نهج البلاغه (عربي ٻولي ۾ نهج البلاغه,انگريزي ۾ Peak of Eloquence) اهو ڪتاب آهي جنهن جي فصاحت ۽ بلاغت هر اهل علم و ذوق وٽ عيان آهي جيڪو هڪ طرف خدا جي ڪلام کان هيٺ آهي ته وري ٻئي طرف بشرجي ڪلام جو سردار ڇو جو ئي امير المومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جو ڪلام آهي انهي ڪري ڪنهن اديب ڪيڏو نه بجا فرمايو آهي ته ” ڪلام الامير امير الڪلام“ ته امير جو ڪلام ،ڪلام جو امير آهي

نهج البلاغه جو گڏ ٿيڻ سنواريو

نهج البلاغه کي مشهور شیعہ عالم دين معروف اديب سيد رضي الدين المعروف به(شريف رضي ۽ ذوالحسبين) چوٿين صدي هجريءَ ۾ گڏ ڪيو، سيد رضي عليه الرحمة هن ڪتاب جي تاليف جو سبب ٻڌائيندي نهج البلاغه جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ” مون ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ چاهيم ته ائمه معصومين عليه السلام جي شان ۾ هڪ ڪتاب لکان جنهن۾سندن فضيلتن ۽ بي بها قولن تي مشتمل بهترين روايتون گڏ ڪيان زندگيءَ جي مشغلن ۽ مصروفيتن ۾مون کي فقط ايتري فرصت ملي جو فقط مولا علي عليه السلام جي زندگيءِ ۽ فضائل لکي سگهان ۽ وڌيڪ ڪجهه لکڻ جي مهل نه ملي سگهي،مولا علي عليه السلام جي باري ۾ لکيل ڪتاب کي مختلف بابن ۾ تقسيم ڪيو هيم،جڏهن ته آخري باب ۾ سندن مختصر قول آندا هئم،۽ سندن ڊگهن خطبن ۽ خطن کي ان ۾ جاءِ ڏئي نه سگهيس،جڏهن ڪجهه دوستن کي ڪتاب ڏيکاريم ته کين ڪتاب ڏاڍو وڻيو خاص ڪري آخري باب ، جنهن تي مون کان گهر ڪيائون ته هڪ اهڙو ڪتاب لکان جنهن ۾ مولا علي عليه السلام جا تمام ننڍا وڏا خطبا، مختلف خط، نصيحت ۽ حڪمت ڀريا ٻول ۽ اقوال سهيڙيل هجن“ ” [2]“ مون سندن ڏنل صلاح کي پسند ڪيو ۽ هيءُ ڪتاب لکيم ،ڇو جو ڄاڻان پيو ته اهڙو ڪتاب واقعا هڪ لاجواب ۽ هميشه رهڻ وارو علمي ذخيرو هوندو ۽ بي بها اجر لکڻ واري جو نصيب ٿيندو “(ڏسو مقدمه نهج البلاغه تاليف سيد رضي)

نهج البلاغه جي تقسيم سنواريو

سيد رضي هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيوآهي جنهن مان پهريون حصو مولا علي عليه السلام جي خطبن تي ٻيو حصو سندن لکيل خطن تي جڏهن ته آخري حصي م مولا علي السلام کان نقل ٿيل مختصر حڪمت ڀرئي اقوال کي جاءِ ڏني وئي آهي.

نالي رکڻ جي وجه سنواريو

سيد رضي عليه الرحمة هن ڪتا ب جو نالو نهج البلاغه رکيو جنهن جي علت ٻڌائندي مقدمي ۾ لکن ٿا ” هن ڪتاب جو نالو نهج البلاغه رکيم (بلاغت جي راهه) ڇو جو هي ڪتاب پڙهڻ وارن جي اڳيان بلاغت جا دروازا کولي ٿو ڇڏي، ۽ بلاغت جي شيدائن جي راهه ويجهي ڪري ٿي “ هيءُ ڪتاب نه فقط هڪ ادبي خزانو آهي بلڪه علم،و معر فت توحيد و عرفان۽ حڪمت ۽ برهان، سنت ۽ قرآن جو پڻ اڻ کٽ درياءُ آهي جيڪو ،علم جي آتن جي پياس اجهائي ٿو ۽ دلين کي نور ۽ ايمان ،علم۽ عرفان سان منور ڪري ٿو

جورج جرداق جو نظريو سنواريو

مشهور مسيحي دانشمند جورج جرداق چوي ٿو” امام علي ع جي ڪلام منهنجي اندر ۾ اهڙو ته سوق ۽ هيجان پيدا ڪيو جو مون هن وقت تان 200 دفعا نهج البلاغه جو مطالعو ڪيو آهي

نرسي سيان جو نظريو سنواريو

هڪ ٻيو ميسحي دانشمند نرسي سيان جيڪو بغداد ۾ برطانيه جو سفير ٿي رهيو آهي چوي ٿو،” نهج البلاغه هر عربي سخن ۽ ڪلام تي ترجيح رکي ٿو ................جيڪڏهن ان ڪلام جي چوڻ وارو غظمت ڀريو وجود اڄ ڪوفي جي مسجد ۾ منبر تي جلوه افروز ٿئي ها ته مسلمان ڏسن ها ،ته ڪوفي جي اها ايتري وڏي مسجد علي عليه السلام جي اڻ کٽ دانش جي حاصل ڪرڻ لاءِ مغربي ماڻهن جي وجود سان پر ٿي وڃي ها

محمد عبد ربّه جو نظريو سنواريو

مصر جو مشهور مفتي ۽ اهل سنت جو معروف عالم دين ۽ الازهر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهندڙ عالم محمد عبد ربّه نهج البلاغه تي هڪ مختصر شرح لکي آهي جنهن جي مقدمي نهج البلاغه جي عظمت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو ” اتفاقا هن کي لڌم هي ڪتاب منهنجي لاءِ روح جي تسڪين ۽دل جي شادماني ۽ غمن جي دور ٿيڻ جو سبب بڻيو،هن ڪتاب جا جڏهن ورق اٿلايان ٿو ته اهڙين حڪمت ڀرئي عبارتن تي نظر پوي ٿي جو پڙهي حيرت ٿئي ٿي ته ان شخص جو ڪلام آهي جيڪو مسلسل جنگ ۽ جهاد ۾ مشغول هئو ،قتل وغارت،ڪشت وڪشتار وارن دل دهلائيندڙ حالتن ۾ رهندڙ شخص جي زبان تان جاري ٿيون آهن ....(اڳتي هلي لکي ٿو) ...... سيد رضي هن ڪتاب جو نالو نهج البلاغه رکيو، جيڪو تمام بحق ۽ بجا اهي ،مان هن بهترين ۽ ارزشمند ڪتاب لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو نالو ڳولي نه سگهيس جيڪو اسم با مسمى هجي “.

ترجمو ء تشريح سنواريو

هن ڪتاب جا ڪيترين ئي ٻولين ۾ بلا تعداد ترجما ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سون جي تعداد ۾ شرحون لکجي چڪيون آهن جن مان چڱو ڀلو تعداد اهلک سنت سان وابسته محققن جو آهي،جن مان 40 شرحن جا نالا آيت الله هبت الله شهرستانيءَ پنهنجي ڪتاب (پيرامون نهج البلاغه ) ۾ لکيا آهن[1]

انگريزي ٻولي ۾ سنواريو

  • English Translation of Nahj al-Balaghah
  • Nahj al-Balaghah / Peak of Eloquence. 3rd ed. Trans. Sayed ‘Ali Reza. Elmhurst: Tahrike Tarsile, 1984.
  • Nahj al-Balaghah. Ed. Muhyi al-Din ‘Abd al-Hamid with commentary from al-Shaykh Muhammad ‘Abduh. 3 vols. al-Qahirah: Matba‘at al-Istiqamah, n.d.

فرينچ زبان ۾ سنواريو

  • La voie de l’éloquence. Ed. Sayyid ‘Attia Abul Naga. Trans. Samih ‘Atef El Zein et al. 2nd ed. Qum: Ansariyan, n.d

جرمني زبان ۾ سنواريو

  • Pfad der Eloquenz (in zwei Bänden). Trans. Fatima Özoguz. Bremen: Eslamica, 2007.

پولش زبان ۾ سنواريو

  • Nahdż al-Balagha. Trans. Sheikh Arkadiusz Miernik. Al-Mahdi Institute, 2012.

حوالو سنواريو

نهج البلاغه جو تعارف[مئل ڳنڍڻو]

حوالا سنواريو