نيو ڪلاسيڪيت (Neo-Classic) ڪلاسيڪل روايتن جي تجديد ڪندڙ. هي هڪ تحريڪ هئي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل فن تعمير ۽ هٿرادو هنر سان جوڙيل فن وغيره جي ٻيهر جياپي کي ورجايو ويو. هيءَ تحريڪ 1750 کان 19 صديءَ تائين جاري رهي. يورپ جي اڪثر ٻولين ۽ ادب ۾ ان تحريڪ ڪلاسيڪي ادب جي روايتن کي ٻيهر جيارڻ لاءِ ڪي اصول ۽ قاعدا مقرر ڪيا جن جي ڪري اعليٰ ادب پيدا ٿيو پر گهڻو وقت ان تي عمل ڪرڻ سان ادب ۾ هڪ قسم جو ورجاءُ، مصنوعيت طاري ٿي وئي، جنهن جي ڪري فطري ۽ اصلوڪي اظهار ۾ رنڊڪ پئي، نتيجي طور ليکڪن بغاوت ڪئي ۽ فطرت ڏانهن موٽ جي نعري سان رومانويت جي لاڙي کي آندو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان قسم جو ادب فارسي ڪلاسيڪي روايت کي زنده رکڻ وارن شاعرن وڏي عرصي تائين لکيو، جنهن ۾ فارسي لفظ، اصطلاح، تشبيهون، منظر ۽ ماحول ضروري سمجهيا ويند اهئا. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.