هَرُ انگريزي (Plough) هر زمين کيڙڻ لاءِ هڪ قسم جو ڪاٺ جو ٺهيل اوزار آهي جيڪو پوري دنيا ۾ استعمال هيٺ رهيو. هَرُ کي ڪي هل به ڪوٺين ٿا جيڪوسرائيڪي ٻولي ۾ آهي. قديم زماني کان سنڌ ۾ ڪاٺ جا اهي هَرُ زمين کيڙڻ ۾ ڪم ايندا رهيا آهن جنهن ۾ ڏاند جوٽبا آهن. ڪن علائقن ۾ اُٺ يا ٻيا جانور به هر ڪاهڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. هر جا ٻه مکيه حصا ٿيندا آهن. هڪ هَرُ يا مُٺئي وارو حصو ۽ ٻيو هريھ وارو حصو. پهرئين حصي جي مٿيئين حصي ۾ مُٺيو هوندو آهي ۽ هيٺئين حصي ۾ سوراخ هوندو آهي جنهن کي اوڳ چئبو آهي.اوڳ ۾ لوھ جو گهوٻو پوندو آهي جيڪو زمين کيڙيندو آهي.هريھ اوڳ جي مٿان سوراخ ۾ پوندي آهي. هريھ جي ڇيڙي ۾ سوراخ هوندا آهن جنهن ۾ ڪلِي پوندي آهي. اُن ڪِلِي ۾پاڃاري ڦاسندي آهي. پاڃاري ۾ وري جانور جوٽبا آهن.[1][2]

هَرُ ڪاهڻ

حوالا سنواريو