وڪيپيڊيا:سبق (ڪٿي ڇا آهي)

ابتدا ڪريو!   اوڙو
پاڙو
  تحرير
ڪريو
  شڪل
صورت
  شڪل
صورت
  ڳنڍڻو
سازي
  ڳالهه
ٻولهه
  داخلا
رڪنيت
  وڌيڪ
معلومات
   

مُک صفحو

انگريزي جي هوم پيج کي سنڌيءَ ۾ مُک صفحو چئبو آهي۔ ان مک صفحي تي توهنا کي انيڪ اهم صفحن جا ڳنڍڻا يا رابطا (لنڪس) ملي ويندا. توهان کي کپي ته مک صفحو تي موجود انهن تمام ڳنڍڻن کي هڪٻئي پويان ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪري ڏسو ته ڪنهن ڳنڍڻي ۾ ڪهڙو صفحو کلي اڇي ٿو. ان ريت ڪرڻ سان توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا سان گهڻي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ويندي
سڀ لان مٿي ساڄي ڪنڊ تي توهان کي جيڪو لوگو نظر اچي پيو ان کي سنڌي ۾ اشارو چيو ويندو آهي جنهن جي هيٺ توهان کي ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر) جي دريءَ جي ساڄي ڪناري تي هڪ فهرست نظر ايندي جنهن کي انگريزيءَ ۾ رائٽ مينيو ۽ سنڌيءَ ۾ ساڄو خانو چئبو۔ مک صفحو تي ان ساڄي خانو ۾ توهان کي 5 عدد خانا نظر ايندا۔
سڀ کان مٿي ۽ شارہ جي بلڪل هيٺ جيڪو خانو آهي ان ۾ سڀ کان مٿي مک صفحو تي ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪريو توهان ڪنهن به صفحي کان واپس مک صفحو تي اچي سگهو ٿا. ان کانپوءِ اڳئيون خانو کي ڏسو جنهن جو نالو تعامل آهي، ان ۾ هڪ اهم ترين ڳنڍڻو----- ديوان عام ----- جو نظر ايندو، ديوان عام جي صفحي تي اچي تمام ساٿي هڪٻئي سان ڳاله ٻوله ڪندا آهن. ديوان عام جي هيٺ ----- تازيون تبديليون ----- جو ، هي پڻ تمام اهم ڳنڍڻو آهي ۽ ان تي ٺِرڪ (ڪلڪ) ڪري توهان وڪيپيڊيا ۾ ٿيندڙ تمام تازيون تبديليون جو جائزو وٺي سگهو ٿا ، جن ۾ اڄ ڪهڙو نئون مضمون شامل ٿيو ۽ ڪهڙن مضمونن ۾ ترميمون ۽ سنوار (واڌارو ٿيو)ڪيو ويو ۽ ڪنهن ڪنهن ساٿيءَ اٺ جي ڪم ۾ حصو ورتو.
ان جي هيٺ خاني ۾ توهان کي ٻيا منصوبا ، طباعت/برآمدگي، اوزار ۽ ٻين ٻولين، وغيرہ جي نالي سان خانو نظر ايندو جن جي باري ۾ تفصيل هن سبق (ٽيوٽرال) ۾ اڳتي ايندي رهندي۔
اهڙي ريت توهان هڪ هڪ ڪري پنهنجي سهولت جي مطابق تمام ڳنڍڻن کي ڏسو ته جيئن توهان جي اوپرائي پري ٿي سگهي ۽ توهان جي ذهن ۾ خاڪو اچي ته توهان ڪهڙي ڳنڍڻي ۽ ڪهڙي صفحي کان ڪهڙو فائدو کڻي سگهو ٿا۔


اڳيون قدم: اچو! لکڻ سکون >>