ول ڊيورانٽ

آمريڪي تاريخدان، فلاسافر ۽ ليکڪ

ول ڊيورانٽ تاريخ کي فلسفي جي شاخن ۽ فڪر جي مختلف سانچن اندر بيان ڪرڻ بدرآن تاريخ جي وهڪري کي آزاد ڇڏيو آهي. ول ڊيورانٽ فلسفي جي ڪڙاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ ان ۾ ادبي ميٺاج وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ول ڊيورانٽ بنيادي طور تي تاريخدان ۽ تهذيبن جي علم جو ڄاڻو ۽ ماهر هو، تنهن ڪري هن فلسفي جي تاريخ کي اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي جو فلسفي جو شاگرد نه هجڻ جي باوجود به ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ڏي ٿو. تحقيق ڪندڙ، ول ڊيورانٽ جي فلسفي جي آکاڻي (Story of Philosophy) کي ادبي رنگ ۾ هجڻ جي ڪري حوالي طور استعمال نه ٿا ڪن، پر ادبي رنگ ۾ فلسفي جي تاريخ کي پيش ڪرڻ تي داد ضرور ڏين ٿا. هيءُ ڪتاب فلسفي جي روايتي زبان ۾ نه هجڻ ۽ فلسفياڻي ڏکين اصطلاحن کان آجو هئڻ جي ڪري ڏاڍو مشهور آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. داستانِ فلسفه جي نالي سان اردو ۾ پڻ ڇاپجي ٿي چڪو آهي. [1][2]