وائجر 1 VOYAGER 1

وائجر اسپيس ڪرافٽ اسان کان ايترو پري وڃي چڪو آھي. جيڪڏھن اتان کان سج ڏي نهاريون ته آڪاش ۾ چمڪندڙ ھڪ ڌنڌلو ستاري وانگي نظر ايندو. وائجر1 جو ھي سفر ڪنھن خاص ستاري ڏانھن نہ آھي پوء به تقريبا 40000 چاليھ ھزار سال کان پوء 1.6 نوري سال پري موجود ستاري AC+793888 جي نالي جي ويجھي کان گذرندو. ھن ستاري جي خاص ڳالھ ھي آھي ته ھي 4،45،000 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڏانھن اچي پيو.

ھن مھل وائجر1 جي رفتار 61،400 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پڄي چڪي آھي. ان رفتار سان ھي 74،438 سالن کان پوء سج جي ويجھي ۾ ويجھي ستاري پروڪسيما سينچوري کي به پار ڪري ويندو. روشني جي رفتار حاصل ڪرڻ لاء ھن کي اڃان 17،522 سال لڳندا. وائجر1 ۽ ماھرين جي رابطي لاء ريڊيو سگنل ڪردار ادا ڪندا آھن. اسان جي نظام شمسي کي ڇڏي اونھي خلاء ۾ ويندڙ وائجر1 اھو پھريون خلائي مشن آھي جيڪو 21 ارب ڪلو ميٽر پري وڃي چڪو آھي.

توھان ان جو اندازو ان ڳالھ سان لڳائي سگھو ٿا ته سج جي روشني کي وائجر1 تائين پھچڻ ۾ 17 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. وائجر1 ڌرتيء کان ھر ڏينھن 14،73،600 ڪلو ميٽر پري وڃي ٿو. يعني ھر ڏينھن ھي چوڏنھن لک اٺھتر ھزار ڇھ سو ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪندو آھي. ھي مفاصلو زمين ۽ چنڊ جي مفاصلي کان چار ڀاڱا وڌيڪ آھي. زمين کان چنڊ 3،84،400 ڪلو ميٽر آھي.

وائجر1 جي رفتار سان جيڪڏھن سڄي زمين جو چڪر لڳايون ته صرف چاليھ منٽ لڳندا. جيتوڻيڪ ھن جي بيٽري ھاڻي ڪمزور ٿيندي وڃي پئي ۽ شايد 2025 تائين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. ان کان پوء وائجر1 خلاء جي وسعتن ۾ تيسين تائين سفر جاري رکندو جيسين ھن سان ڪو ٻيو جسم ٽڪرائجي نه وڃي. وائجر1 آگسٽ 2012 ء اونھي خلاء interstaller space ۾ داخل ٿي چڪو ھو . آسان لفظن ۾ چئجي ته ھو ستارن جي اڳڻ ۾ پھچي ويو.

جڏھن وائجر1 پنھنجو سفر شروع ڪيو ان وقت آئون پيدا به ڪو نه ٿيو ھو س ۽ ٿي سگھي ٿو ته توھان مان به ڪافي پيدا ڪونه ٿيا ھوندا جيتوڻيڪ تڏھن کان ھي خلائي مشين ھلندو پيو وڃي. ھن جي رفتار چيڪ ڪرڻ لاء ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا. ھلندڙ....

https://theskylive.com/voyager1-tracker

5 سيپٽمبر 1977ع تي تقريبا 40 سال اڳ لائونچ ڪيو ويو. ھن 18 سيپٽمبر 1977ع تي 11.66 ملين ڪلو ميٽرن کان زمين ۽ چنڊ جي گڏيل تصوير ورتي. 5 مارچ تي ھن مشتري Jupiter جون تصويرون موڪليائين. The Great Red Spot ڳاڙھو عظيم طوفان جيڪي زمين کان ٻيڻ وڏي آھي دريافت ڪيائين. جوپيٽر جي چنڊ Callisto پڻ دريافت ڪيائين ۽ مشتري جي چنڊ آء او IO جا جوالا مکي يعني آتش فشان ڏٺائين.

12 نومبر 1980ء تي زحل Saturn تي پھتو. سيٽرن جا چنڊ Tethys ۽ Dion دريافت ڪيائين. سيٽرن جي چنڊ Enceladus جو مشاھدو ڪيائين. سيٽرن جي چنڊ Titan کي بغور مشاھدي کان پوء ھن کي خلاء ۾ وڃڻ جا احڪام مليا. وائجر1 پنھنجو سفر جاري رکندي 15دسمبر 2004ء تائين ھن 14 بلين ڪلو ميٽرن جو سفر ڪيو.

22 آگسٽ 2012ء تائين 18.4 بلين ڪلو ميٽر يعني 123 اسٽرونوميڪل يونٽ سفر ڪيو جيڪي اسان جي نظام شمسي جي آخري حد خيال ڪيو وڃي ٿو. ھن پھريون شيء ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جنھن انساني تاريخ ۾ نظام شمسي کان ٻاھر قدم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ھي Interstellar space ۾ داخل ٿي ويو.

ھڪ گولي جي رفتار 0.76 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي . جڏھن ته وائجر1 جي رفتار 17. 2 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي. ھي 4 سيڪنڊ ۾ لاھور کان گجرانوالا 69 ڪلو ميٽر 15 سيڪنڊ ۾ لاھور کان اسلام آباد 259 ڪلو ميٽر 22 سيڪنڊ ۾ لاھور کان پشاور 377 ڪلو ميٽر 59 سيڪنڊ ۾ لاھور کان ڪراچي 1030 ڪلو ميٽر ڪراس ڪندو آھي. خلائي مخلوق جيڪڏھن ھن تائين پڄن ته انھن جي معلومات لاء ھن ۾ تصويرون وڊيو ۽ آڊيو پيغام ، موسيقي ، تھذيب رڪارڊر ۾ ڊيٽا رکي وئي جيئن ته اسان سان رابطو ڪري سگھن يا سمجھي وڃن ته ڪائنات ۾ ٻي به مخلوق آھي.

ھن رڪارڊر ۾ آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني ان وقت جي صدر جي آواز ۾ پيغام پڻ رڪارڊ ٿيل آھي. جيڪو ھن ريت آھي. اسان ھي پيغام ڪھڪشان ملڪي وي ڏانھن موڪلي رھيا آھيون. 200 بلين ستارن ۾ رھندڙ تھذيب وارن ڏانھن. جيڪڏھن ڪو تھذيب ھن وائجر کي ڏسي ۽ ان ۾ رڪارڊ ٿيل شيل کي سمجھي سگھي ته ، اسان جو پيغام انھن لاء ھي آھي، آئون ھڪ ننڍي علائقي جو صدر آھيان . ھي اسان جي آواز، سائنس، فوٽو، موسيقي، خيال، ۽ احساس توھان لاء تحفو آ ھي. ٿي سگھي ٿو ته اسان ھڪ ٻئي جي مدد ڪري سگھون ڪنھن مصيبت ۾. اسان سان ساٿ ڏيو. ......

ڊاڪٽر ڪارل ساگان جي گھرواري پنھنجي دماغ جون لھرون پڻ ان ۾ رکيو ته جيڪڏھن ڪنھن ترقي يافتہ تھذيب کي ھي ملي ته اسان جي سائنس کي سمجھن.

وائجر1 زمين سان رابطو قائم رکڻ لاء 3.7 ميٽر ڊگھي ھاءگين انٽينا استعمال ڪندو آھي . جنھن سان ھن جو پيغام روشني جي رفتار سان اسان تائين 18 ڪلاڪ ۽ 40 منٽن ۾ پڄي ٿو. زمين کان پڻ پيغام ھن تائين پڄڻ ۾ 18 ڪلاڪ 40 منٽ لڳن ٿا. جيڪڏھن ھي تباھ ٿئي ته اسان کي 19 ڪلاڪن کان پوء خبر پوندي.

ھن جا سگنل انتهائي ڪمزور زمين تي پڄندا آھن . جيڪي ھڪ 15 واٽ بلب جي 0.000,000,000,000,0001 حصي برابر. يعني زيرو بلب وائجر جي سگنل کان 150,000,000,000,000,000 وڌيڪ آھي.

ھي زمين کي 14.6 ڪلاڪن ۾ ھڪ MB ڊيٽا موڪليندو آھي. يعني في سيڪنڊ 160 بائيٽس ڊيٽا موڪليندو آھي. اڄ جو سڀني کان گھٽ نيٽ به 1 MB 10،48،576 بائيٽ في سيڪنڊ آھي. ھي 6554 فيصد وائجر کان تيز آھي.

ھن جي ميموري 69.63 kB آھي. ھن کان آء فون جي ميموري 240،948 فيصد وڌيڪ آھي.

ھڪ پندرنھن منٽ جي وڊيو کي سيو ڪرڻ لاء اسان کي 12،500 وائجرن جي ميموري درڪار ھوندي.

ھن جو ڊيٽا پروسيسنگ رفتار 81،000 instruction في سيڪنڊ آھي جڏھن ته آء فون 6 جي ڊيٽا پروسيسنگ 3،360،000،000 instruction في سيڪنڊ آھي. ھي 1 جنوري 2016 تي 20،100،000,000 ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪري چڪو ھو.