ثابتي
حوالا ڇو اهم آهن

اِن لائين حوالا
سِٽ جي اندر حوالا ڪيئن درج ڪجن

ريفرنس ٽول بار
حوالا شامل ڪرڻ لاءِ آسان طريقو

ڀروسي لائق ذريعا
ڪهڙا ذريعا بهتر آهن؟

تَتُ
توهان ڇا سِکيو آهي،جائزو وٺو


وڪيپيڊيا تي مضمونن کي پڙهڻ جي دوران توهان جُملن ۽ عبارتن جي وچ ۾ ڪجهه نمبرن جو هن شڪل ([1][2][3]) ۾ مُشاهدو ڪيو هوندو. اهو اصل ۾ لاڳاپيل مضمون جي مواد جو حوالو هوندو آهي يا ائين چئجي ته مواد جي ثابتي لاءِ حوالو نمبر هوندو آهي، جنهن مواد جي لاءِ اهو حوالو نمبر ڏيکاريندو آهي، انهن نمبرن تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪرڻ سان توهان انهن حوالن جي اصل ذريعي (سورس، ماخذ) تائين پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال طور، حوالا جي سُرخي تحت به اهي سڀ حوالا هڪڙي جاءِ تي ملي ويندا آهن، جنهن جي مدد سان توهان انهن حوالن جي اصل وسيلو يا سورس تائين پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال طور، [1] جيئن ته ڪڏهن ڪڏهن درج ٿيل حوالا جي ٻئي شڪل به استعمال ٿيندي آهي اهڙي طرح عام طور تي اهي حوالا لاڳاپيل جملي کانپوءِ ان جملي جي پڇاڙيءَ ۾ هوندا آهن. جڏهن توهان ڪنهن صفحي يا مضمون ۾ حوالو درج ڪرڻ جي لاءِ ترميم يا سنوار ڪندا آهيو ته سِٽ جا حوالا عام طور تي <ref> ۽ </ref> ٽيگ جي وچ ۾ رکيا ويندا آهن.

سڀئي حوالا ان صفحي تي ان جاءِ تي گڏ نظر ايندا جتي {{حوالا}} سانچو يا <references /> ٽيگ موجود هوندو. اهو عام طور تي "حوالا" نالي سُرخي يا سيڪشن (ڀاڱو) جي تحت هوندو. ان جو نمونو هيٺ ڏيکارجي ٿو:

== حوالا ==
{{حوالا}}

حوالا

  1. ويلز, جي (2012). سٽ جي اندر حوالو ڇا آهي؟. وڪي پبلشرز. pp. 6. 

A screencast that walks through the essentials needed in citing your sources