ناديه مراد باسي (انگريزي: Nadia Murad Basee، پيدائش: 1993ع)، جرمني ۾ رهندڙ عراق جي ڪردستاني انساني حقن جي ڪارڪن ۽ امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ يزيدي عورت آهي. هن کي داعش پاران اغوا ڪري ٽن مهينن تائين قيد ۾ رکيو ويو.[1] 2018ع ۾ ڊينس ماڪويج ۽ هن کي ”جنسي ڏاڍائي کي جنگين ۾ هٿيار طور استعمال ڪرڻ“ خلاف جدوجهد تي گڏيل طور امن جو نوبل انعام ڏنو ويو.[2] هي پهرين عراقي شهري آهي جنهن کي امن جو نوبل انعام مليو.[3]

ناديه مراد
Nadia Murad 2017 (cropped).jpg
ناديه مراد (2018)
پيدائش ناديه مراد باسي طاحه
1993 (عمر 30–31)
ڪوجو، عراق
شھريت ڪردستاني/عراقي
پيشو انساني حقن جي ڪارڪن
سَرگَرمُ سالَ 2014–موجوده
مذھب يزيديت
اعزاز سخاروف انعام (2016)
امن نوبل انعام (2018)

ناديه مراد، ناديه انيشيٽوو نالي تنظيم جي باني آهي، هي تنظيم اهڙن عورتن جي ڪم لاءِ وقف ڪيل آهي، جيڪي جنگي علائقن ۾ ظلم جو شڪار ٿين ٿيون، جن جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي ۽ جن کي اسمگلنگ ڪيو وڃي ٿو، هي اهڙين عورتن جي زندگي ٻيهر سنوارڻ ۾ مددگار تنظيم آهي.[4]

حوالا سنواريو

سانچو:ابتدائی ترتیب:مراد، ناديه