واٽس ايپ

ميسجنگ ايپ

سماجي رابطن جي مقبول ترين ويب سائيٽ فيس بڪ موبائل تي پيغام موڪلڻ جي مقبول ايپليڪيشن واٽس ايپ (WhatsApp) کي 19 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪري ڇڏيو آهي. واٽس ايپ هلندڙ دور جي نوجوانن ۾ مقبول ايپليڪيشن آهي ۽ هن جا 45 ڪروڙ استعمال ڪندڙ آهن.

واٽس ايپ جو لوگو

فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ پنهنجي هڪ بيان ۾ واٽس ايپ جي خدمتن کي سراهيندي انکي "ناقابلِ يقين حد تائين قابل قدر" قرار ڏنو آهي. هي فيس بڪ جي هيل تائين جي سڀ کان وڏي خريداري آهي. انکان پهرين فيس بڪ جو سڀ کان وڏو سودو 2012ء انسٽا گرام جي خريداري هيو جنهن جي لاء فيس بڪ هڪ ارب ڊالر ادا ڪيا هئا.
واٽس ايپ موبائل تي مختصر پیغام خرچ بچائيندي استعمال ڪندڙ کي انٽرنيٽ جي مدد سان پيغام موڪلڻ جي سهولت پهچائيندي آهي ۔ هن ڪمپني جو چوڻ آهي تہ ان وٽ روزانو ڏه لک نوان استعمال ڪندڙ رجسٽر ٿي رهيا آهن.
هن ايپليڪيشن جو هڪ مفت ورزن عام استعمال جي لاء دستياب آهي جڏهن تہ ڪاروباري ورزن ۾ استعمال ڪندڙن کان هڪ ڊالر سالانہ وصول ڪيو ويندو آهي. فيس بڪ ۽ واٽس ايپ جي وچ ۾ ٿيڻ واري معاهدي جي تحت فيس بڪ چار ارب ڊالر نقد ۽ ٻارنهن ارب ڊالر پنهنجي شيئر جي صورت م ادا ڪندو جڏهن تہ بعد ۾ ٽي ارب ڊالر شيئر جي صورت ۾ واٽس ايپ جي بانين ۽ ملازمن کي ڏنا ويندا. واٽس ايپ جي باني جين ڪوم فيس بڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو رڪن پڻ ٿي ويندو۔ هن معاهدي تي ڳالهائيندي هن چيو آهي تہ هو هن ڪمپني کي خودمختيار تريقي سان هلائڻ جو ارادو رکي ٿو.
هڪ بيان ۾ هن جو چوڻ هيو تہ "اسان مارڪ زڪربرگ ۽ فيس بڪ سان ڀائيواري جي خيال تي تمام پرجوش آهيون ۽ هن کي هڪ اعزاز تصور ڪريون ٿا." واٽس ایپ جي ڪل ملازمن جي تعداد 50 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي تہ هن جي خيال ۾ واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جي تعداد هڪ ارب ٿي سگهي ٿي.