هانگ ڪانگ جي منتقلي

هانگ ڪانگ جي منتقلي (انگريزي: Handover of Hong Kong) (يا صرف منتقلي) جنهن کي چين ۾ واپسي چيو وڃي ٿو، اها هانگ ڪانگ جي خودمختياري برطانيا کان چين جي طرف منتقل ڪرڻ کي چيو ويندو آهي، منتقلي واري تقريب 30 جون 1997ع تي منعقد ٿي. ڪانگ ڪانگ جيڪي هانگ ڪانگ ٻيٺ ۽ ڪولون اپٻيٽ تي مشتمل علائقا هئا، اهي 1842 ۽ 1860ع تي برطانيا جي قبضي هيٺ آيا، ۽ نوان علائقا جيڪي 99 سال جي ليز تي ورتا ويا. اها ليز 30 جون 1997ع تي پوري ٿي، ۽ ان منتقلي واري تقريب سان هانگ ڪانگ مٿان برطانوي اثر ختم ٿيو.

برطانيا 1842ع تي هانگ ڪانگ ٻيٽ، 1869ع تي ڪولون اپٻيٽ، ۽ 1898ع تي نوان علائقا پنهنجي قبضي ۾ ورتا هئا.

حوالا سنواريو