو اڏايو.[22] جيڪو ان وقت اوراتو جي گادي جي هنڌ ٿيڻ سميت ھڪ وڏو انتظامي ۽ مذھبي مرڪز ٿي ويو. ارارتو جي عروج دوران يريوان يا ايرابني جي پسگردائيءَ ۾ آبپاشي وارا ڪئنال ۽ مصنوعي پاڻي جا ڊيم جوڙيا ويا

 
ستين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري اڏايل تيشبائني شھر جا بنياد

ستين صدي قبل مسيح ۾ ارارتو جي سرزمين تي روسا ٻئين ايرابني قلعي جي اولھ طرف 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھڪ نئون شهر تيشبائني جي نالي سان اڏايو[23] 590 ق م ارارتو جي بادشاھت جو ايراني ميديائي ماڻھن جي ھٿان ٿيو جنھن بعد ايرابني ميديائي ايمپائر جو حصو ٿي ويو. اڳتي هلي 550 ق م ۾ سائرس اعظم ميديائي ايمپائر فتح ڪئي اھڙي طرح ايرابني شھر اشميني ايمپائر جو حصو ٿي ويو. 522 کان 331 ق م ايرابني آرمينيا جي ساتراپي جو مکيه مرڪز بنجي ويو. سڪندراعظم اشميني ايمپائر جو خاتمو آندو جنھن بعد آرمينيائي ساتراپي 331 و م ۾ گئوگميلا جي جنگ ذريعي آزادي ماڻي ۽ آرمينيائي بادشاهت جو بنياد پيو. آرمينيا جي بادشاھت پوئين وقت گادي جا ھنڌ تبديل ڪندي رھي جنھن سان ھن شھر جو زوال اچي ويو. بعد ۾ ساساني ايران جو خاتمو خلافت راشده آندو جنھن بعد خلاف بنو اميه جي دؤر ۾ يريوان خلافت جي قبضي ۾ آيو ۽ آرمينيا جي امارت جو حصو ٿي ويو. ٻہ سؤ سال بعد خلافت بنو عباس جي دور ۾ آشوت پھرين آرمينيا کي آزاد ڪرائي باگراتوني گھراڻي جي بادشاھي جو بنياد وڌو جيڪا 885ع کان 1045ع تائين قائم رهي جنھن بعد ھي علائقو بازنطيني ايمپائر جي قبضي هيٺ 1064ع تائين رھيو. ان سال طغرل ان کي سلجوقي ايمپائر ۾ شامل ڪيو ۽ طغرل جي جانشين الپ ارسلان جي حڪومت ۾ رھيو. 1201 ۾ ذڪري پرنسپلٽي قائم ٿي جيڪا جارجيائي خراج واري رياست ھئي. 1236ع ۾ منگولن ان تي قبضو ڪري الخانيٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيا اق قويونلو گھراڻي جي حڪمراني هيٺ هو

 
قرہ قويونلو گھراڻي جي اميرن جو مقبرو يريوان لڳ آرگاوند ۾ واقع آهي

تيمور لنگ 1400ع ۾ آرمينيا تي قبضو ڪري 60000 مانھن کي غلام بڻايو. 1410ع ۾ ھي شھر قرہ قويونلو گھراڻي جي راڄ ھيٺ آيو. سورھين صدي جي شروعات م صفوي ايمپائر آرمينيا کي پنھنجي قبضي ۾ آندو ۽ جي شھر فارس جو حصو ٿي ويو. جنھن بعد افشري ايمپائر، قجر ايمپائر ، خلافت عثمانيه ۽ روسي ايمپائر جي قبضي ۾ رھيو. روس واري دؤر ۾ اھو شھر ايروان خانيٽ جو مرڪز ٿي ويو ۽ 1736ع کان 1828ع تائين ايروان خانيٽ جو مرڪز رھيو ۽ 1850ع کان 1917ع تائين ان جي گورنري رھيو. پھرين آڪٽوبر 1879ع ۾ روسي ايمپائر جي زار اليگزينڊر ٻيون يريوان کي وڏي شھر جو درجو ڏنو. ويھين صديءَ جي شروعاتي دؤر ۾ يريوان جي آبادي لڳ ڀڳ 30000 ھئي. پھرين جنگ عظيم جي پڄاڻي تي پھرين آرمينيائي ريپبلڪ جي قيام سان يريوان ان جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو جنھن ۾ ھزارين عثماني خلافت جي ترڪن ھٿان نسل ڪشي ۾ بچي ويل آرمينيائي اتي پھتا ھئا[24] سوويت آرمينيا واري دؤر ۾ شھر تيزي سان وڌيو ۽ ملڪ جو صنعتي ۽ ثقافتي مرڪز ٿي ويو. 2016 ۾ ھن شھر جي آبادي 1,073,700 ٿي چڪي هئي.[25] ھن شھر جي لڳ ايرابني قلعو ھن شھر جي جنم ڀومي سمجھيو ويندو آھي.


 
آران اسٽريٽ، يريوان شھر


 
نئين سر ترقي ماڻيندڙ يريوان شھر جو ڪمرشل علائقو

حوالا سنواريو

  1. Billock, Jennifer (28 December 2016). "How Ancient Volcanoes Created Armenia's Pink City". Smithsonian. http://www.smithsonianmag.com/travel/yerevan-armenias-pink-city-180961506/. 
  2. Hovasapyan, Zara. "When in Armenia, Go Where the Armenians Go". Armenian National Committee of America. Made of local pink tufa stones, it gives Yerevan the nickname of "the Pink City. 
  3. Dunn, Ashley (21 February 1988). "Pink Rock Comes as Gift From Homeland in Answer to Armenian College's Dreams". Los Angeles Times. http://articles.latimes.com/1988-02-21/local/me-44260_1_armenian-college. "To Armenians, though, the stone is unique. They often refer to Yerevan, the capital of their homeland, as "Vartakouyn Kaghak," or the "Pink City" because of the extensive use of the stone, which can vary from pink to a light purple." 
  4. "Տուֆ [Tuff]". encyclopedia.am (ٻولي ۾ Armenian). Երևանն անվանում են վարդագույն քաղաք, որովհետև մեր մայրաքաղաքը կառուցապատված է վարդագույն գեղեցիկ տուֆե շենքերով: 
  5. "Old Yerevan". yerevan.am. Yerevan Municipality. Since this construction material gave a unique vividness and specific tint to the city, Yerevan was called "Rosy city". 
  6. Sarukhanyan, Petros (21 September 2011). "آرڪائيو ڪاپي" (hy ۾). Hayastani Hanrapetutyun. http://www.hhpress.am/?sub=hodv&hodv=20110921_35&flag=am. Retrieved 1 February 2014. "Պատմական իրադարձությունների բերումով Երեւանին ուշ է հաջողվել քաղաք դառնալ։ Այդ կարգավիճակը նրան տրվել է 1879 թվականին, Ալեքսանդր Երկրորդ ցարի հոկտեմբերի 1—ի հրամանով։" ()
  7. Hovannisian, Richard (1971). The Republic of Armenia: The First Year, 1918–1919. University of California Press. p. 41. ISBN 9780520018051. https://archive.org/details/republicofarmeni0000hova. "On July 19 the Armenian cabinet and National Council were greeted at the outskirts of Erevan by Aram, Dro, and General Nazarbekian. Together the entourage rode into the nation's capital." 
  8. https://www.armstat.am/en/?nid=81&id=2209
  9. Armstat
  10. Bell, Imogen, ed. "Armenia". Eastern Europe, Russia and Central Asia 2003 (3rd ed.). London: Taylor & Francis. p. 84. ISBN 9781857431377. 
  11. The Archaeology of Power and Politics in Eurasia: Regimes and Revolutions. Cambridge: Cambridge University Press. 2012. p. 72. ISBN 9781107016521. "...of even the most modern Yerevantsi." 
  12. Ishkhanian, Armine (2005). Atabaki, Touraj. ed. Central Asia and the Caucasus: Transnationalism and Diaspora. New York: Routledge. p. 122. ISBN 9781134319947. "...Yerevantsis (residents of Yerevan)..." 
  13. Connelly, Andrew (13 April 2015). "Syria conflict: A century after the 'genocide', Armenians flee war and return to land of their ancestors". The Independent. https://www.independent.co.uk/news/world/middle-east/syria-conflict-a-century-after-the-genocide-armenians-flee-war-and-return-to-land-of-their-ancestors-10173968.html. "...cafés as Yerevanites have taken to smoking nargile water pipes." 
  14. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  15. Shekoyan, Armen. "Ծերունին եւ ծովը Գլուխ հինգերորդ [The Old Man and The Sea. Chapter Five]". Aravot (ٻولي ۾ Armenian). – Ես առավո՛տը ղալաթ արի, որ չգացի Էրեւան,- ասաց Հերոսը.- որ հիմի Էրեւան ըլնեի, դու դժվար թե ըսենց բլբլայիր: 
  16. panorama.am (ٻولي ۾ Armenian) http://www.panorama.am/am/news/2011/09/21/armenia/886675.  Missing or empty |title= (مدد)
  17. Bournoutian, George A. (2003). A concise history of the Armenian people: (from ancient times to the present) (2nd ed.). Costa Mesa, California: Mazda Publishers. ISBN 9781568591414. https://archive.org/details/concisehistoryof00geor. 
  18. Boniface, Brian; Cooper, Chris; Cooper, Robyn (2012). Worldwide Destinations: The Geography of Travel and Tourism (6th ed.). Taylor & Francis. p. 338. ISBN 978-0-415-52277-9. "The snow-capped peak of Ararat is a holy mountain and national symbol for Armenians, dominating the horizon in the capital, Erevan, yet it is virtually inaccessible as it lies across the border in Turkey." 
  19. Avagyan, Ṛafayel (1998). Yerevan—heart of Armenia: meetings on the roads of time. Union of Writers of Armenia. p. 17. "The sacred biblical mountain prevailing over Yerevan was the very visiting card by which foreigners came to know our country." 
  20. "Symbols and emblems of the city". Yerevan.am. وقت 13 January 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 July 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. "Yerevan (Municipality, Armenia)". CRW Flags. حاصل ڪيل 2 July 2010. 
  22. Katsenelinboĭgen, Aron (1990). The Soviet Union: Empire, Nation and Systems. New Brunswick: Transaction Publishers. p. 143. ISBN 0-88738-332-7. 
  23. Ian Lindsay and Adam T. Smith, A History of Archaeology in the Republic of Armenia, Journal of Field Archaeology, Vol. 31, No. 2, Summer, 2006:173.
  24. Hovannisian, Richard G. (1971). The Republic of Armenia: The First Year, 1918–1919, Vol. I. Berkeley: University of California Press. pp. 126–127. ISBN 0-520-01984-9. 
  25. The official estimate of the population in Armenia as of 01.01.2016