نانگا پربت(انگريزي: Nanga Parbat) پاڪستان جي انتظامي صوبي گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ واقع آهي ۽ دنيا جي نائين وڏي جابلو چوٽي آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 8126 ميٽر بلند آھي.[2] نانگا پربت سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معنیٰ آھي نانگو جبل[3][4][5] مقامي نالو ديامير اٿس جيڪو تبتي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني ھڪ وڏو جبل آھي [6]ھي جبل اٺ ھزاري جبلن ۾ شامل آھي يعني اٺ ھزار ميٽرن کان وڌيڪَ بلندي وارن جبلن ۾ آهي [7]

نانگا پربت

نانگا پربت خوبصورت چراگاھن مان نظر ايندڙ. ان کي قاتل جبل پڻ سڏيندا آهن
اوچي سطح
بلندي 8٬126 m (26٬660 ft) 
امتياز 4٬608 m (15٬118 ft) 
شمار ۾ 14ھين نمبر تي
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
فهرست اٺ ھزاري
وڌيڪ نمايان چوٽي وارو جبل
مقانيت
جاگرافي
نانگا پربت is located in Gilgit Baltistan
نانگا پربت
نانگا پربت is located in Pakistan
نانگا پربت
جڳهه گلگت بلتستان,  پاڪستان
نانگا پربت استور ضلعي جي اولھ ۽ ڏکڻ-اولھ طرف 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي[1]
مرڪزي جابلو قطار ھماليہ جبلن جي قطار
ڪوھ پيمائي
پھرين چڙھائي پھريون دفعو 3 جولاءِ 1953 تي ھرمين بوھل چوٽي تي چڙھيو (سیاري ۾ پھريون دفعو سائمن مورو، اليڪس ٽڪسيڪان ۽ علي صدپارہ 16 فبروري 2016 تي چڙھي سر ڪيو)
سولو رستو ديامير ضلعو (اولھ واري پاسي)

جاگرافيائي بيھڪ سنواريو

ھي جبل ھماليہ جبلن جي قطار جي اولھندي پاسي ۾ واقع آهي ۽ اولھ جي آخري ڇيڙي وارو اٺ ھزاري جبل آھي جيڪو درياء سنڌ جي ڏکڻ ۾ ديامر ضلعي ۾ واقع آھي.

ڪوھ پيمائي سنواريو

6 جولاءِ 1953ع ۾ نانگا پربت جي 26660 فٽ اوچي چوٽيءَ کي ھڪ اسٽروجرمن ڪوھ پيمائي واري مھم ۾ سر ڪيو.

حوالا سنواريو