وڪيپيڊيا

گهڻ لساني ڄاڻ چيڪلو

وڪيپيڊيا(Wikipedia) (اچار /ˌwɪkiˈpiːdi.ə/ يا /ˌwiki-/) (تلفظ: Listeni/ˌwɪkɨˈpdiə/ or Listeni/ˌwɪkiˈpdiə/ WIK-i-PEE-dee-ə) ويب آڌاريل گھڻ لساني کليل مواد ڄاڻَ چيڪلو آهي.

विकीपीडियाوڪيپيڊيا
Wikipedia
A white sphere made of large jigsaw pieces, with letters from several alphabets shown on the pieces
Wikipedia wordmark
وڪيپيڊيا لوگو
سائيٽ جو قِسمُ
Internet encyclopedia
۾ موجود 288 editions[1]
مکيه دفتر
ڌڻي وڪيميڊيا فائونڊيشن
جي رچنا جيمي ويلز, Larry Sanger[2]
يوآرايل wikipedia.org
تجارتي No
رجسٽريشن Optional[notes 1]
يوزرز 36 active editors[notes 2] and 18,387 registered editors
۾ لکيل لينڪس A M پي ايڇ پي platform[3]

تاريخ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا جي تاريخ

هيءُ ڄاڻ چيڪلو دنيا جي 253 ٻولين ۾ ڀاڱيوارائي طور رضاڪار لکي رهيا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اڪثر مقالا کليل مواد آهن، جن کي ڪو به ترميمي سگھي ٿو. هيءَ رٿا بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ وڪيذريعات پيڙهڪا هلائي رهي آهي. جيڪڏهن وڪيپيڊيا يُوزر کي ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر)، سمارٽ فون، انٽرنيٽ ڪنيڪشن، ۽ هڪ ويب جھانگُوءَ جي سهوليت ميسر آهي تہ هُو وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود صفحن کي سنواري سگھي ٿو ۽ نوان صفحا پڻ متعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪي پڻ کليل مواد تصور ڪيا ويندا. ھِن رِٿا جو بُنياد جنوري 15، 2001ع، تي رکيو ويو، ۽ اڄ وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي موجود وڏي ۾ وڏو، تڪڙي ۾ تڪڙو وڌندڙ ۽ مقبول ترين عام حواليه ڄاڻ جو خزانو آهي. نومبر 2007ع تائين، وڪيپيڊيا تي 253 ٻولين ۾ 91 لک مضمون لکجي چڪا هئا. انگريزي وڪيپيڊيا سيپٽمبر 9، 2007ع تي 20 لک مضمونن جو حدف پورو ڪيو. پنهنجي وڌندڙ مقبوليت باعث، هن وقت وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي گھڻي ۾ گھڻو گُھمجندڙ 10 ويب سائيٽن ۾ شمار ٿي ٿِي.
وڪيپيڊيا جو مواد کليل هُئڻ ڪري، ان جي قابل اعتبار ۽ تز هئڻ تي سوال اُٿاريا ويندا رهيا آهن. وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو مرڪز واندائپ آهي، جنهن جو نشانو وڪيپيڊيا ٿي سگھي ٿي؛ جنهن ۾ بي معنيٰ ۽ بي مقصد اکر يا جملا وجھڻ، غير درست ڄاڻ رکڻ، جانبداريءَ تي ٻڌل ڄاڻ رکڻ، وغيره وغيره شامل آهن. تجربو ٻڌائي ٿو تہ واندائپ تمام ننڍو مُدو رهي سگھندي آهي.
وڪيپيڊيا جي سنڌي ورزن، سنڌي وڪيچيڪلو جو بُنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وِڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 16,414' مضمون لکجي چڪا آهن.

Jimmy Wales and Larry Sanger
 
Wikipedia originally developed from another encyclopedia project, Nupedia

پڻ ڏسندا

خارجي ڳنڍڻا

  1. Kiss, Jemima; Gibbs, Samuel (August 6, 2014). "Wikipedia boss Lila Tretikov: 'Glasnost taught me much about freedom of information". The Guardian. http://www.theguardian.com/technology/2014/aug/06/wikipedia-lila-tretikov-glasnost-freedom-of-information. Retrieved August 21, 2014. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Sidener
  3. Roger Chapman. "Top 40 Website Programming Languages". roadchap.com. حاصل ڪيل September 6, 2011. 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Alexa siteinfo

حواشِي


حوالي جي چڪ: "notes" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="notes"/> نہ مليو