وائوپئرٽي(واء-وپئرٽي)(انگريزي: viviparity) نسلي واڌ جو اھڙي طريقي جو نالو جنهن ۾ جاندار جسم اندر ئي انڊن کي ڦوڙي ٻچا جسم مان ڄڻيندا آهن. ايمبرئو (embryo) يا ڳڀ (ٻچو) مونث جاندار جي جسم اندر آني ۾ وڌندو آھي. ھي طريقو اووووائوپئرٽي (ovoviviparity) طريقي وانگر آھي. پر ھن ۾ آني ۾ ٻچو (embryo) اؤر (placenta) ذريعي ماء سان ڳنڍيل ھوندو آھي. وائوپئرٽي لاطيني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: وائوس vivus جنھن جي معنيَ آهي زندہ رھڻ ۽ پئريري parire ٻچو ڄڻڻ.[1]

ايفڊ(مھلو ڪٽنب جو جيت) وائوپئرٽي طريقي سان ٻچو ڄڻيندي. ان طريقي واري نسلي واڌ جيتن جي تمام گھٽ جنسن ۾ ٿيندي آھي
مرڪز ۾ ھڪ مئمل جاندار جي ٻچي (embryo) جي تصوير جنھن ۾ اؤر سان ڳنڍيل ڏيکاريل آھي جتان خوراڪ حاصل ڪندو آهي

جاندار جي نسلي واڌ جا پنج طريقا آهن.[2] انھن طريقن جو مدار والدين ۽ ڳڀيل بيضي (zygote) جي وچ ۾ تعلق جي بنياد تي ھوندو آھي. انھن پنجن مان ٻہ وائوپئرٽي کانسواءِ آھن جن ۾ جسم کان ٻاھر آني ۾ ڦرجڻ يا ڳڀجڻ (fertilisation) وارو اويلپئرٽي (ovuliparity) جو طريقو جيڪو اووپئرٽي پڻ سڏبو آهي پڻ شامل آھي جنھن ۾ جنھن ۾ پکين، ريڙهيون پائيندڙ جاندارن۽ مڇين جون جنسون ڳڀيل بيضي (zygote) کي آني جي صورت ۾ جسم کان ٻاھر ڪڍندا آهن جن ۾ زردي شامل ھوندي آھي.[3] اھو طريقو وائوپئرٽي طريقي کان مختلف ھوندو آھي ڇو تہ وائوپئرٽي طريقي ۾ مادي آني کي پيٽ ۾ رکي اندر آني مان ڦوڙي سڌوسنئون جسم مان ڄڻيندي آهي. وائوپئرٽي پيدائشي طريقي ۾ ڳڀيل بيضو (zygote) مونث جنس جي ڳڀ نالي (oviduct) ۾ وڌندو آھي ۽ آني جي خوراڪ رسائي واري طريقي يا اوفيجي (oophagy) يا اڊيلفوفيجي (adelphophagy) ذريعي ڳڀيل بيضي کي خوراڪ ملندي آهي. اڊيلفوفيجي واري طريقي ۾ ڪچو ٻچو يا ڳڀ (foetus) پنھنجي ڀاء يا ڀيڻ جي ڳڀيل بيضي (zygote) کي کائي خوراڪ حاصل ڪندو آهي. ايڊيلفوفيجي واري خوراڪ جو طريقو ماء جي پيٽ اندر ھم جنس خوري cannibalism جو ھڪ مثال آھي جيڪو وائوپئرٽي پيدائش جي نظام جو حصو آهي.خوراڪ جي ايڊيلفوفيجي وارو طريقو شارڪ ۽ ڪاري سليمينڊر ۾ لڌو وہو آهي. وائوپئرٽي جو سڀ کان وڏو طريقو اؤر (placenta) ذريعي خوراڪ جو آھي.اؤر ذريعي خوراڪ جو طريقو انسان جي پيدائشي سرشتي جو پڻ حصو آهي. اھو طريقو وڇن جي ڪجهه جنسن ۾ پڻ پيدا ٿي چڪو آهي [4] ڪاڪروچن ۾ پڻ اؤر وارو خوراڪ جو طريقو موجود آھي.[5][6]

حوالا سنواريو

  1. "viviparous (adj.)". Online Etymology Dictionary. حاصل ڪيل 6 April 2018. 
  2. Lodé, Thierry (2001). Les stratégies de reproduction des animaux (Reproduction strategies in the animal kingdom). Eds Dunod Sciences, Paris.
  3. Blackburn, D. G. (2000). Classification of the reproductive patterns of amniotes.:" Herpetological Monographs", 371-377.
  4. Capinera, John L., Encyclopedia of entomology. Springer Reference, 2008, p. 3311.
  5. Costa, James T., The Other Insect Societies. Belknap Press, 2006, p. 151.
  6. Newbern, E. "Mom Genes: This Cockroach Species' Live Births Are in Its DNA". LiveScience. Purch. حاصل ڪيل 2016-01-26.