وسنڌارا سرنيٽ

سياسي سائنسدان ۽ ليکڪا

وسنڌارا سرنيٽ (جنم 17 ڊسمبر 1979) ڀارتي ليکڪا، صحافي ۽ سياسي سائنسدان آهي. هن جي کوجنا شعبن ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جي روڪ، هندستان ۾ متحرڪ باغي گروپ، صنفي انصاف، ۽ سماجي ڏاڍائي ۽ تشدد شامل آهن.[1] هيءَ دي پولِس پروجيڪٽ جي باني آهي ۽ هلندڙ دور جي سياسي مسئلن تي اونهائي سان نظر رکندي آهي. هن ڪشميري ڪراسروڊز (Kashmirs Crossroads) ۽ ڀارت جي نيڪسلائٽ، نيپال جي مائو واد ۽ پاڪستان جي طالبان: ڏکڻ ايشيا ۾ فڪري بغاوت جهڙا مقالا لکيا آهن. پلواما جي حملي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هيو تہ هيءَ بي جي پي جي پروپيگينڊا مشين آهي، پڻ سندس ناميارو مقالو آهي. فڪري ۽ ذهني بغاوت، جنسيت ۽ سياست تي لکڻ وسنڌارا جي اهم وِندُرَ آهي.[2][3]

وسنونڌارا سرنيٽ
Chief Coordinator of Research at The Hindu Centre for Politics and Public Policy
عهدو سنڀاليو
2013 — 2017
Director of Research at The Polis Project
عهدو سنڀاليو
2018 کان.
ذاتي تفصيل
پيدائش سيپٽمبر 1979 (عمر 44 سال)
انبالا ڪينٽ, هريانا
تعليم يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا
مادر علمي دهلي يونيورسٽي، جواهر لال نهرو يونيورسٽي
ڪرت سياسي سائنسداں, صحافي, ليکڪ

جنم ۽ اڀياس سنواريو

وسنڌارا سرنيٽ 17 سيپٽمبر 1979 تي امبالا ڪينٽ، هرياڻا ۾ جنم ورتو. هن سنڊيا ڪنيا ودياليا گواليار منجهان پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ دهلي يونيورسٽي جي ليڊي شري رام ڪاليج منجهان صحافت ۾ بي۔اي ڪيائين. تنهنکانپوءِ جواهر لال نهرو يونيورسٽي منجهان پوليٽيڪل سائنس ۾ پروفيسر زويا حسن جي پُٺڀَرائي ۾ ايم۔ اي ۽ ايم۔فل جي ڊگري کي پُورو ڪرڻ کانپوءِ وسنڌارا سرنيٽ پي۔ايڇ۔ڊي ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ڏانهن اڀياس ڪرڻ وئي ۽ پي۔ايڇ۔ڊي جو مقالو لکي رهي آهي.[4][5][6]

ڪيريئر سنواريو

وسنڌارا 2013 کان 2017 تائين دي هندو سينٽر فار پوليٽڪس اينڊ پبلڪ پاليسي جي ريسيرچ۔ڪوآرڊينيٽر رهي.[7][8] 2018 ۾ سچترا وجاين، عاصم رفيقي ۽ فرينسيسڪا ريشيا سان گڏجي دي پولس پروجيڪٽ جي بنياد وڌي.[9][10][11] سرنيٽ دي پولس پروجيڪٽ جي ريسرچ ڊائريڪٽر آهي.[12][13]

لکڻيون سنواريو

سرنيت ننڍوکنڊ هندستان جي سياسي مُنجهيل مسئلن تي ڪيترن ئي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سندس معروف مقالا ۽ رسالا هيٺِئين ريت آهن:[14][15][16][17]

  1. ڪشميري ڪراسروڊز (انگلش: Kashmir’s Crossroads: Self Rule, Indian Integration, and Party Politics)
  2. ڀارت جا نيڪسلائٽ، نيپال جا مائو وادي ۽ پاڪستان جا طالبان: ڏکڻ ايشيا ۾ فڪري بغاوت (انگلش: The Naxalites of India, Maoists of Nepal and Taliban of Pakistan: Ideological Insurgencies in South Asia)
  3. آر ايس ايس ۽ شهريت، ڀارت ۾ مسلم اقليت سُڃاڻپ جي اڏاوت (انگلش: The RSS and Citizenship: The Construction of the Muslim Minority Identity in India)
  4. اسٽوڊنس ورسز اسٽيٽ: ميگهاليا ۾ يورينيئم مائيننگ جي سياست (انگلش: Students versus the State: The politics of uranium mining in Meghalaya)
  5. پلواما کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جو اظهار تہ هي بي جي پي جي پروپيگينڊا مشين آهي. (انگلش:After Pulwama, the Indian Media Proves it is the BJP's Propaganda Machine)
  6. سُٺا قانون، بُڇڙي امپلمينٽيشن (انگلش: Good laws, bad implementation)
  7. بغاوت کي مُنهن ڏيڻ: ڀارت جي حڪمت عملي (انگلش: Countering Insurgency: Strategies of the Indian State)
  8. رياستي يادگيري جو مظاهرو: ميزورام ۽ ڇتيس ڳڙھ ۾ قبيلائي سياست ۽ بغاوت جو پويان ڀارتي مهم (انگلش: Demonstrating State-Memory: The Politics of 'Tribe' and India's Counterinsurgency Campaigns in Mizoram and Chhattisgarh

رسالو مضمون سنواريو

  • (2014) پوزيشنالٽي، ذاتي جوکو ۽ سلامتي اڀياس کوجنا ۾ نارين جي همدردي، پي ايس پوليٽيڪل سائنس ۽ سياست.[18]
  • (2009) شاگرد مقابلو رياست: ميگاليا ۾ يورينيم مائننگ جي سياست ۽ اڪانامڪ ايئنڊ پوليٽيڪل ويڪلي.[18]

سياسي وِيچَارَ سنواريو

ڀارت کان ٻاهر رهندڙ ڀارتي (معروف اين۔آر۔آءِ) جيڪڏهن اهو سمجهن ٿا تہ کين سدائين بچايو ويندو جيسيتائين تہ هو اَڇي بالادستي واري نظام جا حمايتي بڻيل رهندا، تہ معذرت سان هو ڀُليل آهن.[19] پلواما حملو، 2019 تي پنهنجي کوجنا مضمون ۾ وسنڌارا ڀارتي ميڊيا کي بي جي پي جي پروپيگينڊا مشين چيو.

حوالا سنواريو

  1. "About". The Polis Project, Inc. حاصل ڪيل 2020-03-05. 
  2. "What are you supporting, NRI?". حاصل ڪيل 3 February 2020. 
  3. "Bibliography of Vasundhara Sirnate". scholar.google.co.in. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  4. "Profile of Vasundhara Sirnate". ThePolisProject. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  5. "Profile of Vasundhara Sirnate". The Hindu Center. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  6. "Critiquing The Sync Between Democracy And Liberalism". TheBookReviewIndia. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named book2
  8. "Kashmir's Crossroads Self Rule, Indian Integration, and Party Politics". ForeignAffairs.com. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  9. "Bhagat Singh Thind’s story is a harsh lesson for NRIs in US supporting CAA". ThePrint.in. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  10. Vasundhara Sirnate. "The soldier as state actor". TheHindu.com. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  11. Sumit Chaturvedi. "Crime and punishment". Himalmag.com. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  12. "The Death Penalty Ordinance Has No Leg to Stand On". TheWire.in. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  13. Suchitra Vijayan; Vasundhara Sirnate Drennan. "After Pulwama, the Indian media proves it is the BJP’s propaganda machine". WashingtonPost.com. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named women
  15. "Vasundhara Sirnate's research works". Research Gate. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  16. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named google2
  17. "Vasundhara Sirnate". Epw.in. حاصل ڪيل 2 February 2020. 
  18. 18.0 18.1 "Women Also Know Stuff". womenalsoknowstuff.com. حاصل ڪيل 2020-03-05. 
  19. https://thewire.in/rights/nri-support-caa-indian-americans

ٻاهريان ڳَنڍِڻَا سنواريو