ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (نومبر 2018ع) جيڪڏهن ٻه چار مهينا لاڳيتو بُکي ڪتي کي هر دفعي گهنٽي وڄائڻ کان پوءِ کاڌو ڏنو وڃي، ته ڪتو پنهنجي بک جي پورائيءَ لاءِ پنهنجن حـِس کي گهنٽيءَ سان لاڳاپي وٺندو. ڪتو گهنٽيءَ جي آواز سان هري ويندو، جڏهن ته جيڪو ڪتو گهنٽيءَ جي آواز کان پوءِ کاڌي تي هريل نه هوندو، ان لاءِ لکين گهنٽيون به بيڪار آهن. گهنٽيءَ کان پوءِ کاڌو ملڻ تي هريل ڪتي ۾ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي کاڌي سان لاڳاپيل ردعمل ظاهر ٿي پوندو، وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندس، جنهن مخصوص جاءِ تي ويهي کاڌو کائيندڙ هوندو اتي وڃي ويهندو ۽ کاڌي جو اوسيئڙو ڪندو. ڪتي جي دماغ ۾ کاڌي ۽ گهنٽيءَ جي وچ ۾ هڪ عارضي ناتو جڙي وڃي ٿو، جنهن هيٺ اهو گهنٽيءَ جي آواز کي کاڌي اچڻ جو اشاري يا معنا طور وٺي ٿو. هيءُ مشروط ردعمل آهي. اهڙن ردعملن جي بنياد تي ئي هڪ جانور پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخصوص ماحول سان وڌيڪ سٺي نموني ٺهڪائي ٿو. حقيقت جي اولڙي جي هيءَ صورت پنهنجين اڳوڻين صورتن يعني سادڙي جانور جيان سڄي جسم جو ردعمل ظاهر ڪرڻ ۽ تنتي سرشتو رکندڙ جانور جي گڻ کان مشروط حسي ردعمل کان ڌار قسم جو آهي. هن نئين صورت ۾ حقيقت جو اولڙو نفسي يا نفسياتي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جانور جي دماغ ۾ مشروط ردعمل وسيلي ڪنهن مخصوص لقاءَ يا شيءِ جو عڪس، تصور، خاڪو، اولڙو ٺهي پوي ٿو. جيڪو ان لقاءَ يا شيءِ جي اڻ موجودگيءَ ۾ به جانور جي دماغ تي اهو ساڳيو ئي ردعمل طاري ڪري ٿو، جيڪو موجود هوندي ڪري سگهيو پئي. وڌيڪ اهم ۽ بنيادي مشروط ردعمل هوري هوري عارضي يا ٿوري مدي وارن مان ڦري پڪا پختا ٿي پوندا آهن. هن عمل ۾ هڪ ڌاري شيءِ جو اولڙو به مضبوط ٿئي ٿو يعني گهنٽيءَ جو. گهنٽي کاڌي اچڻ جي اشاري سان ڳنڍيل آهي. اشارن جا اهڙا سوين نمونا ٺهن ٿا، جن کي اشارن جو سرشتو، يا اشارن جو پهريون سرشتو چئجي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31