ميڪانڪيت (Mechanism) مشين وانگر پاڻ ۾ ڳنڍيل نظام، پر ادبي دنيا ۾ اهڙو رويو، عمل، زندگي، ڪردار يا شاعري، ميڪانڪي چئي ويندي آهي، جيڪا مشيني نظام وانگر ڳنڍيل هجي. مشيني نظام تخليقي عمل تي اثر ۽ تخليق ۾ فقدان وجهندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ميڪانيت کي ادبي دنيا ۾ مسترد ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.