ليف ايرڪسن (انگريزي: Leif Erikson)، (ت. 970 – ت. 1020) گرين لينڊ سان تعلق رکندڙ نورسي مهم جوءُ (سياح) هو.[1] هي پهريون يورپي ماڻهو سمجهيو ويندو آهي جنهن ڪرسٽوفر ڪولمبس کان پهرين اتر آمريڪا تي قدم رکيو.[2][3] آئيس ليندرس جي شجري مطابق، هن وينلينڊ ۾ نورسي آبادي قائم ڪئي. شجري مطابق موجوده ڪينيڊا جي نيو فائونڊ لينڊ جي اتر طرف جيلي فش اپٻيٽ ۾ نورس موجود هئا، بعد ۾ آثار قديمه جي معلومات مان شاهديون مليون ته اها جاءِ سينٽ لوريس نار وٽ هئي ۽ جيلي فش اپٻيٽ ۾ موجود جاءِ اصل ۾ ٻيڙي ٺاهڻ جي جڳهه هئي.

ليف ايرڪسن

ميناسوٽا اسٽيٽ ڪيپيٽل آمريڪا ۾ لڳايل ليف جو مجسمو
پيدائش ت. 970
آئيس لينڊڪ دولت مشترڪه
وفات ت. 1020
گرين لينڊ
قوميت نورس: آئيس لينڊنارويجن
پيشو مهم جوءُ
شھرت جو ڪارڻ وين لينڊ ۾ پهريون يورپي (اتر آمريڪا جو حصو؛ شايد نيو فائونڊ لينڊ)
گهريلو ساٿي (ڇڙو) ٿورگنا (ت. 999)
ٻار ٻچا ٿورگلس، ٿورڪل
رشتيدار ايرڪ دي ريڊ (والد)، فيوس هلجر (ماءُ)، ٿورولڊ، ٿورسٽين

ليف، ايرڪ دي ريڊ جو پٽ هو، جيڪو گرين لينڊ ۾ نورسي آبادي جي بانيڪارن مان هڪ هو، ليف نورويجين نسل جو هو. هن جي پيدائش بابت ڪا ڄاڻ ناهي،[4] پر اندازو آهي ته آئيس لينڊ ۾ پيدا ٿيو هو.[1][5][6] هن کي ٻه پٽ هئا، جنهن ملي اڳتي هڪ گرين لينڊ ۾ آباد نورسي ماڻهن جو سردار بڻيو.

لاڳاپيل سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Sverrir Jakobsson. "Vísindavefurinn: Var Leifur Eiríksson ekki Grænlendingur sem átti rætur að rekja til Íslands og Noregs?" (ٻولي ۾ Icelandic). Visindavefur.hi.is. حاصل ڪيل 16 February 2010. 
  2. "Leif Erikson (11th century)". BBC. حاصل ڪيل 20 November 2011. 
  3. "Why Do We Celebrate Columbus Day and Not Leif Erikson Day?". National Geographic. حاصل ڪيل 12 October 2015. 
  4. Leiv Eriksson, Norsk biografisk leksikon
  5. Leif Eriksson – Encyclopædia Britannica, Inc., 2012. Retrieved 11 April 2012.
  6. books.google.is