متروڪ لفظ (Obsolete words)، متروڪ مان مراد آهي تہ اهي لفظ جيڪي رواج نہ رهيا هجن يا مدي خارج ٿي رد ٿي چڪا هجن. هر سڌريل ٻوليءَ ۾ وقت سان گڏ ڪي نوان لفظ شامل ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪي وري خارج ٿيندا رهندا آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي. ادبي طور، متروڪ لفظ مان مراد آهي تہ اهي لفظ ڪڏهن لکڻين ۾ ڪتب آندا ويندا هئا، پر بعد ۾ ليکڪن، شاعرن، انهن جو استعمال ختم ڪري ڇڏيو. گنگا رام سمراٽ، اهڙا ڪيترائي لفظ پنهنجي ڪتاب ”اسان کي هتان وساريو“ ۾ ڏنا آهن، جيڪي هيئر سنڌي مان متروڪ ٿي ويا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.