ياسر عرفات(انگريزي: Yaseer Arafat ) فلسطين جو ھڪ عرب اڳواڻ جنھن پوري زندگي فلسطين جي آزادي جي جدوجھد ڪندي گذاري. سندس پورو نالو محمد عبد الرؤوف القدوة الحسيني ھيو ۽ ان جي ڪنيت أبو عمّار ھئي. 24 آگسٽ[2] 1929 ۾ پيدا ٿيو. فلسطيني کيس پنھنجو پھريون اڳواڻ سڏيندا ھيا. پاڻ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو 1969 کان 2004 ۾ پنھنجي وفات تائين چيئرمين رهيو. 1993 ۾ فلسطين نيشنل اٿارٽي جو صدر ٿيو.

یاسر عرفات

ياسر عرفات 2001 ۾ ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۾ ڳالھائيندي
فلسطين نيشنل اٿارٽي جو پھريون صدر
عهدو سنڀاليو
5 جولاءِ 1994 – 11 نومبر 2004
وزير اعظم
جانشين روحي فتوح (عارضي)
فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو ٽيون نمبر چيئرمين
عهدو سنڀاليو
4 فيبروري 1969 – 29 آڪٽوبر 2004
پيشرو یحییٰ حمودہ
جانشين محمود عباس
ذاتي تفصيل
پيدائش محمد ياسر عبدالرحمان عبدالرؤف عرفات القدوہ
24 آگسٽ 1929(1929-08-24)ء
قاھرہ, Egypt
وفات 11 نومبر 2004 (عمر 75 سال)
ڪليمرٽ, بلند-دو-سین, فرانس
قوميت فلسطيني
سياسي جماعت فتح
جيون ساٿي سھي عرفات (1990–2004)
ٻار ٻچا زاھوا عرفات (born 1995)
پيشو سول انجنيئر
مذهب اھل سنت[1]
دستخط

نالو سنواريو

والدين طرفان ھن جو نالو محمد عبدالرحمان عبدالرؤف القدوہ الحسيني ھيو پر ھن اسلام جي پھرين شھيد ياسر، جيڪو مشھور صحابي عمار جو پيء ھيو، کان متاثر ٿي پنھنجو نالو ياسر رکيو ۽ ڪنيت بہ ابو عمار رکي[3].

خاندان ۽ ننڍپڻ ۽ شخصيت سنواريو

ھن جو تعلق پيءُ ۽ ماءُ ٻنھن پاسن کان حسيني خاندان سان ھيو. سندس پيءُ ھڪ پئسي وارو واپاري ھيو جنھن کي ياسر سميت ست ٻار ھيا[2]. ھن جو فلسطيني خاندان جي رھائش قاھرہ ۾ ھئي ان ڪري ھن جي پيدائش جو هنڌ قاھرہ سمجھيو ويندو آهي پر ھن پاڻ پنھنجي جاء پيدائش يروشلم ٻڌائي[3]. ھن جو ننڍپڻ قاھرہ م گذريو[3]. چئن سالن جو تہ 1933 ۾ سندس ماءُ گذاري وئي جنھن کانپوءِ کيس يروشلم ۾ مامي جي گھر موڪليو ويو جتي چار سال رھڻ بعد پيءُ جي گھر قاھرہ موٽي آيو[4]. ھن جي پيءُ سان ويجهڙائپ تمام گھٽ ھئي. 1952 م جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو تہ ھن سندس جنازي ۾ شرڪت نہ ڪئي ھئي[4] [3]. ھي سني اسلام سان لاڳاپيل ھيو ۽ شراب ۽ سوئر جي گوشت کان ھميشه پرھيز ڪئي ۽ دينوي زندگي گذاري[3].

تعليم ۽ پيشو سنواريو

1949ع ۾ ھن انجنيئرنگ جي تعليم لاء فواد يونيورسٽي، جيڪا پوء قاھرہ يونيورسٽي سڏجڻ لڳي، ۾ تعليم شروع ڪئي[2]. ھن سول انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي[3]. ھن جولاءِ 1956 ۾ قاھرہ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي[2] ۽ مصري فوج ۾ ڪميشن پاس ڪري ملازمت ورتي ۽ آڪٽوبر 1956 ۾ سوئيز نھر واري تنازعي ۾ ڊيوٽي پڻ ادا ڪئي[2]. پوء ھي ڪويت ھليو آيو جتي ھن پنھنجو انجنيئرنگ جو فرم شروع ڪيو[2].

سياسي زندگي ۽ خدمتون سنواريو

قاھرہ ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ھن يھودين ۽ انگريزن جي خلاف قاھرہ مان فلسطين طرف ھٿيار منتقل ڪرڻ شروع ڪيا ھيا. 1948ع واري پھرين عرب اسرائيل جنگ ۾ ھن قاھرہ يونيورسٽي ڇڏي يھودين خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو[4]. ھي فلسطيني ماڻھن جو ھڪ زبردست رھنماء رھيو ھو[3].قاھرہ يونيورسٽي ۾ ھي شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿيو ۽ فلسطيني شاگردن جي يونين جو 1952 کان 1956 تائين صدر پڻ رھيو[2] ھي اخوان المسلمين جو پڻ ھمدرد رھيو ۽ 1954 م جمال عبدالناصر تي قاتلاڻي حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ گرفتارين ۾ بطور اخوان المسلمين جي ھمدرد جي ھي بہ گرفتار ٿيو ھو[2]. 1958ع ۾ عرفات دوستن سان ملي اسرائيل خلاف ھٿياربند مزاحمت لاءِ الفتح نالي ھڪ خفيه نيٽورڪ ٺاھيو[4]. ھي 1959 ۾ فتح نالي تنظيم جي بنياد وجھندڙ اڳواڻن ۾ شامل ھيو[3] جن ۾ خليل الوزير عرف ابوجھاد، صلاح خلف عرف ابولياد ۽ خالد الحسن عرف ابو سعيد پڻ شامل ھيا[2]، ۽ ان پارٽي ۾ رھيو جيڪا فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ۾ شامل ٿيندڙ ھڪ وڏي جماعت ھئي[3]. الفتح جي 60 واري ڏھاڪي ۾ ھن ڪويت مان نڪري آيو ڪل وقتي انقلابي بڻجي اسرائيل تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا[4]. 1964 ۾ عرب ليگ جي سھڪار سان ٺاھيل پي ايل او[2] ۾ ٻين گروپن سان گڏجي ان جو حصو ٿي فلسطين جي آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي[4]. 1969 ۾ پي ايل او جو چيئرمين ٿيو ۽ 2004 ۾ وفات تائين ان عھدي تي فائز رهيو[3]. پي ايل او جون ڪاروايون ھن اردن مان جاري رکيون پر سيپٽمبر 1970[2] ۾ اردن جي شاھ حسين جي حڪومت انھن کي نيڪالي ڏني جنھن بعد ھي لبنان منتقل ٿي اتان اسرائيل جي خلاف ڪاروايون شروع ڪيون[4]. 1980واري ڏھاڪي ۾ آگسٽ 1982[2] ۾ شام سان اختلافن سبب پي ايل او کي لبنان مان بہ نڪرڻو پيو جنھن بعد پي ايل او جو صدرمقام تيونس منتقل ٿيو[2] ۽ پوءِ ھن ڊسمبر 1987[2] ۾ اولھندي ڪناري ۽ غزا واري پٽي ۾ انتفادہ واري تحريڪ شروع ڪئي[4]. ان تحريڪ دوران حماس جنم ورتو جيڪا الفتح سان سياسي مقابلي ۾ اچي وئي[2]. 1988 ۾ ھن گڏيل قومن ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته تڪرار ۾ شامل سڀئي ڌريون امن سان رھي سگھن ٿيون[4]. اھڙي طرح ان اعلان سان امن طرف پيشقدمي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ 1993 ۾ اوسلو وارو معاھدو عمل ۾ آيو جنھن سان فلسطين نيشنل اٿارٽي جو قيام ٿيو[4]. اولھندي ڪناري ۽ غزا جي پٽي تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام لاء ٺھيل فلسطين نيشنل اٿارٽي جو صدر ۽ وزيراعظم پڻ رهيو[3].ھن جي وفات کان اڳ واري پوئين زندگي ۾ ھن جي سياسي حيثيت ڪمزور ٿي وئي ۽ حماس تنظيم فلسطيني ماڻھن م زور پڪتو[3]. سن 2000ع ۾ ٻين انتفادہ تحريڪ جي شروعات جي ڪري[4] اسرائيل ھن جي چرپر تي فوجي پابندي رکي کيس رمله واري صدر مقام تائين محدود رکيو ھو پر آخر ۾ کيس علاج خاطر پيرس وڃڻ جي اجازت ڏئي جتي وفات ڪيائين[3].چاليھ سال فلسطين کان جلاوطن رھيو ۽ 1994 ۾ فلسطين نيشنل اٿارٽي قائم ٿيڻ سان ھي فلسطين ۾ واپس اچي رھيو. ھن جي زندگي خطرن سان ڀرپور رھي. اسرائيل ھن تي ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻہ حملا ڪيا ۽ ھميشه ھي بچندو رھيو. ھن 1991 ۾ ميڊرڊ ڪانفرنس ۾ اسرائيل سان خودمختيار فلسطيني حڪومت جي قيام لاء معاھدو ڪيو[4] ۽ 2000 ۾ ڪيمپ ڊيوڊ سمٽ ۾ پڻ شريڪ ٿيو[4].

شادي ۽ اولاد سنواريو

ھن سوھا نالي ھڪ عورت سان شادي ڪئي جنھن جو عربي ۾ نالو سھي عرفات آھي. جنھن مان کيس ھڪ ڌيءُ پڻ آهي. جيڪي ھن وقت فرانس ۾ رھندڙ آھن.

اعزاز سنواريو

1994 ۾ ھي امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ٽن شخصيتن ۾ شامل ھيو. ٻيا ٻہ اسرائيلي صدر اسحاق رابن ۽ وزير خارجه شمعون پيرز ھيا. کين وچ اوڀر م امن جي لاء ڪردار ادا ڪرڻ تي اھو انعام مليو. [5] انھن کي 1993 ۾ ناروي جي شھر اوسلو ۾ فلسطينن اسرائيل عبوري امن معاھدي تي صحيحون ڪرڻ جي ڪري اھو انعام مليو[3].

وفات سنواريو

آڪٽوبر 2004ع ۾ کيس فلو جھڙي بيماري ٿي پئي ھن پيرس ۾ ھڪ اسپتال ۾ 11 نومبر 2004 ۾ وفات ڪئي جتان سندس مڙھ جھاز رستي قاھرہ آندو ويو جتي ان جو رياستي سربراھ جي حيثيت ۾ جنازي جي تقريب ڪئي وئي جنھن بعد کيس 12 نومبر تي رمله ۾ دفن ڪيو ويو[3]. نومبر 2013 ۾ سوئيٽزرلينڊ جي محققن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ظاھر ٿيو تہ سندس موت جو سبب زھر قرار ڏنو . ياسر جي زال سوھا عرفات پڻ سندس قتل جو الزام لڳايو. روس جي تحقيقاتي ٽيم جاچ بعد رپورٽ ڏني تہ ان جو موت طبعي ھيو[4]. کيس مخصوص تابوت ۾ دفن ڪيو ويو تہ جيئن فلسطين جي آزادي بعد سندس مڙھ کي اوڀر يروشلم ۾ دفن ڪرڻ لاء منتقل ڪري سگھجي. ھن جي قاھرہ واري جنازي ۾ ملڪن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي.

حوالا سنواريو

  1. Yasser Arafat – NNDB
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 -https://www.britannica.com/biography/Yasser-Arafat
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 58,59,
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 Yaser Arafat - biography.com-
  5. NobelPrize.org, "Yasser Arafat"; retrieved 2012-9-19.