نارائڻ هٽي پيليس ميوزيم

اصل ۾ هٽي پيليس ميوزيم، محل هو، جنهن ۾ نيپال جا بادشاهه رهندا هئا. پر هاڻي ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نارايڻ، وشنو جو هڪ نالو آهي ۽ هٽي معنا پاڻيءَ جو ڦوهارو يا نيسارو. اصل ۾ وشنو جو مندر ۽ اهو ڦوهارو ان محل جي ڀر ۾ موجود آهن. هي بادشاهه بريندرا بير بڪرم شاهه ديو جو محل هو.

ميوزيم ۾ مختلف هال ۽ ڪمرا سجايل هيا، جن ۾ ڪنهن ڪمري ۾ ٻاهرين حڪمرانن کي رهايو ويندو هو يا وري ڪنهن ڪمري ۾ ڪو معاهدو صحي ڪيو ويندو هو. بادشاهه، راڻي سان گڏ ٻارن جا بيڊ روم ته وري اسٽڊي روم به اهن، ان کان سواءِ لائبرري به آهي. هن ميوزيم ۾ رکيل ڪتابن مان گھڻو انگ بين الاقوامي سياست جي ڪتابن جو آهي. انهن ڪمرن ۾ اهو فرنيچر رکيو آهي، جيڪو استعمال ٿيندو هو.

اصلي محل 1885ع ۾ ٺهرايو ويو، پر وري 1943ع ۾ زلزلي اچڻ ڪري اهو ڊهي پيو، جنهن ۾ بادشاهه تريڀون جون ٻئي ڌيئرون به وفات ڪري ويون هيون. ان کان پوءِ وري نئين سر محل جي اڏاوت ڪئي وئي. ان کان سواءِ جنهن بلڊنگ ميوزيم موجود آهي، محل جو اهو حصو 1963ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1969ع ۾ پورو ٿيو.[1]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-09-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31