مُرلي سنڌ جو تمام قديم ساز آهي. هن کي پُنجي (Pungi) به چيو ويندو آهي.هيءُ ساز تنبوري يا يڪتاري کان به آڳاٽو ۽ قديم ساز آهي. هن کي جوڳي وڄائيندا آهن.[1]

جوڳي مرلي وڄائيندي

بناوت سنواريو

مرلي جو ڊڍ ڪدُو مان ٺهندو آهي. منهن کان هڪ نڙ جو ننڍو پائيپ وڌو ويندو آهي جنهن مان ڦوڪ ڏبي آهي. هيٺئين حصي ۾ ٻه ننڍا نڙ جا ٽُڪرا هوندا آهن جن ۾ سوراخ هوندا آهن جن تي آڱريون رکي موسيقي موجب سُر وکيريا ويندا آهن.[2]

حوالا سنواريو