يار محمد ڪلهوڙو

سنڌ ۾ ڪلھوڙن دور جو پھريون حڪمران

ميان يار محمد ڪلهوڙو انگريزي (Yar Muhammad Kalhoro) سنڌ ۾ ڪلھوڙن جو دور جو پهريون ليکيو ويندڙ حڪمران، پنهنجي ڀاءُ ميان دين محمد ڪلهوڙو کان پوءِ 1701ع ۾ ميانوال تحريڪ ۽ ڪلهوڙا خاندان جي ورثي جو گادي نشين ٿيو. اٽڪل 1799ع ۾ ان وقت جي ملتان جي گورنر معزالدين ڪلهوڙن جي مرڪزي ڳوٺ ڳاڙهيءَ تي حملو ڪيو. گاج ندي ڪناري تي وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ ٻنهي پاسي جا جنرل ماريا ويا.[1] ميان دين محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو ۽ ملتان جيل ۾ ماريو ويو. ميان يار محمد ڪلهوڙو زيدي رستي قلات بلوچستان هليو ويو.[2] ڪجهه عرصي کانپوءِ اٽڪل 1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو بلوچستان کان واپس منڇر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ سانوه (موجوده ساوڙو، جوهي تعلقو) کان ٿيندي قيصر پنهور کان ڳوٺ سامتاڻي کسي, ڳوٺ ڳاها ( هاڻ جوهي تعلقو) ۾ ويهي ميانوال تحريڪ کي سرگرم ڪيائين شڪارپور پنهورڪِي (هاڻ خدا آباد)، مرکپور ( هاڻ دادو شهر جو محلو) ۽ فتحپور جا ڳوٺ قبضي ۾ آندائين. جھوڪ شريف جي جنگ کان پوءِ مغل سلطنت جي پرواني ۽ خدايار خان جي لقب ملڻ بعد شڪارپور پنهورڪِي جو نالو خدا آباد رکي ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائين.[3] هن اٽڪل 1701ع کان 1719ع تائين حڪومت ڪئي.[4]

ميان يار محمد ڪلھوڙي جو خدا آباد ۾ واقع مقبرو

حوالا سنواريو