ھن سلسلي جو باني حضرت بھاؤ الدين نقشبندي بخاري رح آھي۔ جنهن 791ھ (1388ع) ۾ وفات ڪئي۔ ھي سلسلو سنڌ ۾ گهڻو پوءِ پهتو۔ سنڌ ۾ ھن سلسلي جو پھريون بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي آھي۔ جيڪو ٻارھين صدي ھجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو۔