موسم(weather)  ڪنهن هوا ۾ مقرر وقت جي دوران ٿيڻ وارن مظاهرن جو مجموعو آهي، سادن لفظن ۾ هن جي وصف هيئن به ڪري سگھجي ٿي ته ” ڪنهن جڳهه جو ٿڌ، گرمي، گھم وغيره ۽ ان مان پيدا ٿيڻ واري هوائي ڪيفيت“

موسم

موسمون سنواريو

موسمون: وقت سان موسمن ۾ بدلجن ٿيون. موسمون عام طور تي سيارو اونهارو، بهار، ۽ سرءُ جون موسمون ڳڻيون وينديون آهن.

ڇهه موسمون سنواريو

ستارن جا ۽ موسمن جا مقامي ماهر سال ۾ ڇهه موسمون ڳڻيندا آهن ۽ هر مهيني جي پنهنجي خاصيت بيان ڪندا آهن. هن علائقي ۾ ٽن قسمن جا ڪئلينڊر مُروج آهن. هڪ اسلامي، جنهن جا مهينا سال جي مختلف موسمن ۾ ڦرندا گهرندا رهندا آهن. ٻيو انگريزي ڪئلينڊر، جن جي مهينن جون موسمون مقرر ٿيل آهن. پر هاڻ شايد ماحولياتي تبديلين جي ڪري انهن ۾ ڦير گهير محسوس ڪئي وڃي ٿي. ٽيون ڪئلينڊر هندي آهي، جنهن جا مهينا اڄ به گهڻو ڪري موسمن جي مناسبت سان ايندا ويندا آهن. ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهندڙ  لوڪ ڏاهپ جا ماهر پنهنجو ڪار وهنوار، شادي مرادي، ميلا ملاکڙا، ويندي فصل پوکڻ يا لڻڻ جو سڄو حساب ڪتاب انهن مهينن ۽ موسمن مطابق ڪندا آهن.

پهرين موسم: پُر ڦارگني سنواريو

هي موسم 15 فيبروري کان 15 اپريل تائين ڦڳڻ ۽ چيٽ مهينن تي مشمتل هوندي آهي. هن ۾ سياري جا تارا سج لهڻ سان اڀرندا آهن. سيارو ختم ۽ آرهڙ شروع ٿي ويندو آهي. وڻن ۾ ڦوٽهڙو ايندو آهي.  سڀ کان پهرين انب ٻُور جهليندا آهن. هن موسم کي بسنت به چئبو آهي.

ٻي موسم؛ گريشم( معنى تمام گرم) سنواريو

هي موسم 15 اپريل کان 15 جون تائين ويساک ۽ ڄيٺ جي مهينن تي مشتمل. هن موسم ۾ لُڪون لڳنديون آهن.

ٽين موسم؛ ورشا ( برسات) سنواريو

هي موسم 15 جون کان 15 آگسٽ تائين، آکاڙ ۽ سانوڻ مهينن تي مشتمل هوندي آهي.

چوٿين موسم؛ سرد ( معنى وچولي، نه گرم نه سرد  گهم واري) سنواريو

هي موسم 15 آگسٽ کان 15 آڪٽوبر تائين بڊو ۽ اسو مهينن تي مشتمل هوندي آهي.

پنجين موسم؛ هيمن (معنى سيارو شروع) سنواريو

هي موسم سياري جي شروع وارا ٻه مهينا 15 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين ڪتي ۽ نهري مهينن تي مشتمل هوندي آهي.

ڇهين موسم شِشر(معنى تمام سرد) سنواريو

هي موسم 15 ڊسمبر کان 15 فيبروري تائين پوهه ۽ مانگهه مهينن تي مشتمل هوندي آهي.