هيلن ڪيلر

عورتن جي ووٽ جو حق، مزدور حق، سوشلزم، ۽ عسڪريت پسندي مخالف (اينٽي ملٽرئزم) امريڪي ليکڪا ۽ سياسي ڪارڪن؛ پهرين ٻوڙي-نابين ماڻهو جنهن هڪ ڪاليج ج

هيلن ڪيلر (انگريزي ٻولي: Helen Adams Keller) آمريڪا جي رياست اتر الاباما جي ٽسڪومبيا نالي ڳوٺ ۾ 27 جون 1880ع جنم ورتو. سندس والد آٿر ايڇ ڪيلر دفاعي فوج ۾ ڪيپٽن هو. ٻيئن سالن جي عمر ۾ ننڍڙي هيلن سخت بيمار ٿي پئي. جنهن ۾ هوءَ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺي. علاج لاءِ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ويو. ليڪن سندس طبيعت ۾ ڪا خاص بهتري ڪونہ آئي. ليڪن جڏهن هوءَ ستن سالن جي ٿي ته هن جي زندگي اچانڪ تبديل ٿي وئي. هيلن جي والد هڪ عورت مس سيلوان کي پنهنجي نابين ٻارڙي جي سنڀال لاءِ چيو. جنهن هيلن کي سيکارڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن هوء هيلن کي درياهه جي ڪناري تي وٺي وئي. ۽ هن جو هٿ پاڻي ۾ وڌو پوءِ آهستي آهستي واري تي لفظ پاڻي لکيائين. هن هيلن کان آها مشق ڪيترائي دفعا ڪرائي. جنهن سان هيلن سکيو ته لفظ پاڻي ڪيئن لکجي. آهستي آهستي هن هيلن کي جبلن، درياهن، تاريخ ۽ جاگرافي بابت سيکاريو.

Helen Keller
A woman with full dark hair and wearing a long dark dress, her face in partial profile, sits in a simple wooden chair. A locket hangs from a slender chain around her neck; in her hands is a magnolia, its large white flower surrounded by dark leaves.
Helen Keller holding a magnolia, ca. 1920
پيدائش Helen Adams Keller
جون 27 1880(1880-06-27)
Tuscumbia, Alabama, U.S.
وفات جون 1, 1968 (عمر 87 سال)
Arcan Ridge, Easton, Connecticut, U.S.
مدفون Washington National Cathedral
ڌنڌو Author, political activist, lecturer
تعليم Harvard University (BA)
مُکيه ڪم The Story of My Life

دستخط

جڏهن هوءَ اٺن سالن جي ٿي ته هن کي اسڪول موڪليو ويو. هن کان وسري ويو هو ته ڪيئن ڳالهائجي. پر استادن هن جي مدد ڪئي. هو هيلن جو هٿ پنهنجي چپن تي رکندي هئي. هيلن کي چپن جي چرپر محسوس ڪرائيندي هئي. هيلن اهڙيون ڪيتريون ئي مشقون ڪيون.

آخر ڏهن سالن جي ڄمار ۾ هيلن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي هن ڪتاب پڙهڻ سکيا. اهي ڪتاب اڀريل نقطن سان ڇپيل هوندا هئا.

هوء ڪاليج ۽ پوءِ هارورڊ يونيورسٽي وئي. هن يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي.

هن پنهنجي سڄي ڄمار انڌن ۽ ٻوڙن انسانن جي خدمت ڪندي گذاري. هي عظيم عورت 1 جون 1968ع وفات ڪري وئي. پر اڄ تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس حياتي جي احوال کي نصابي ڪتابن ۾ سبق طور پڙهايو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت June 29, 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل June 29, 2019