وڪثوريہ ڪراس (انگريزي: Victoria Cross ) The Victoria Cross جنھن کي VC پڻ لکندا آهن ، برطانيا جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز آهي جيڪو بھادري جي وڏي ڪارنامي تي ڏنو ويندو آهي جيڪو دشمن آڏو سرانجام ڏنو ويو ھجي. اھو موت کان پوءِ بہ ڏنو ويندو آهي. شروع ۾ برطانوي دولت مشترڪه جي ملڪن ۾ بہ ڏنو ويندو ھو جتي ھاڻي ٻيا اعزاز قائم ٿي چڪا آهن ۽ برطانوي اعزاز ھاڻي بند ٿي ويا آھن. ھي اعزاز شھرين کي بہ ملي سگھي ٿو پر 1879 کان وٺي اڃان ڪنھن بہ شھرن کي نہ مليو آهي. 1857 ۾ پھريون اعزاز راڻي وڪٽوريا عطا ڪيو ھو. تقريبن ٻہ ڀاڱي ٽي اعزاز شاھي سربراھ پاران خود ڏنا ويا آهن جن جي تقريب بڪنگهم محل ۾ ٿيندي آھي. ھي اعزاز 29 جنوري 1856 ۾ راڻي وڪٽوريا ڪرائيميا واري جنگ دوران متعارف ڪرايو ۽ ان ڏينھن کان وٺي 1358 ڄڻن کي ملي چڪو آهي 1355 ڄڻن پاڻ ورتو.

وڪٽوريا ڪراس
وڪٽوريا تمغو
A bronze cross pattée bearing the crown of Saint Edward surmounted by a lion with the inscription FOR VALOUR. A crimson ribbon is attached
تمغي جو سامھون وارو پاسو؛ تمغي جي ڏوري يا پٽي ڏيڍ انچي ويڪري تيز ڳاڙهي رنگ جي (نيري رنگ واري نيوي جي اوارڊن لاءِ 1856 کان 1918 تائين )
پاران عطا ڪيل
برطانوي شاھي سربراھ
قسم فوجي اعزاز
اهليت برطانوي بري، بحري ۽ ھوائي فوج جي ھر عھدي جي فوجي، برطانوي ڪالوني ، علائقن، برطانوي دولت مشترڪه وارن ملڪن جي فوجين، مرچنٽ نيوي ۽ اتي ڪم ڪندڙ حڪمن تي عمل ڪندڙ شھرين کي ملي سگھي ٿو.[1]
عطا براءِ "...سڀ کان نمايان بھادري يا ڪنھن جرئتمندانہ يا دليري وارو يا انتھائي فرض شناسي وارو عمل جيڪو دشمن جي سامهون ڪيو وڃي. "[2]
موجوده حالت اڃان تائين جاري
تفصيل تمغو ڪراس پيٽي (Cross pattée) جي نموني ڪانسي جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن ۾ تاج ۽ شينھن ٺھيل آھن ۽ لفظ بھادري لاء لکيل ھوندا آھن.
Clasps بھادري جي وڌيڪ ڪارنامن تي پٽيون اعزاز طور عطا ڪري سگھجن ٿيون
مخفف VC
شماريات
شروعات 29 جنوري 1856
پهرين ڀيرو 26 جنوري 1857
ڪل عطا ڪيل 1,358
ماڻيندڙ 1,355
پائڻ جو آرڊر
مٿاهون (اڳوڻو) ڪو به نه
ڪمتر (اڳيون) جارج ڪراس [3]

ربن واري پٽي



ٻئي ڀيري اعزاز واري پٽي

حوالا سنواريو

  1. Special Army Order 65 of 1961, paragraph 6.
  2. "Military Honours and Awards". Defence Internet. UK Ministry of Defence. وقت 27 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 January 2007. 
  3. سانچو:London Gazette