وڪيپيڊيا:خودڪار ترميم خلاصا

خودڪار طريقي سان ترميمي خلاصا ڪيترن ئي ڪمن لاءِ ميڊياوڪي سافٽويئر سان بڻايا ويندا آهن.هي خلاصا تازيون تبديليون، صفحي جي سنواح ۽ ڀاڱيدارين جي فهرست ۾ ڏيکاءُ ڏيندا، جيسيتائين توهان پاڻ پنهنجي خلاصو ترميم نه ڏيندا۔

جيڪڏنهن ڪوئي واپرائيندڙ ترميم جو خلاصو ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته خودڪار ترميمي خلاصو پنج مختلف عملن (ڪمن) جي لاءِ خلاصو فراهم ڪري ڏيندو:

  • صفحو خالي ڪرڻ تي
  • پوري صفحي کي ڪنهن ٻئي مواد سان تبديلي ڪرڻ تي
  • نئون صفحو بڻائڻ تي (خلاصو ۾ مضمون جي پهرئين 200 لفظ نظر ايندا)
  • ترميم رد يا ريڊاريڪٽ ڪرڻ تي