مهاوديا

هندواِزم ۾ آدي پراشڪتي جي ڏهن رُوپَ جو گروپ

مهاوديا (انگريزي ٻولي: Mahavidya) (سنسڪرت: महाविद्या,ساهتڪ: مَهان ڏاهپَ) هندوازم ۾ مهاوديا (مَهان سياڻپ، يا ڏاهپ) آدي پراشڪتي جا ڏهه رُوپ آهن. اهي سڀئي ديوي پاروتي جا رُوپَ (قِسمَ) آهن. هندستان ۾ ٻڌمت جي گهٽجڻ کانپوءِ، ديوي ديوتا جي انهن رُوپن کي ڪائولا تنتريڪا ساهتيا (ادب) ۾ تصديقي جانچا ڪرڻ شروع ڪيو ويو.[1] 10 مهاودياس ۾ ڪالي، تارا، تريپورا سُندري (شادوشي)، ڀوانويشوري، تريپورا ڀيراوي، ڇناماستا، ڌوماوتي، باگالموکي، ماتانگي ۽ ڪملا شامل آهن.

ڪالي، تارا، تريپورا سندري, ڀونيشوري, ڀيراوي,
ڇنامستا, ڌوماوتي, بگالامکي, متانگي ۽ ڪامالا .

شڪتي ازم جي اتهاس ۾ مهاوديا جي ترقي هڪ اهم موڙَ جي نمائندگي ڪري ٿي، جيئن تہ اها شڪتي مت (شڪتي اِزم) ۾ ڀڪتي ڏيک جي اوجَ ڏانهن اِشارو ڪري ٿي، جيڪو 1700 عام زمانو ۾ پنهنجي ڪاپار (اوجَ) تائين پهتي. پهرئين بهار مُند پوئين-دور کانپوءِ، ڇهين صدي عام زمانو (ڪامن اِرا) جي لڳ ڀڳ شروع ٿي، اها هڪ نئين ايشور واد نظرياتي تحريڪ هئي جنهن ۾ ناري (زائفان) کي برتر بالادست حيثيت سان تصور ڪيو ويو هيو.[2] ديوي ڀاگواتا پوراڻا وانگر لکتن ۾، خاص طور تي سَتون اسڪاڌا جي پڇاڙي وران نَو چيپٽر (31-کان40) اها حقيقت ظاهر ٿيل آهي، جيڪي دييي گيتا جي نالي سان مشهور آهن، ۽ جلدي شڪتي ازم جا مرڪزي لکت بڻجي وئي.[3] شاڪتا مها-ڀاگواتا پوراڻا منجهان هڪ ڪهاڻي ۾، جيڪا سمورين مهاودياس جي رچنا کي بيان ڪري ٿي، جِن ۾ ستي، دڪشا جي ڌيءُ ۽ ديوتا شيوا جي پهرئين زال، پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي ته کيس ۽ شيوا کي دڪشا جي يگنا ("باهہ ٻليدانُ" ) ۾ ڪانڍَ (سَڏ) نہ ڏنو ويو ۽ شيوا جي اعتراض جي باوجود، اتي وڃڻ تي زور ڀري ٿي. شيوا کي راضي ڪرڻ جي بيڪار ڪوششن کانپوءِ، ڪاوڙيل (ڏمرئِيل) ستي مهاوديائن ۾ روپُ مٽائي ٿي، جِن شيوا کي ڏهه مُکيا پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو.


Kali – the first of the Mahavidyas

نالا سنواريو

 
"Dasa Mahavidyas 19th century. Jaipur, India. Gouache heightened with gold on paper. Mahavidyas (Great Wisdoms) or Dasha-Mahavidyas are a group of ten aspects of the Divine Mother Durga or Kali herself or Devi in Hinduism.

شڪتا جو مڃڻ آهي، "هڪ سچائِي کي ڏهن مختلف پاسن ۾ محسوس ڪيو ويو آهي؛ ديوي ماتا کي ڏهه سرشٽي شخصيتن،" داسا مهاوديا "("ڏهه مهاودياس"، ڏاهپ جون ڏهه ديوين) جي حيثيت سان پرستش (پوڄا) ۽ پهچ (رابطو) ڪيو وڃِي ٿو.[4] شڪتي اِزم ۾ هڪڙي ٻئي سوچ ويچار جو مڪتب فڪر (اسڪول آف ٿاٽ) مطابق مهاوديا کي مهاڪالي جو روپَ سمجهيو ويندو آهي. مهاوديا سڀاءُ ۾ تانترڪ سمجهيا ويندا آهن، ۽ عام طور هيٺئين ريت سُڃاڻپ ڪيل آهن:[5]

  1. ڪالي – برهمڻ جو آخري رُوپ، "زمانو يا وقت، کي ڳڙڪائيندڙ، اُڏائي ڇڏيندڙ، برباد ڪري ڇڏيندڙ" (ڪاليڪولا سرشتو جي سپريم ديوتا).
  2. تارا – رهنمائي ڪندڙ ۽ بچاءُ ڪندڙ ديوي، يا جيڪا بچائيندي آهي.
  3. تريپورا سُندري (شوداشي) – ديوي جيڪا "ٽي جھانن ۾ سُهڻي آهي "(سريڪولا سرشتن جي سپريم ديوتا)؛ جنهن ۾ "تانترڪ پاروتي" يا "موڪشا موکتا".
  4. ڀونيشوري – دنيا جي ماتا وانگر ديوي، يا جنهن جو جسم سمورا 14 لوڪاس (سڄي سرشٽي، جهان، ڪاسموس) آهن.
  5. ڀيئروي – غضب ناڪ، خونخوار ديوي. جيڪا ڀيراوَ جو هڪ ناري وارو رُوپ آهي. ڀيروي، هڪ تيز آتشي يا ڏمريل، ڪاوِڙيلِ ديوي آهي، کيس ٻرندڙ شوخ چهرو اٿس، سندس ٽي تيز اکيون، ۽ وکريل وارَ اٿس.
  6. ڇنمستا – پاڻ-سِسي وَڍيندڙ (پنهنجو پاڻ کي سِر لاهيندڙ، قتل ڪندڙ) ديوي.[6]
  7. ڌوماوَتِي – وِڌوا (بيواهه) ديوي.
  8. باگالموڪشي – دشمنن کي نستو (نيست، طاقت ڪڍندڙ، بي سَتو ڪندڙ) ديوي.
  9. ماتنگي – لليتا جي وزيراعظم (سريڪولا سسٽم ۾)، ڪڏهن ڪڏهن کيس "تانترڪ سَرِسَوَتِي" سڏيو ويندو آهي.
  10. ڪامالا (ڪملاتميڪا) – ڪنول گل جي ديوي؛ ڪڏهن ڪڏهن کيس "تانترڪ لڪشمي" سڏيو ويندو آهي.

اهي سڀ مهاودياس منيدويپ ۾ رهنديون آهن.

جيتوڻيڪ، مها ڀاگوت پوراڻا ۽ بريدڌرما پوراڻ، شودشي (سوداسي) کي فهرست ۾ تريپورا سُندري نالو لکي ٿو، جيڪو ساڳئي ديوي لاءِ هڪڙو الڳ نالو آهي.[7] گوهاٽي گوهيا-تانترا مهاوديا کي وشنو جي ڏهه ڏاتارن سان ڳانڍاپو جوڙي ٿو، ۽ ٻڌائي ٿو تہ مهاوديا اهو ئي وسيلو آهن، جنهن مان وشنو جا اوتار اُڀريا هيا. ديوي جا سڀ ڏهه رُوپَ، توڙي سُلڇڻو يا ڏهڪائيندڙ هجن، تِن جي عالمگير ماتا جي حيثيت ۾ پوڄا ڪئي ويندي آهي. شري چڪرا ۾ ديوي جا سڀ ڏهه روپ سَهيڙيل آهن ۽ انهن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي ۽ تريپورا سُندري کي آدي پراشڪتي مڃيو ويندو آهي. هڪ ٻيو اسڪول آف ٿاٽ آهي، جيڪو چوي ٿو تہ مهاودياس تعداد ۾ 12 آهن، جنهن ۾ درگا ۽ اناپورا پڻ شامل آهن ۽ اهو پڻ تہ انهن جي پهريداري يارنهن ڀيئراوا ڪندا آهن. ديوي ڀيروا جو نالو ڪالي ڪالاڀيروا، تارا اڪشڀايا، لليتا پنچاوڪترا، تريپورا ڀائيراوي دڪشنامورتي، ڀونيشوري تريامبڪ، چناماستا ڪبانڌا، ڌوماوتي نو ڀيروا، بگالموکي اڪاوڪترا، متانگي متانگا، ڪاملا سَداشيوا، درڳا دشاوڪترا، اناپوما نارادا آهن.

 
The Ten Mahavidyas,Siva and Sakti, with Serpent Coiled Shri Yantra
اهي ٻارنهن مهاودياس ۽ انهين جا ڀيراوا پهريدارَ[8]
انگ شُمار. ديوين جا نالا ڀيراوا جا نالا
1. ڪالي ڀيراوا،ڪالا ڀيراوا
2. تارا (ديوي) اڪشوڀايا
3. لليتا تريپورا سُندري پنچاوڪترا
4. تريپورا ڀيراوي دڪشنامورتي
5. ڀوانيشوري تريامبڪ
6. ڇناماستا ڪبانڌا
7. ماتانگي ماتانگا
8. باگالموکي اڪاواڪترا
9. ڪمالاتمڪا سَداشيوا
10 ڌوماوتي نو ڀيئراوا[9]
11 درڳا داشاواڪترا
12 اننا پورنا (ديوي) نرادا


مٿي ڏنل فهرست ۾ دڪشنامورتي ڀيروا کي دڪشنامورتي، متانگا ڀيراوا کي متانگا رِشي، سَدشوا ڀيروا کي سداشوا ۽ پڇاڙيءَ ۾ نرادا ڀيراوا کي نرادا رِشي سان منجهيل (وائڙو) نه ٿيجو.

پڻ ڏِسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Sanderson, Alexis. "The Śaiva Literature." آرڪائيو ڪيا ويا 2018-09-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Journal of Indological Studies (Kyoto), Nos. 24 & 25 (2012–2013), 2014, pp. 80.
  2. "Mahavidya - Chinese Buddhist Encyclopedia". www.chinabuddhismencyclopedia.com. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  3. Brown, Charles Mackenzie (1998). The Devī Gītā: The Song of the Goddess. SUNY Press. p. 23. ISBN 9780791439401. https://books.google.com/books?id=OxayHczql9EC. 
  4. Shankarnarayanan, S (1972). The Ten Great Cosmic Powers: Dasa Mahavidyas (4 ed.). Chennai: Samata Books. pp. 4–5. ISBN 9788185208381. https://books.google.com/books?id=I-sYAAAAIAAJ. 
  5. Kinsley, David R (1997). Tantric Visions of the Divine Feminine: The Ten Mahavidyas. Berkeley: University of California Press. p. 302. ISBN 9780520204997. https://books.google.com/books?id=gkCsrfghkZ4C. 
  6. Daniélou, Alain (1991). The Myths and Gods of India: The Classic Work on Hindu Polytheism from the Princeton Bollingen Series. Inner Traditions / Bear & Co. pp. 284–290. ISBN 978-0-89281-354-4. https://books.google.com/books?id=1HMXN9h6WX0C&pg=PA284. 
  7. Kinsley, David R (1987). Hindu Goddesses: Vision of the Divine Feminine in the Hindu Religious Tradition. Motilal Banarsidass Publication. pp. 161–165. ISBN 9788120803947. https://books.google.com/books/about/Hindu_Goddesses.html?id=hgTOZEyrVtIC. 
  8. "The Twelve Mahavidyas and their Bhairavas". www.kamakotimandali.com. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  9. Goswami, Kali Prasad (2000) (en ۾). Devadāsī: Dancing Damsel. APH Publishing. ISBN 978-81-7648-130-4. https://books.google.co.in/books?id=BCaPL88jdToC&pg=PA75&lpg=PA75&dq=Dhumavati+No+bhairava+,&source=bl&ots=qfD_MTHWGf&sig=ACfU3U1eo-Z9athYvNgDyo7mmLM2O84cTA&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwiA97HWve_mAhVyzTgGHZv6BK8Q6AEwEnoECAgQAQ#v=onepage&q=Dhumavati%20No%20bhairava%20,&f=false. 

ٻاهِريان ڳَنِڍِڻ سنواريو