نم (انگريزي ٻولي: Neem Tree) گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. هن کي هندي (اردوءَ) ۾ نيم چون ٿا. هن کي بنگالي ٻولي ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ وانگر (নিম) نم ئي چيو وڃي ٿو. هن کي ملئي ٻولي ممبو (Mambu) ۽ سومالي ٻوليءَ (Geed Hindi) سڏيو وڃي ٿو. هن جو ناباتاتي نالو ازيدراکتا انڊڪا ( Azadirachta indica) آهي. [1]

نم
ازيدراکتا انڊڪا ( نم جي وڻ جا),گل ۽ پن
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): راسڊس
ترتيب: سپينڊيلز
خاندان: ميلياسيئاء
نسل: ازيدراکتا
جنس: اي. انڊڪا
حياتياتي نالو
ازيدراکتا انڊڪا

بڪائن جھڙو وڻ۔ بڪائن وانگر گھاٽي ڇانو رکي ٿو. ھي وڻ بڪائڻ وانگر صرف ڇانو جي خاطر ھر دلعزيز نہ آھي بلڪہ ھن فائدا ٻيا بہ آھن۔ نم جو ميوو بہ بڪائن وانگر ھوندو آھي۔ ۽ ان کي نموري چون ٿا۔ جڏھن ھي پچڻ تي ايندو آھي تہ ھن ۾ مٺاڻ اچي ويندي آھي۔ ان ڪري ھن تي پکي مڙي پوندا آھن۔ ھي وڻ، بڙ وانگر چئني طرفن ۾ پکڙبو آھي۔ ھن جو ٿڙ بہ ٿلھو ھوندو آھي۔ جڏھن ھي وڻ پراڻو ٿي ويندو آھي تہ ان مان ھڪ قسم جي رس خارج ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي۔ جيڪا نھايت مٺي ھوندي آھي۔ ماڻھو ان کي جمع ڪري بطور خوراک استعمال ڪندا آھن۔ ھن جا پن بہ طبي خاصيتون رکن ٿيون۔ ھن جي جوشاندي ۾ وھنجڻ سان خارس ختم ٿي ويندي آھي۔ زخمن تي بہ ٻڌا ويندا آھن۔ ھي بھترين جراثيم ڪش وڻ آھي۔ ۽ جراثيم مارڻ ۾ استعمال ٿيندو آھي۔ جوشاندو معدي کي بہ درست ڪندو آھي۔ رت کي صاف ڪندو آھي۔ پر ڪوڙو ضرور ھوندو آھي ھن جي ڪاٺي بڪائن کان مضبوط ٿيندي آھي. جيڪڏھن تختن مان صندق ٺاھي ڪري ڪپڙا رکيا وڃن تہ ان کي جيت نٿو لڳي۔ ھن جي ٽام مان ڏندڻ بہ ٺاھيا وڃن ٿا جيڪي پڻ ڏندن کي جيت لڳڻ کان بچائن ٿا.

نم جو وڻ۔

ھن وڻ جا پن بڪائن وانگر ڌاري دار ھوندا آھن پر ھڪ رخ کان ٿورو ڦاٽل ھوندا آھن ۽ بڪائن جي پتوں جي خلاف گوشن ۾ نڪري ايندا آھن۔ جنھن سان ھي وڻ پري کان سڃاڻي سگھجي ٿو۔ ھي وڻ طبي خاصيتن جي لحاظ کان ڏاڍو فائديمند آھي ۽ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ بخوبي پوکيو وڃي ٿو۔

راجھستان ۾ نم جو وڻ

استعمال سنواريو

روايتي طور تي نم جو استعمال مختلف بيمارين کان بچڻ ۽ انھن جي علاج جي لاءِ بہ ڪيو وڃي ٿو۔ ٻارن ۾ بخار يا چيچڪ جھڙي بيماري جي صورت ۾ نم جا پن انھن جي بستري تي وڇايا ويندا آھن.

خارس، تيزابيت، ۽ سورائسس جھڙي بيماري ۾ نم کي کل تي لڳائڻ سان آرام ملندو آھي ۽ اوٻاري ڪري پيئڻ سان اسھال جي مريض کي فائدو ٿيندو آھي۔

نم جي ڇانو جو گرمي پد ٻين وڻن جي ڇانو کان گھڻو گھٽ ھوندو آھي.

گرمين ۾ سياري جي ڪپڙن کي جيتن کان بچائڻ جي لاءِ نم جي پنن کي ڪپڙي ۾ رکيو ويندو آھي۔ خشڪ سالي جي سبب جن علائقن ۾ چارو پيدا نہ ٿيدو آھي اتي جانور نم جا پن کائيندا آھن ۽ نموري مان عمده قدرتي ڀاڻ ٺاھيو ويندو آھي۔

نم جو سڀ کان وڏو ۽ عام استعمال ڏندڻ جي طور تي ٿيندو آھي۔

جديد سائنٽفڪ دريافت جي مطابق نم جي کل مان نڪرندڙ تيل تمام اھم ھوندو آھي ۽ ان ۾ موجود ڪجهه زھريلن مادن جو استعمال فنگس جي لاءِ ڏاڍو فائديمند ھوندو آھي۔

پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي اھو پھريون سائنسدان آھي، جيڪل نم جي وڻ مان جيت مار، ڦپوندي جش، ۽ بيڪٽيريا مارڻ وارا جزا ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ 1942ع ۾ ھن نم جي تيل مان ٽي مرڪب نمب-ين، نمب-نين ۽ نمب-دين تيار ڪيا۔ ھي مرڪب نم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ملن ٿا۔

هن جو شمار انهن وڻن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي. هن کي انساني آبادين ۾ تمام گهڻي چاهه سان پوکيو وڃي ٿو، ٿر جي اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجهه شهرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبهوا ، ۽ زميني حساب سان مختلف قسم موجود آهن.

نم جو وڻ پڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. مينهنَ جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي. تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گهم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي. انهي ڪري پنن مان گهربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگهندا آهن. انهي سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي. جنهن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽ پن ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن. [2]

ٿر ۾ نم جو وڻ سنواريو

ننگرپارڪر شهر ۾ نم جا وڻ جام آهن. بهار جي موسم ۾ نمن ۾ اڇي رنگ جو ٻُور ٿيندو آهي، جنهن کي ”نينٻوجهر“ چون، جو ڪيترين بيمارين لاءِ دوا طور ڪم اچي. روزانو گهوٽي پيئڻ سان هفتي کن اندر جهونو تپ لهيو وڃي. ان مان نموريون ٿين، پچڻ تي ٻار ان کي گُٽِڪا چون ۽ چونڊي ڳر چُوسي ٻج ڦٽا ڪن. پڪل نموريون پکي به لائين، خاص ڪري ڪانءُ، بلبل ۽ هُڙيا ته نمورين جا شوقين آهن[3].. ننڍا ٻار رس ڀريل نموريون لاهي، ٺڪر جي دکي ۾ ڪاٺين جي رک وجهي اُن ۾ گڏي پال وجهن. ٽن- چئن ڏينهن ۾ پچيو پون، جي ڪڍي خوشيءَ سان چُوسين. ان جي ٻج کي به نموريون چون. ننگرپارڪر ڏي نمورين کي پيڙهي ان مان تيل ڪڍندا آهن، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ڪيترن مرضن جو علاج آهي. تيل سان ڀريل شيشا ۽ نموريون وڪري لاءِ موڪليون وينديون آهن ۽ ڪيترا ماڻهو، جي قسمت سان اتي ويندا آهن، سي موٽڻ وقت نمورين جي تيل جو شيشو ضرور پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ننڍا ٻار وڻن هيٺان نموريون چونڊي ايندا آهن جي زالون گهوٽي تيل سان ملائي مٿي جي وارن ۾ وجهن، جو جُوئن جي مارڻ ۽ وارن جي وڌائڻ لاءِ اڪسير آهن. نم جا پن به بلڪل ڪمائتا آهن. جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم ايندا آهن. اناج ۾ وجهي رکبا ته جيت وغيره نه لڳندو. نم جو ڏندڻ هڪ سُٺي سئي آهي. ويشنو ماڻهو روزانو نم جو ڏندڻ ڪندا آهن. ڪيترا سنڌي ڪامورا شوق ڪري ڳوٺ وڃڻ وقت ججهي انداز ۾ ڏندڻ پاڻ سان کڻي ويندا آهن. واڻيا ۽ ٻانڀڻ ڪيترا ڏندڻ پٽي گهر ۾ رکي ڇڏيندا آهن. روزانو شام جو سڪل ڏندڻ پاڻيءَ جي دلي يا ٿانءُ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. صبح تائين نرم ٿي ويندو آهي، جو ڪڍي ڪم آڻيندا آهن. ٿري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن جي ڀر، مال جي وٿاڻن ۾ نم جا وڻ پوکيندا آهن، هن جي ڇانو گهاٽي، آسائشي ۽ فرحتي ٿئي، جنهن هيٺ ماڻهو ۽ جانور ويهي آرام ڪندا آهن.[3]. نم جوڪاٺ مضبوط، جهالائو ۽ ڏاڍو ڪمائتو آهي. هن جو ٿڙ ٿلهو ٿئي. جو ڪَرٽ سان چيري، ان مان ڪم لائق ڪاٺ حاصل ڪبو آهي. اُن جي ڏارن ۽ ٽارين مان به ڪيترو ڪاٺ ملندو آهي، جنهن مان صندل، در، دريون، ٽپايون، ڪٻٽ تختا، جاين لاءِ ڪامون، کٽن لاءِ ايسون ۽ اُپرا ۽ ٻيون به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهندا آهن.[3].

تصويرون سنواريو

  1. Azadirachta indica - Wikipedia
  2. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-08-27 
  3. 3.0 3.1 3.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:پاڪستان جا وڻ