بچاءُ جو وزير (پاڪستان)

پاڪستان جي بچاءُ وزيرن جي فهرست

وزير دفاع (انگريزي ٻولي: Minister of Defence) پاڪستان جي وفاقي وزارت دفاع جو سربراهه هوندو آهي، جيڪو پاڪستان فوج، پاڪستان هوائي فوج، پاڪستان بحري فوج جي لاءِ خدمتون پيش ڪندو آهي. وزير وزيراعظم جي ڪابينا جو حصو هوندو آهي، جنهن لاءِ لازمي آهي ته هو اسيمبلي جو رُڪن هجي.

وزير دفاع پاڪستان
عهديدار
پرويز خٽڪ

آگسٽ 20، 2018 کان
تجويز ڪندڙ وزيراعظم
مقرر ڪندڙ صدر
تشڪيل آگسٽ 14, 1947
اولين حامل لياقت علي خان
ويب سائيٽ www.mod.gov.pk

ملڪي تاريخ ۾، دفاع جو قلمدان اڪثر ملڪ جو سربراهه وزيراعظم يا صدر سنڀاليندو آهي. پهريون دفاعي وزير، جيڪو پاڪستان جو سربراهه نه هو، اهو جنرل ايوب خان هو، جيڪو پاڪستان جي فوج جو سپهه سالار هو. 1980ع کان پوءِ وزير دفاع خاص عهدن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، هن وقت وزيراعظم، وزير خزانه، پرڏيهي معاملن جي ويز ۽ گھرو ويز سميت دفاع جي وزير کي پڻ اهم سمجهيو ويندو آهي.

وزيرن جي فهرست سنواريو

تعداد وزير جو نالو عهدو سنڀاليائين عهدو ڇڏيائين
1 لياقت علي خان (1895-1951) 15 آگسٽ 1947 16 آڪٽوبر 1951
2 خواجا ناظم الدين (1894-1964) 24 آڪٽوبر 1951 17 اپريل 1953
3 محمد علي بوگره (1909-1963) 18 اپريل 1953 24 آڪٽوبر 1954
4 پ.ف جنرل ايوب خان (1907-1974) 25 آڪٽوبر 1954 11 آگسٽ 1955
5 چوڌري محمد علي (1905-1980) 12 آگسٽ 1955 12 سيپٽمبر 1956
6 حسين شهيد سهروردي (1892-1963) 13 سيپٽمبر 1956 18 آڪٽوبر 1957
7 ميان ممتاز دولتانه (1916-1995) 19 آڪٽوبر 1957 18 ڊسمبر 1957
8 فيروز خان نون (1893-1970)

نون وزيراعظم هو جڏهن اڪبر بگٽي دفاع جو مملڪتي وزير هو.[1]

19 ڊسمبر 1957 8 اپريل 1958
9 محمد ايوب کهڙو (1901-1980) 9 اپريل 1958 7 آڪٽوبر 1958
10 پ.ف محمد ايوب خان (1907-1974) 28 آڪٽوبر 1958 21 آڪٽوبر 1966
11 افضل رحمان خان (1921-2005) 22 آڪٽوبر 1966 5 اپريل 1969
12 پ.ف يحييٰ خان (1917-1980) 6 اپريل 1969 20 ڊسمبر 1971
13 ذوالفقار علي ڀٽو (1928-1979) 24 ڊسمبر 1971 5 جُولاءِ 1977
14 پ.ف محمد ضيا الحق(1924-1988) 14 جنوري 1978 27 آگسٽ 1978
15 مير علي احمد خان ٽالپر (؟) 28 آگسٽ 1978 26 فيبروري 1985
16 پ.ف محمد ضيا الحق (1924-1988) 27 فيبروري 1985 24 مارچ 1985
17 محمد خان جوڻيجو (1932-1993) 25 مارچ 1985 29 مئي 1988
ن محمود هارون (1920-2008) 9 جون 1988 1 ڊسمبر 1988
18 بينظير ڀٽو (1953-2007) 4 ڊسمبر 1988 6 آگسٽ 1990
19 غوث علي شاهه (1934-) 10 سيپٽمبر 1991 17 جُولاءِ 1993
20 آفتاب شهبان ميراڻي(؟) 19 آڪٽوبر 1993 5 نومبر 1996
ن شاهد حميد (؟) 6 نومبر 1996 17 فيبروري 1997
21 نواز شريف (1949-) 17 فيبروري 1997 12 آڪٽوبر 1999
22 پ.ف پرويز مشرف (1943-) 12 آڪٽوبر 1999 23 نومبر 2002
23 رائو سڪندر اقبال (1943-2010) 23 نومبر 2002 15 نومبر 2007
24 سليم عباس جيلاني (؟) 16 نومبر 2007 25 مارچ 2008
25 چوڌري احمد مختار (1946-) 31 مارچ 2008 3 جون 2012
26 نويد قمر (1955-) 4 جون 2012 15 مارچ 2013
27 مير هزار خان کوسو (1929-) 5 اپريل 2013 4 جون 2013
28 نواز شريف (1949–) 7 جون 2013 26 نومبر 2013
29 خواجا محمد آصف (1949–) 27 نومبر 2013 28 جوُلاءِ 2017
30 خرم دستگير خان (1970–) 4 آگسٽ 2017 31 مئي 2018
ن حسين هارون (1950–) 5 جون 2018 18 آگسث 2018
31 پرويز خٽڪ (1950–) 20 آگسٽ 2018 10 اپريل 2022
32 خواجا محمد آصف (جنم 1949) 19 اپريل 2022 هاڻوڪو عهديدار

ماتحت ڍانچو سنواريو

هيٺ وزير دفاع جي ماتحت عهديدار ڏيکاريل آهن.[2][3]

ڍانچو سنواريو

  • دفاعي وزير
    • مملڪتي وزير دفاع
    • پارلياماني سيڪريٽري دفاع
    • سيڪريٽري دفاع
      • نائب سيڪريٽري 1 (فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 1 (فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 3 (رابطو)
      • نائب سيڪريٽري 2 (هوائي فوج يا شهري ملازم)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 5 (بجٽ)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 7 (هوائي فو)
      • نائب سيڪريٽري 3 (بحري فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 2 (بحري فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 4 (انٽر سروس)

حوالا سنواريو

  1. "Nawab Bugti: maligned, but widely respected" (en ۾). DAWN.COM. 2006-08-28. https://www.dawn.com/news/207810. 
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-10-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-09 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-12-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-09