ناصر الملڪ

پاڪستان جو ستون نگران وزيراعظم

ناصر الملڪ (انگريزي: Nasirul  Mulk پيدا ٿيو 17 آگسٽ 1950) پاڪستاني قانوندان آهي، جيڪو هن وقت پاڪستان جو نگران وزيراعظم پڻ آهي. هن پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي 22 هين چيف جسٽس طور خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون.[2] هن کي 6 جولاءِ 2014ع تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيف جسٽس مقرر ڪيو هو ۽ صدر پاڪستان ممنون حسين تائيد ڪئي.[3][4][5] 2013ع کان 2014ع تائين هي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو چيئرمن پڻ رهيو. [6]

ناصر الملڪ
Nasirul Mulk
پاڪستان جو وزيراعظم
(نگران)
عهدو سنڀاليو
1 جون 2018 – 17 آگسٽ 2018
صدر ممنون حسين
پيشرو شاهد خاقان عباسي
جانشين عمران خان (19هين وزير اعظم طور)
سپريم ڪورٽ جو ٻاويهون چيف جسٽس
عهدو سنڀاليو
6 جولاءِ 2014 – 16 آگسٽ 2015
مقرر بطرف ممنون حسين
پيشرو تصدق حسين جيلاني
جانشين جواد ايس. خواجه
ذاتي تفصيل
پيدائش 17 آگسٽ 1950
سوات ضلعو, خيبر پختونخواه, پاڪستان
شهريت پاڪستان
قوميت  پاڪستان
لاڳاپا شجاع الملڪ (ڀاءُ)
ماءُپيءُ ڪامران خان (والد)[1]
رهائش اسلام آباد, پاڪستان
مادر علمي پشاور يونيورسٽي

ناصر الملڪ 2004ع ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ مقرر ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ناصر الملڪ جو ڌيان انساني حقن واري ڪيسن ڏانهن وڌيڪ هو.[7] 

28 مئي 2018ع تي  ايندڙ چونڊن کان اڳ هن کي نگران وزير اعظم طور مقرر ڪيو ويو.[8]

آتم ڪٿا سنواريو

تعليم ۽ پسمنظر سنواريو

ناصر الملڪ خيبر پختونخواه جي علائقي سوات ۾ 17 آگسٽ 1950ع ۾ پيدا ٿيو.[9] هن جو تعلق هڪ سياسي گھراڻي سان هو، هن جو والد ڪامران خان پڻ سياستدان هو، جيڪو 1973ع کان 1977 تائين پاڪستان جي ايوان بالا (سينٽ) جو رڪن رهيو. [9]هن جو ننڍو ڀاءُ سراج الملڪ پڻ 2003ع کان 2009ع تائين ايوان بالا جو رڪن رهيو. هن جو چاچو، چاچا ڪريم بخش (بخش) هڪ مشهور سماجي ڪارڪن هو. هن جو هڪ رشتيدار رفيع الملڪ سوات جو ميئر پڻ رهيو.[9]

هن ڏهين ڪلاس جو امتحان هاءِ اسڪول سوات مان پاس ڪيو ۽ بي اي جي سند فنون لطيفا ۾ جهانزيب ڪاليج مان 1970ع ۾ حاصل ڪيائين.[10] هن ساڳي سال پشاور يونيورسٽي ۾ قانون جي تعليم لاءِ داخلا ورتي. ان دور ۾ يونيورسٽي جي استادن هن کي ”محنت ڪندڙ ۽ هوشيار نوجوان“ ڪوٺيو.[10]

1972ع ۾ هن قانون ۾ ايل ايل بي جي سند پشاور يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.[10] وڌيڪ تعليم لاءِ هيانگلينڊ جي انر ٽيمپل ويو جتيايل ايل ايم جو امتحان 1976ع ۾ پاس ڪيو.[11]

تعليمدان ۽ پيشيور سفر سنواريو

پاڪستان واپس اچڻ بعد، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هن قانون جي مشق شروع ڪئي. هن پشاور يونيورسٽي ۾ قانون جي پروفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.[10][3] هي پاڪستان انتظامي عملي ڪاليج (انگريزي: Pakistan Administrative Staff College) ۾ پڻ ليڪچر ڏيندو رهيو. هي پشاور يونيورسٽي ۾ قانون جي پروفيسر طور نالي واري شخصيت هو. 

هي 17 سالن تائين پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ قانوندان طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.[11] 1981ع ۾ هي پشاور هاءِ ڪورٽ بار جو جنرل سيڪريٽري چونديو ويو.[10] 1990 ۽ 93ع ۾ هي ٻه دفعا پشاور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر پڻ چونڊيو ويو.[11] 1993 کان 1994ع تائين هيخيبرپختون خواهه جي حڪومت جوايڊووڪيٽ جنرل پڻ مقرر ڪيو ويو.[3]

قانوندان طور خدمتون (1994 کان 2014) سنواريو

6 جون 1994ع تي هي پشاور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. جتي هي 2004ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.[10] 31 جولاءِ 2004ع تي گورنر خيبرپختون خواهه جي تجويز تي هن کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. 2005ع ۾ هي سپريم ڪورٽ ويو.[11][12]

وزير اعظم پاڪستان (نگران) سنواريو

شاهد خاقان عباسي، آگسٽ 2007ع تي نواز شريف جي نااهلي بعدپاڪستان جو وزير اعظم مقرر ٿيو، ان پنهنجو مدو 31 مئي 2018ع تي پورو ڪيو. 28 مئي، حڪومت جي پنج سال پورا ٿيڻ کان ٽي ڏينهن اڳ، مخالف ڌر جي اڳواڻ، سيد خورشيد شاهه ۽ شاهد خاقان عباسي ناصر الملڪ کي نگران وزيراعظم بنائڻ جو فيصلو ڪيو.[13] صدارتي محل ۾ ناصر الملڪ پاڪستان جي ستين نگران وزيراعظم طور قسم کنيو کنيو.[14] پاڪستان تحريڪ انصاف پاران چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪيو ويو، جنهن 17 آگسٽ 2018ع تي 19هين وزير اعظم جي عهدي جو قسم کنيون.

ڪابينا سنواريو

5 جون 2018ع تي ناصر الملڪ هيٺ ڏيکاريل قائم مقام وزير مقرر ڪيا:[15]

ملڪ ڪابينا
شمشاد اختر وزارت ماليات ۽ مصوبابندي
حسين هارون وزير دفاع، دفاع ۽ بجاءِ واري ڊويزن
محمد اعظم خان گھرو وزارت
بريسٽر علي ظفر وزير قانون، انصاف
روشن خورشيد وزارت انساني حق ۽ سرحدي علائقا
محمد يوسف شيخ وزارت تعليم و صحت

حوالا سنواريو

  1. Iqbal, Nasir. "Profile: Justice Nasirul Mulk — a ‘democrat’ judge". dawn.com. حاصل ڪيل 31 May 2018. 
  2. "Profile: Justice (retd) Nasirul Mulk". geo.tv. حاصل ڪيل 31 May 2018. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Justice Nasir-ul-Mulk takes oath as new chief justice of Pakistan". Dawn. The Herald. حاصل ڪيل 6 July 2014. 
  4. "Justice Nasirul Mulk takes oath as 22nd Chief Justice of Pakistan". The Express Tribune. حاصل ڪيل 6 July 2014. 
  5. "Nasirul Mulk to take oath as new Pakistan chief justice on Sunday". IANS. news.biharprabha.com. حاصل ڪيل 5 July 2014. 
  6. Staff writer. "Chief Election Commission of Pakistan". Govt. Pakistan. Directorate of Press of the Election Commission of Pakistan. وقت 8 February 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 December 2013. 
  7. Taqi, Mohammad (19 January 2012). "NROs: yours, mine and ours". Daily Times, Pakistan. http://archives.dailytimes.com.pk/editorial/19-Jan-2012/comment-nros-yours-mine-and-ours-dr-mohammad-taqi. Retrieved 29 December 2013. 
  8. "Former CJP Nasirul Mulk to be caretaker PM" (en-US ۾). Dawn. 2018-05-28. https://www.dawn.com/news/1410523/former-cjp-nasirul-mulk-to-be-caretaker-pm. 
  9. 9.0 9.1 9.2 Khaliq, Fazal (5 July 2014). "Justice Nasirul Mulk: New CJ’s Swat connection spurs hope, excitement". Express Tribune. Express Tribune, F. Khaliq. http://tribune.com.pk/story/731357/justice-nasirul-mulk-new-cjs-swat-connection-spurs-hope-excitement/. Retrieved 17 April 2015. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 Our correspondent (7 July 2014). "Family, friends hope Justice Nasirul Mulk will uphold rule of law". News International. News International, 2014. http://www.thenews.com.pk/Todays-News-7-260313-Family-friends-hope-Justice-Nasirul-Mulk-will-uphold-rule-of-law.#sthash.PVPmNZ5q.dpuf. Retrieved 16 April 2015. 
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 Iqbal, Aamir (7 July 2014). "Nasir-ul-Mulk Takes Oath as Chief Justice of Pakistan". Newsweek Pakistan. Newsweek Pakistan, Iqbal. http://newsweekpakistan.com/nasir-ul-mulk-takes-oath-as-chief-justice-of-pakistan/. Retrieved 17 April 2015. 
  12. Bajwa, Nadeem (6 July 2014). "Justice Nasirul Mulk becomes new CJ of Supreme Court of Pakistan". Newsweek Pakistan. Newsweek Pakistan, Bajwa. http://www.newspakistan.pk/2014/07/06/justice-nasirul-mulk-cj-supreme-court-pakistan/. 
  13. "Former CJP Nasirul Mulk named as caretaker PM". Dawn. 28 May 2018. https://www.dawn.com/news/1410523. Retrieved 1 June 2018t. 
  14. "Justice (retd) Nasir-ul-Mulk takes oath as caretaker PM". Geo News. 1 June 2018. https://www.geo.tv/latest/197592-justice-retd-nasirul-mulk-to-take-oath-as-caretaker-prime-minister-today. Retrieved 1 June 2018. 
  15. "Six-member caretaker federal cabinet sworn in". www.geo.tv. حاصل ڪيل 8 June 2018. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو