لوڪ ادب ڪنهن به قوم جي روين کي سمجهڻ لاءِ ان قوم جي ويساهن، عقيدن ۽ طرز زندگي کي سمجهڻ ضروري آهي. ڪلچر جو بنياد به انهن عنصرن تي ٻڌل آهي. ميل جول، لوڪ ڪهاڻيون، راڳ روپ، شعر و شاعري، رسمون رواج ۽ قدر سڀ گڏجي رويا ٺاهن ٿا. ان سان گڏ سماج ۾ ڪي اهڙا ڪردار ۽ شخصيتون به ٿين ٿيون جيڪي پڻ روين تي اثرانداز ٿين ٿيون. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي روين تي به هتان جي لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن جي ڪردارن شاعري ، راڳ ۽ رواج جو اثر نظر اچي ٿو جنهن هيٺ سنڌين جي نفسيات ٺهي آهي. پر اهو به خيال آهي ته لوڪ ادب جي تخليق سماجي روين جي اثر هيٺ ٿي هوندي. ڪنهن ڪنهن تي اثر ڪيو ان بابت مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. ان حوالي سان اچو ته پهريان سنڌ جي لوڪ ادب، ان جي ڪردارن جو سنڌي ماڻهن جي روايت ۽ نفسيات تي اثر جو جائزو وٺون.