نسيم ٿيٻو (انگريزي: Naseem Thebo؛ 1 اپريل 1948 - 19 مارچ 2012) هڪ تعليمي ماهر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ھئي.هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ اقتصاديات جي شعبي ۾ پروفيسر طور ڪم ڪيو. هوء هڪ بهترين استاد۽ ساک واري ڪهاڻيڪاره هئي[1] هن سنڌي ادب لاء گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون.هوءَ سنڌ جي نامياري سياستدان رسول بخش پليجي جي گھر واري هئي.

نسيم ٿيٻو
پيدائش 1 اپريل 1948ع
شڪارپورسنڌ, پاڪستان
وفات 19 مارچ 2012ع
ڪراچي
ڌنڌو ليکڪه • تعليمدان •
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي, ڄامشورو, پاڪستان.
موضوع اقتصاديات ,سنڌي ادب
مُکيه ڪم اُڀر چنڊ پس پرين , 2013
جيون ساٿي رسول بخش پليجو
اولاد انيتا پليجو، تانيہ پليجو

ننڍپڻ ۽ تعليم سنواريو

نسيم ٿيٻو جو جنم شڪارپور ۾ 1 اپريل 1940 ع تي ٿيو ۽ دادو ضلعي جي ڳوٺ ڳاڙهيءَ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو[2] مان اقتصاديات ۾ ايم اي جي سند حاصل ڪيائين.هن جي والد جو نالو مير عبدالباقي ٿيٻو هو. هن جي ماء بادام ناتوان پهرين سنڌي خاتون ناول نگار هئي.هن جي ڀيڻ بينظير ٿيٻو به اديبه هئي. هن جو ڀاء مير ٿيٻو هڪ ناميارو سياسي ڪارڪن ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ هو.

ادبي خدمتون سنواريو

هن کي لکڻ جو ڏانءُ پنهنجي والده بادام ناتوان وٽان ورثي ۾ مليو. جڏهن سندس پهرين ڪهاڻي ڳوڙهن جي ريکا شايع ٿي ان وقت پاڻ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي. ان بعد هن ڪيتريون ئي شاهڪار ڪهاڻيون لکيون جن ۾ ”گهايل ٿي گهاريان“، ”وڍي جن وڌياس“، ”مون جهيڙيندي ڇڏيا“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، رسندو ڀرجندو گهاءُ“ ۽ ”احساس جا چڪ“ خاص ذڪر جي لائق آهن. سندس ڪهاڻين جا اڪثر عنوان لطيف جي بيتن مان ورتل آهن. هن 25 جي لڳڀڳ ڪهاڻيون لکيون جيڪي ان وقت جي مشهور ادبي رسالن سوجهرو، برسات، هلچل ۽ مهراڻ وغيره ۾ ڇپيون[3]. سندس ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جا چٽا عڪس ملن ٿا. عورتن سان ٿيندڙ معاشرتي ڏاڍايون، زميندارن جا هارين تي ٿيندڙ ظلم۽ پوليس جون ارھ زورايون سندس ڪهاڻين جا موضوع آهن.

سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”اُڀر چنڊ پس پرين“ 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان دين محمد ڪلهوڙي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن مجموعي ۾ 15 ڪهاڻيون شامل آهن.

ذاتي زندگي سنواريو

نسيم ٿيٻو نامياري سنڌي سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر واري هئي. کيس ٻه ڌيئرون تانيا پليجو ۽ انيتا اعجاز هيون. تانيا پليجو پاڻ به هڪ سٺي ليکڪا آهي. انيتا مشهور ليکڪ ۽ ڪالمنگار اعجاز منگيءَ جي گهر واري آهي[4].

موت سنواريو

ھؤ 19 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري وئي.

حوالا سنواريو

  1. "Condolence Message – Acting VC Sindh University". naseemthebo. حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  2. Report, Bureau. "Services of Nasim Thebo remembered". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  3. "ٿيٻونسيم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-12. 
  4. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: نسيم ٿيٻو - ثمينه ميمڻ". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-05-12.