نئين تنقيد (Neo Criticism) تنقيد جو هي قسم تاريخي تنقيد جي انحراف جو نتيجو آهي. هن قسم پٽاندر تخليق جي ڪنهن به شهپاري کي ان جي پنهنجي حيثيت ۾ آزاد، خود وجودي، تخليقي پورهيو، تجربي لائق ڄاڻي ان کي تخليقڪار جي خواهش ۽ شخصيت جي ڇانو ۾ پڙهيو ۽ پرجهيو نه ويندو آهي، نه فقط ايترو، پر خارجي حالتن جي عڪس کان به ان کي بچائيندي، ان جي منفرد حيثيت ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪڏهن ادب کي تخليقڪار ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ بدران ان کي فقط انفرادي حيثيت ۾ جاچيو وڃي ته ان کي نئين تنقيد چيو ويندو آهي . تنقيد جي هن قسم جي حامين جو چوڻ آهي ته انساني روح دائمي ۽ مستقل آهي. ان ڪري تاريخ يا ماضيءَ جو سهارو وٺڻ اجايو آهي. ان ڪري ڪنهن به ادبي شهپاري کي تاريخ جي اوندهه ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ مناسب نه آهي، پر ان بدران تخليق کي ان جي خيال سازي، تخليقڪار جي تصور ۽ ادب جي اظهار کي ڪسوٽي بڻائي قلمي پورهئي کي پرکيو وڃي. ماضيءَ بدران پنهنجي دؤر جي عوامي ۽ انساني زندگي ۽ تجربن جي ڪسوٽيءَ کان سواءِ تنقيد جي ٻي بهتر ڪسوٽي ٿي نٿي سگهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.