مائڪرونيشيا(انگريزي: Micronesia ) اوشيانا کنڊ جو اولھ پيسيفڪ سمنڊ جو ھڪ ذيلي علائقو آهي جنھن ۾ ھزارين ننڍا وڏا ٻيٽ واقع آھن. ان جي اوڀر ۾ اوشنيا جو ٻيو ذيلي علائقو پولينيشيا آھي ۽ ڏکڻ ۾ ھڪ اڃان ٻيو ذيلي علائقو ميلنيشيا واقع آهي . انھن سڀني علائقن ۾ واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪن ۾ ثقافتي ھڪجھڙائي ملي ٿي ء اتي رھندڙ ماڻھو وڏي پيماني تي آسٽرونيشيائي آھن. ھن خطي جي آبھوا ٽراپيڪل سامونڊي آھي. ان ۾ چار ٻيٽن جون جھرمٽون آھن ڪيرولن ٻيٽ ، گلبرٽ ٻيٽ مريئانا ٻيٽ ۽ مارشل ٻيٽ شامل آهن. سياسي طور تي مائڪرونيشيا جا ٻيٽ ڇھ خودمختيار رياستن تي مشتمل آھن. جن ۾ شامل آهن: پالائو , مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس، ڪريبتي، نائورو، مارشل ٻيٽ ۽ نادرن مرينا ٻيٽ ۽ گوام ٻيٽ.

مائڪرونيشيا جو نقشو
رومانم ٻيٽ، چوڪ، مائڪرونيشيا

حوالا سنواريو