ياسيت (Pessimism) اهو نظريو تہ دنيا ايتري ئي بري آهي، جيتري ٿي سگهي ٿي يا سڀ شيون برائيءَ ڏانهن وڃي رهيون آهن. اهڙو لاڙو ڪن اديبن ۾ موجود هوندو آهي ۽ سندن اهو رويو زندگي ڏانهن نااميدي ۽ مايوسيءَ وارو هوندو آهي. هو زندگيءَ کي بي مقصد ۽ قيد سمجهندا آهن ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي منفي انداز ۾ ڏسندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.