لنگ:

ڪيترن يوروپي عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي. قديم مصر ملڪ جا رهاڪو ۽ آڳاٽا يوناني ۽ رومن لوڪ ”پريئپس“ (Priapus) کي پوچيندا هئا. قديم بت پرست يهودي ”بيئل پيور“ (Baal peor) کي، ۽ ڪي قديم لوڪ ”بچوس (Bachhus) کي پوڄيندا هئا. اهي سڀ ديوتائن ڪري ليکبا هئا، پر اهي سڀ لنگ جون پوڄائون هيون.[1] يوروپي عالمن جو اهو به چوڻ آهي ته لنگ جي پوچا انهيءَ قديم زماني جي آهي، جنهن ۾ ماڻهو بلڪل اٻوجهه هوندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته قادر ۽ سنديس قدرت هيءُ جهان ائين پيدا ڪيو آهي، جيئن مرد ۽ زال جي ميلاپ ٿيڻ ڪري ٻار پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ سبب لنگ کي ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. قديم دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ مهن جي دڙي مان ڪيترا لنگ لڌا آهن، جا ڳالهه سر جان مارشل ڄاڻائي آهي. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهي دراوڙ هئا، جي سنڌو ماٿر مان اول ڏکڻ هندستان ڏي ويا، ۽ پوءِ الهندي ايشيا ۽ يورپ ڏي وڻج واپار سانگي بيٺڪون وڌائون، ۽ انهيءَ پاسي لنگهه جي پوڄا جو رواج به ڦهلايائون، جنهنڪري ناروي ۽ اسڪئنڊينيويا طرفان مهاديو جي مندرن جا نشان لڌا آهن، جا حقيقت پروفيسر نلسن ڄاڻائي آهي. آرين ۾ جيڪي ”آنو“ آريه هئا، تن به شايد قديم دراوڙ لوڪن سان لهه وچڙهه ۾ اچڻ سبب لنگ جي پوڄا جو رواج اختيار ڪيو هو. حقيقت ڪيئن به هجي، پر اها پڪ آهي ته جيڪي انو آريه لوڪ هئا، تن جي هڪ شاخ وارا پاڻ کي ”شوي“ آريه لوڪ سڏيندا هئا، ۽ اهي لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. پوءِ جيئن ڊاڪٽر انباش چندرداس ڄاڻايو آهي، انهن شوي آرين جي نالي پٺيان لنگ جي پوڄا تي نالو ئي پيو ” شو جي پوڄا“.[2] آرين جي ڌرم ڪرم ۽ پوڄائن ۾ ڦير هو، ته اول هڪ ٻئي لاءِ نفرت هين، ۽ وقتي پاڻ ۾ وڙهندا هئا؛ پر سنڌو ماٿر ۾ پوءِ ٺهي ٺڪي ويٺا ۽ صلح سانت ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيائون. مها ڀارت واري زماني ڌاري لنگ جي پوڄا بلڪل عام ٿي ويئي، جنهنڪري لنگهه جي پوڄارين ڏانهن پوءِ ڪوبه نفرت جي نگاهه سان ڪونه نهاريندو هو.هاڻوڪن هندن مان به ڪيترا وشنو ڀڳوان[3]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد) سانچو:** Forlong: Rivers of Life, Vol. II, p. 38 et seq.}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:* Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 166.}
  3. {"Phallus worship was probably of prehistoric age in India, and by the time of the Mahabharat it had won its way into the orthodox Hindu culture." The Cambridge history of India Vol. I. p. 85.}