مڪاڪ (انگريزي ٻولي: Macaque) ڀولڙي جو پُڇ ڊگهو ٿئي ٿو. مڪاڪ ڀولڙا ملائيشيا ۾ تمام گهڻو ٿين ٿا. ٻين ملڪن ۾ ڀولڙا رڳو جانورون جي باغ ۾ ئي نظر ايندا آهن، پر انڊيا ۽ ملائيشيا اهڙا ملڪ آهن، جتي ڪيترن ئي شهرن، جهنگلن ٻيلن ويندي پڪن رستن تي ڀولڙا عام جام گهمندي نظر ايندا آهن.

Macaques[1]
Bonnet macaque
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Mammalia
ترتيب: Primates
خاندان: Cercopithecidae
ذيلي خاندان: Cercopithecinae
Tribe: Papionini
نسل: Macaca
Lacépède, 1799
قسم جنس
Simia inuus
Linnaeus, 1766

هنن ڀولڙن کي سائنس جي تجربن ۾ تمام گهڻو ڪتب آندو وڃي ٿو. تنهنڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن ڀولڙي جي کپت آهي. ملائيشيا طرفان ان ڀولڙي جي وڪري يا ٻاهر موڪلڻ تي پهرين جهل پل نه هئي. پر هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت ان کي ٻاهر اماڻڻ تي بندش وڌي آهي جو پهچندڙ رپورٽن موجب خبر پيئي ته انهن ڀولڙن تي ٻين ملڪن ۾ سائنس جي نالي تي سخت ظلم ٿي رهيا هئا ۽ کين ڪيميائي ۽ بايولاجيڪل جنگي تجربن ۾ استعمال ڪيو پيو ويو. نتيجي ۾ ملائيشيا جي حڪومت مڪاڪ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي.

حڪومت جي هن اوچتي جهل انهن واپارين کي سخت نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪي هي ڀولڙا ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائڻ ڪارڻ هتي ڀولڙن جا فارم هلائي رهيا هئا جن فارمن ۾ هن وقت هزارين ڀولڙا موجود آهن. هنن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي انهن کي ڪيڏانهن ڪن. جي پاڻ وٽ رکن ٿا ته ڪمائيءَ بدران انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ نگهبانيءَ تي خرچ ڪرڻو ٿو پوين ۽ جي کين آزاد ڪري جهنگل ۾ ٿا ڇڏين ته ڀولڙن ۾ ٻين جانورن وانگر اهو افعال بنهه ناهي ته هڪدم پنهنجي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ لڳي وڃن. نتيجي ۾ ٻنهي صورتن ۾ اهي اڃايل بکيل مري ويندا. [2][3][4]

  1. سانچو:MSW3 Groves
  2. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25 
  3. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
  4. Macaque - Wikipedia