مهاراشٽر

انڊيا جي رياست
(مھاراشٽر کان چوريل)

مھاراشٽر(انگريزي: Maharashtra ) مختصراً (MH)، جنھن جو پراڻو نالو بمبئي پريزيڊنسي ھيو، انڊيا جي اولھ م واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پکيڙ ۾ ٽيون نمبر ۽ آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏي رياست آھي. ان جي پکيڙ 307٬713 km2 (118٬809 sq mi) آھي. ان جون حدون اولھ ۾ عربي سمنڊ سان، ڏکڻ ۾ ڪرناٽڪا ۽ گوا سان، اوڀر ۾ تلنگانا ۽ ڇتيس ڳڙھ، اتر ۾ گجرات ۽ مڌيا پرديش ۽ اتر اولھ ۾ انڊين يونين ٽيريٽري ڊاڊرا ۽ نگر حويلي سان ملن ٿيون.[10] مھاراشٽر رياست بمبئي جي رياست جي اولھندي ۽ ڏکڻ اولھ واري حصي، بيرار ۽ ودارڀا ۽ حيدرآباد رياست جي اتر۽ اولھ واري حصن، سوراشٽر کي ورھائي ان جو ھڪ حصو ملائي ٺاھي وئي. سوراشٽر جو ٻيو حصو موجوده گجرات جي رياست آھي. مھاراشٽر جو سڀ کان وڏو شھر ممبئي آھي جنھن جي آبادي پوڻا ٻہ ڪروڙ آهي ۽ ھي شھر آبادي م انڊيا جو بہ سڀ کان وڏو شھر آھي. سياري ۾ ھن شھر جو گاديءَ جو هنڌ ناگپور ھوندو آھي ۽ اسيمبلي جي اجلاس بہ سياري م ناگپور ۾ ٿيندا آهن .[11]ھن رياست جو شھر پوني کي اوڀر جو آڪسفورڊ چوندا آهن جتي ڪيترائي تعليمي ادارا آھن. [12][13]ناشڪ انڊيا جو شراب وارو شھر سڏبو آهي جتي تمام گھڻو شراب کپي ٿو. ھن رياست جون ٻہ وڏيون نديون گوداواري ندي ۽ ڪرشنا ندي آھن.[14][15] انڊياجي آزادي کان اڳ مھاراشٽر واري ھاڻوڪي علائقي تي ستاواھانا گھراڻي، راشٽراڪوٽا گھراڻي، ويسٽرن چالوڪاس ايمپائر، دکن سلطنتن، مغلن، مراٺين (مرھٽن) ۽ پوء انگريزن حڪومت ڪئي. رياست جي ھر پاسي انھن جا ڇڏيل کنڊر، يادگار، مقبرا، قلعا، عبادتگاھون موجود آهن جن ۾ اجنتا جو غارون، ايلورا جون غارون عالمي ورثو قرار ڏنل آھن. ڪيترائي قلعا شيواجي سان منصوب آھن. مھاراشٽر انڊيا جي سڀ کان وڏو صنعتي رياست آھي.[16][17]

مھاراشٽر
رياست
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي طرف : ويسٽرن گھاٽ جي ڀرسان واقع مھابليشور جي لڳ پرتاب ڳڙھ قلعو، ڇترپتي شيواجي مھاراج ترمينس ريلوي اسٽيشن ، اجنتا جي غار ۾ پدماپاني جي پينٽنگ، ايلورا جي غار ۾ ڪيلاس مندر، انڊيا جو گيٽ وي، ايليفنٽا غار ۾ تريمورتي مجسمو، شنيوار واڊا قلعو ۽ حضور صاحب ننديد
مھاراشٽر جي مھر
مھر
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ (ممبئي): 18°58′12″N 72°49′12″E / 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820مڪانيت: 18°58′12″N 72°49′12″E / 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820
ملڪ انڊيا
قيام 1 مئي 1960^ (مھاراشٽر جو ڏينهن )
گاديءَ جا هنڌ ممبئي
ناگپور (سياري ۾)[1]
مھاراشٽر جا ٽوٽل ضلعا 36
حڪومت
 • مجلس مھاراشٽر جي حڪومت
 • گورنر وديا ساگر رائو
 • وزيراعلي دويندر فدناوس (بي جي پي )
 • ليجسليٽو اسيمبلي ٻہ ايواني
ليجسليٽو ڪائونسل ۾ 78 ميمبر
ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 288 ميمبر
پکيڙ
 • ڪل 307,713 ڪ.م2 (118,809 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو انڊيا جي پکيڙ ۾ ٽين وڏي رياست
آبادي (2011)[2]
 • ڪل 112,372,972
The بمبئي ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 1960 تحت بمبئي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ھڪ کي مھاراشٽر ۽ ٻئي کي گجرات جو نالو ڏنو ويو.[3]
†† Common high court


انتظامي ۽ سياسي ورھاست سنواريو

 
مھاراشٽر جون ڊويزنون جن ۾ ضلعا ڏيکاريل

مھاراشٽر رياست جون ڇھ انتظامي ڊويزنون آهن.[18]

  1. امراواتي
  2. اورنگ آباد
  3. ڪونڪان
  4. ناگپور
  5. ناشڪ
  6. پوني


اھي ڇھ ڊويزن وري 36 ضلعن ۾ ورھايل آھن ، 109 سب ڊويزنن ۽ 357 تعلقن ۾ ورھايل آھن. ماضي ۾ سنڌ بمبئي جو حصو رھي ھئي جنھن ڪري سنڌ جي ذيلي انتظامي ورھاست بہ تعلقو سڏبي آھي جڏھن تہ پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن ۾ ان کي تحصيل چوندا آهن.[19] ھر ضلعي جو انتظامي عملدار ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر يا ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ھوندو آھي جن جي مقرري انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس يا مھاراشٽر سول سروس مان ٿيندي آھي.[20] تعلقن جي ھتي ورھاست بلاڪن ۾ ٿيل آهي جيڪي پينچائت يا وليج ڪائونسل يا ٽائون ميونسپلٽي تي مشتمل ھوندا آھن.[21][22]

مھاراشٽر جون ڊويزنون مھاراشٽر جا ضلعا
امراواتي
اورنگ آباد
ڪونڪان
ناگپور
ناشڪ
پوني

حوالا سنواريو

  1. "Monsoon session to start in Maha’s winter Capital Nagpur from July 4". وقت 2 August 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2018. 
  2. "census of india". Census of India, 2011. Government of India. وقت 3 April 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 April 2011.  line feed character in |website= at position 12 (مدد)
  3. Ministry of Law, Government of India (1960). The Bombay Reorganisation Act 1960. https://books.google.com/books/about/The_Bombay_Reorganisation_Act_1960_11_of.html?id=3U_VAAAAMAAJ. Retrieved 23 May 2015. 
  4. "Economic Survey of Maharashtra 2017–18" (PDF). Directorate of Economics and Statistics, Planning Department, Government of Maharashtra, India. صفحو. 20. وقت 16 June 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 16 June 2018. 
  5. "MOSPI Gross State Domestic Product". Ministry of Statistics and Programme Implementation, Government of India. حاصل ڪيل 9 June 2019. 
  6. "The Maharashtra Official Languages Act, 1964; Amendment Act, 2015" (PDF). lawsofindia.org. وقت 15 November 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). 
  7. "Report of the Commissioner for linguistic minorities: 52nd report (July 2014 to June 2015)" (PDF). Commissioner for Linguistic Minorities, Ministry of Minority Affairs, Government of India. صفحا. 34–35. وقت 28 December 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 February 2016. 
  8. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 23 September 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 September 2018. 
  9. 9.0 9.1 "Census 2011 (Final Data) – Demographic details, Literate Population (Total, Rural & Urban)" (PDF). planningcommission.gov.in. Planning Commission, Government of India. وقت 27 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 3 October 2018. 
  10. "Maharashtra Tourism". وقت 18 January 2019 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 February 2019. 
  11. Bhushan Kale (10 December 2014). "उपराजधानी ते राजधानी ‘शिवनेरी’ची" (Marathi ۾). Divya Marathi (Nagpur, Maharashtra, India). Archived from the original on 23 June 2015. https://web.archive.org/web/20150623020105/http://m.divyamarathi.bhaskar.com/news/Amravati/5540/MAH-VID-AMR-first-time-in-mumbai-to-nagpur-air-conditioner-bus-started-new-s-4834760-NOR.html. 
  12. "The ‘Oxford of the East’ goes West". The Indian Express. http://archive.indianexpress.com/news/the--oxford-of-the-east--goes-west/375464/. Retrieved 24 January 2017. 
  13. "Truly the Oxford of the East". Hindustan Times. http://www.hindustantimes.com/education/truly-the-oxford-of-the-east/story-C4tkUn6c6BWOtxvRuUF1TO.html. Retrieved 24 January 2017. 
  14. "Level of Urbanisation : Ministry of Urban Development, Government of India". moud.gov.in. وقت 25 May 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 May 2017. 
  15. "Census 2011: Tamil Nadu 3rd most urbanised state – Times of India". The Times of India. http://timesofindia.indiatimes.com/city/chennai/Census-2011-Tamil-Nadu-3rd-most-urbanised-state/articleshow/9292380.cms. 
  16. Planning Commission of the Government of India (2007). Maharashtra, Development Report. Academic Foundation. p. 407. ISBN 9788171885404. https://books.google.com/?id=6ohvu8D3LbgC&dq=Maharashtra+richest+states. 
  17. Bhandari Laveesh (2009). Indian States at a Glance 2008-09: Performance, Facts And Figures – Maharashtra. Pearson Education India. p. 176. ISBN 9788131723432. 
  18. "Districts" آرڪائيو ڪيا ويا 12 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., maha.gov.in
  19. "Talukas of Maharashtra". District department. Government of Maharashtra. وقت 15 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 January 2014. 
  20. "District level governance" (PDF). The Government of Maharashtra. وقت 13 May 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 27 February 2014. 
  21. "Panchayati raj in state" (PDF). Government of Maharashtra. وقت 13 March 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 13 March 2014. 
  22. "Maharashtra regional and town planning" (PDF). Government of Maharashtra. وقت 13 March 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 13 March 2014.