مدد:معمولي سنوار

(مدد:معمولي ترميم کان چوريل)

وڪيپيڊيا ۾ ڪنھن صفحي کي جڏهن سنواريو ويندو آھي تہ سنوارگاھ جي هيٺ معمولي سنوار جو خانو ڏنل هوندو آهي، اُنکي نشان ھڻڻ سان ڪيل سنوار معمولي سمجهي ويندي آهي. ۽ سوانح صفحي ۽ تازيون تبديلين ۾ ان سنوار کي م سان نمايان ڪيو ويندو آهي.

معمولي سنوار جي خاني کي دائري ۾ ڏيکاريو ويو آھي.

معمولي سنوار کي ڪڏهن نشان ھنيو وڃي سنواريو

  • ھجي ۽ قاعدن جي تصحیح (درستي، سڌارو) جي وقت.
  • سادي لکت جي واڌاري جي وقت.
  • اهڙي شڪلبندي جي اضافي جي وقت جنھن سان صفحي جو مفھوم نہ تبدیل ٿيندو هُجي.
  • وڪي ڳنڍڻن جي درستگي جي وقت.
  • تخريب ڪاري کي ختم ڪرڻ وقت.

معمولي سنوار کي ڪڏهن نشان نہ ھنيو وڃي سنواريو

  • مضمون ۾ مواد جي خاتمي يا واڌاري وقت (يا ڀلي هڪ جملو ئي هجي).
  • نمايان (ظاهر ٿيندڙ) سانچن جي خاتمي يا واڌاري وقت.
  • حوالن خارجي ڳنڍڻن جي خاتمي يا واڌاري وقت.
  • بحث صفحن يا ڪنھن بہ ڳالھ ٻولھ ۽ پنھنجي راءِ کي محفوظ ڪرڻ يا سانڍڻ وقت.

منتظم ڪنھن بہ صفحي جي آخري مرتب جي تمام سنوارن کي ختم ڪري سگهن ٿا، اهڙين سڀني سنوارن کي پاڻمرادو طور تي ميڊياوڪي سافٽ ويئر پاران بطور معمولي سنوار نشان لڳوئي ويندي آهي. دراصل هي انتھائي ڪاروائي منتظم عموماً تخريب ڪاري ٿيڻ جي وقت ڪندا آهن ۽ ظاهر ڳالھ آهي تہ تخريب ڪاري (وينڊلزم) جو خاتمو معمولي سنوار ھيٺ اچي ٿو

وڌيڪ روباٽ (Bots) اڪثر پنھنجي سنوارن کي بطور معمولي سنوار نشان لڳائيندا آھن.


وڌيڪ ڏسو سنواريو