وڪيپيڊيا:بهترين مضمون جو معيار

اختصار:
WP:FA
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد

هڪ بهترين مضمون، بهترين ڪم، لکڻ جي معيار ۽ حوالن جي لحاظ کان هڪ مڪمل مضمون هوندو آهي. وڪيپيڊيا جي پاليسين کان سواءِ هيٺيان شرط بهترين مضمون لاءِ ضروري آهن.

  1. اهي شرط هي آهن—
    1. سٺو لکيل هجي: مضمون جي لکت فني حوالي سان بهترين هجي؛
    2. جامع هجي: مضمون جي حوالي سان ڪو به تاريخي يا اهم واقعو رهيل نه هجي؛
    3. تحقيق ڪيل هجي: سٺي نموني مضمون جي حوالي سان ڇڊڇاڻ ڪيل هجي، جتي ڪا وڏي دعوا ڪيل هجي اها مستند حوالن سان قابل تصديق هجي ۽ جتي مناسب هجي، اتي هر سٽ ۾ حوالو هجڻ ضروري آهي؛
    4. غيرجانبدار: مضمون ۾ غيرجانبداري جو خيال رکيو وڃي ۽؛
    5. مستقل: مضمون کي واپرائيندڙ جلد جلد تبديل نه ڪندا هجن ۽ مضمون هر روز تبديل ٿيندڙ واقعن جي متعلق نه هجي.
  2. مضمون نموني دستي جي اصولن کان سواءِ هيٺين معيار تي پورو لهندڙ هجي—
    1. ديباچو: مضمون ۾ سڀ کان مٿي ديباچو شامل هجي، جنهن ۾ سٺي مضمون جو مختصر احوال پيش ڪيل هجي، وڌيڪ ڄاڻ مطلوبه سيڪشن ۾ ڄاڻيل هجي.
    2. مناسب بناوت: مضمون جي بناوٽ مناسب هجي، ۽؛
    3. متوازن حوالا: هر سٽ ۾ مناسب جاءِ تي حوالن جو اندراج ڪيو وڃي جيئن (<ref>سمٿ 2007، ص. 1.</ref>) يا هارورڊ حوالن جيان (سمٿ، 2007 ص. 1)— حوالن واري سانچي جي ضرورت ناهي.
  3. تصويرون' /مضمون ۾ مناسب تصويرن جو هجڻ ضوري آهي.
  4. ڊيگھ مضمون ۾ گھربل ۽ اهميت واري ڄاڻ جو هجڻ ضوري آهي، نامناسب ديگھ کان پاسو ڪيو.

وڌيڪ ڏسو سنواريو

  • Smith, Jane (2007). The Book of Examples. New York: Best Publishers, Inc.