محرم

اسلامي سال جو پھريون مھينو
ذوالحج  -  محرم الحرام  -  صفر المظفر
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

محرم عربي ۾ المُحَرَّم اسلامي ڪيلينڊر جو پهريون مهينو آهي. ھن کي محرم الحرام بہ چوندا آھن. اسلام کان پھريان بہ مهيني کي انتهائي قابل احترام سمجھيو ويندو ھو. اسلام اھو احترام جاري رکيو. ھن مهيني ۾ جنگ و جدل ممنوع آهي. ان ئي حرمت جي ڪري ان کي محرم چوندا آھن. ھن مهيني نئين اسلامي سال جي شروعات ٿيندي آهي. اسلام کان اڳ ھن مھيني کي مُؤْتَمِر يا المُؤْتَمِر چوندا ھيا جنھن جي معني مجلس آھي.

عاشورا سنواريو

لفظ عاشورا جي عربي ۾ معني ڏھون آھي. ھن مھيني جي ڏھين تاريخ تي حصرت امام حسين رضه جي ڪربلا ۾ پنھنجي عزيزن ۽ قريبن سميت شھادت ٿي ھئي. ان جي ڪري اھو ڏھين وڏو اھم ھجڻ جي ڪري ان تاريخ کي عاشورا سڏيو ويندو آهي. ان ڏينھن مسلمان پوري دنيا ۾ ان واقعي جو سوڳ ڪندا آهن[1].

ھن مهيني جا اهم واقعا سنواريو

1ھ. پھرين محرم تي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم مڪي کان مديني هجرت فرمائي ۽ اسلامي سال جو آغاز ٿيو.

7ھ - غزوه خيبر

7ھ - حضرت محمد صلي الله عليه وسلم حضرت صفيه رضي الله تعالي عنه کان نڪاح فرمايو.

شهادتون سنواريو

محرم مھيني جي عظمت سنواريو

قرآن ڪريم جي روشني ۾ آرڪائيو ڪيا ويا 2015-10-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنواريو

يقين سان محرم الحرام جو مهينو عظمت وارو ۽ بابرڪت مهينو آھي، ھن ئي مھيني مبارڪ کان هجري قمري سال جي ابتداء ٿيندي آهي ۽ ھي ان حرمت وارن مهينن مان ھڪ آهي جن جي باري ۾ الله رب العزت جو فرمان آهي:

يقيناََ الله تعالٰي کي وٽ مهينن جي تعداد ٻارنھن آهي ۽ (ھي تعداد) ان ڏينھن کان قائم آهي جڏھن کان آسمان ۽ زمين کي الله پيدا فرمايو ھو، انھن مان چار حرمت ۽ ادب وارا مهينا آهن، ھي ئي درست ۽ صحيح دين آهي، توھان انھن مهينن ۾ پنھنجي جانن تي ظلم ۽ ستم نه ڪريو ، ۽ توھان سڀني مشرڪون سان جهاد ڪريو جيئن تہ ھو توھان سڀني سان وڙھندا آهن، ۽ معلوم رهي تہ الله تعالٰي متقين ساڻ آهي.

— التوبۃ، (36)

۽ ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه بيان ڪن ٿا نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو:

سال جا ٻارنھن مهينا آهن جن مان چار حرمت وارا آھن، ٽي تہ مسلسل آهن، ذوالقعد ، ذوالحج، ۽ محرم، جمادي الثاني ۽ شعبان جي وچ ۾ رجب جو مهينو جنھن کي رجب مضر چيو ويندو آهي

[2] پڪ گھربل آھي ھڪ ڀيري ڪنھن آ قا صلي الله عليه وآله وسلم کي عرض ڪيو تہ يارسو ل الله فرض نماز کان بعد ڪھڙي نماز افضل آهي ۽ رمضان جي فرض روزي کان بعد ڪنھن مهيني جا روزا افضل آھن، حضور صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو تہ

فرض نماز کان بعد سڀ کان افضل نماز نماز تهجد آهي ۽ رمضان کان بعد افضل روزا محرّم الحرام جا آھن.

— حديث

حوالا سنواريو

  1. "Muharram". حاصل ڪيل 2010-12-08. 
  2. صحيح بخاري حديث نمبر (2958).