لوئر آسٽريا(انگريزي: Lower Austria) آسٽريا جي ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا ان جي اتر اوڀر پاسي ۾ واقع آهي. 1921ع ۾ ويانا شھر کي الڳ رياست جو درجو ملڻ باوجود 1986ع تائين لوئر آسٽريا رياست جو گاديءَ جو هنڌ ويانا شھر ۾ رھيو پر ان سال سانڪت پولٽن شھر کي ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 19186 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھتان جي آبادي 1685000 آھي. آبادي ۾ اھا ويانا رياست کان پوء آسٽريا جي ٻين وڏي رياست آهي. پکيڙ ۾ ھي رياست آسٽريا جي سڀ کان وڏي رياست آهي. رياست جي سانڪت پولٽن کان سواء ٻين وڏن شھرن جا نالا ايمسٽيٽن، وئينر نيوسٽئڊٽ آھن[2] 2018 جي انگ اکرن مطابق ھن رياست جي جي ڊي پي 61 ارب يورو ھئي. ھي ملڪ چئن ڊويزن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 20 ضلعا ۽ 4 الڳ شھر واقع آھن. رياست ۾ ڪل 573 ميونسپلٽيون واقع آھن.

لوئر آسٽريا
Niederösterreich
رياست
لوئر آسٽريا
جھنڊو
لوئر آسٽريا}}
قومي نشان
Location of لوئر آسٽريا
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ سانڪت پولٽن
حڪومت
 • گورنر جوھانا مڪل ليئٽنر (آسٽرين پيپلز پارٽي)
 • ڊپٽي گورنر
پکيڙ
 • ڪل 19,186 ڪ.م2 (7,408 ميل2)
آبادي (1 جنوري 2020)
 • ڪل 1,684,623

حوالا سنواريو

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. "About the State Parliament of Lower Austria – NÖ Landtag". noe-landtag.gv.at (ٻولي ۾ German). حاصل ڪيل 2020-01-14.