ماس واري مک(انگريزي: Flesh Fly) سارڪافيجيڊاءخاندان سان تعلق رکندڙ مکين جو نالو آهي. سارڪافيجيڊاء يوناني ٻوليءَ جي لفظن سارڪا (sarco-) ۽ فيجي (phage) مان نڪتل آهي جن مان سارڪا جي معنيَ گوشت يا ماس آھي ۽ فيجي معنيَ کائڻ آھي . سارڪافيجيڊاء جي معنيَ گوشت کائيندڙ يا ماس کائيندڙ مکيون آھي.اھو نالو انھن مکين تي مردار جانورن جو گوشت کائڻ جي ڪري پيو. ھي مکيون عام مکين کان مختلف ھونديون آھن ۽ انھن جو پيدائش جو طريقو اووووائوپئرٽي(Ovoviviparity) وارو ھوندو آھي جنھن ۾ انڊا جسم ۾ اندر رکي ڦٽڻ وقت مادي ٻاھر ڪڍندي آهي يا انڊن بدران ڪيڙن جي صورت ۾ ٻچا ڇيڻن، جاندارن جي مردن، کير پيئندڙ جاندارن جي خراب ٿيل ڦٽن ۾ لاھيندي آھي جتي پلجي وڏا ٿيندا آهن. ھن مکين جا ڪجهه قسم اھڙا آھن جن جا ٻچا (larvae) ٻين جيتن جي جسمن ۾ مفت خور جاندارن (parasites) جي صورت ۾ پلجندا آھن ان جو ھڪ مثالآرٿوپٽيرا (Orthoptera) آھي.[1]جوان مکيون جانورن جي جسم مان وھندڙ پاڻياٺ، گلن جي رس، مٺن کاڌن، جانورن جي ڇيڻن جي پاڻياٺ وارن مادن ۽ ٻين نامياتي مادن تي گذران ڪنديون آهن.

ماس واري مک (انگريزي: Flesh fly)
Sarcophaga bercaea
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: آرٿروپاڊ
درجو: انسيڪٽا
ترتيب: ڊائپٽيرا
Section: شيزوفورا
Superخاندان: اوئيسٽروئاڊئا
خاندان: سارڪافيجيڊاء
جسٽن پيئري ميري ميڪئارٽ, 1834
ذيلي خاندان

حوالا سنواريو

  1. Richards, O. W.; Davies, R.G. (1977). Imms' General Textbook of Entomology: Volume 1: Structure, Physiology and Development Volume 2: Classification and Biology. Berlin: Springer. ISBN 0-412-61390-5.