قوم (Nation) جو لفظ عربي ٻولي مان آهي ۽ فارسي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ويجهن ٻولين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي ۾ قوم (Qoum) مان مراد ماڻهن جي گروهه کي چيو ويندو آهي سياسي، اقتصادي مفادن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي انهن جي ثقافت، ريتو، رسمون ۽ رواج پاڻ ۾ هڪ جهڙا هجن.

قوم يا ’نيشن‘ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ natio مان ورتل آهي ، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ nation بڻيو ، اتان کان انگريزيءَ ۾ مشهور ٿيو . ان جو اصل ۽ قديم مطلب ڪنهن خاص علائقي ۾ ڄمڻ يا ڪنهن مخصوص انساني گروهه جو حصو هجڻ آهي . جديد تشريح جي حوالي سان ، قوم جو روايتي بنياد هڪ جهڙي ٻوليءَ، مذهب، روايتن، تاريخ، ثقافت، معاشي مفادن، علائقي ۽ نسل سان واسطيدار انساني آباديءَ تي ٻڌل هوندو آهي ، پر دنيا ۾ مختلف نسلي گروهه يا ملڪ مختلف قسمن جي ’قومي سڃاڻپ‘ رکندا آهن. جهڙي طرح مذهبي نظرين مطابق مسلمان، يهودي ۽ عيسائي مختلف نسلن سان واڳيل هوندي به قوم آهن . ٻولين جي حوالي سان انگريزي، لاطيني ۽ اسپيني وغيره ۾ ٻولين جي بنياد تي ’قومي هڪجهڙايون‘ ملن ٿيون . ٻئي طرف ڪافي قومون (مثال طور سئٽزرلئنڊ) گهڻ-ٻولياتي پسمنظر جي حوالي سان سڀني قومن کان مختلف هوندي به قوم آهن. دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون قومون (مثال طور اسرائيل) جن جي اڃا تائين سياسي سڃاڻپ نه ٿي آهي ، پر قوم سڏائين ٿيون . ساڳي طرح فلسطيني بااختيار نه هوندي به قوم طور ڳڻجن ٿا . جڏهن ته ڪجهه قومون (مثال طور هندوستان) مذهبي لحاظ کان بلڪل مختلف عقيدا رکندي به قوم آهن. تاريخي لحاظ کان انهن ’قومي هڪجهڙاين‘ کي لساني علائقائي، ٻولي، يا عقيدي وغيره تي ٻڌل پسمنظرن مان پرکيو ويندو هو، پر جڏهن کان بين الاقوامي تعلقات جي علم (I.R) وسعت اختيار ڪئي آهي ۽ هر ملڪ بين الاقوامي سطح تي دنيا ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان قومن کي سياسي ۽ معاشي هڪجهڙائين جي تصورن تحت به سڃاڻپ ملي آهي.[1]

قوم جو تعارف سنواريو

لفظ قوم عربي ٻوليء جو لفظ آھي جنهن جي سنڌيء ۾ معني` پيدائش ڄم، لوڪ، نسل  ۽ جاتي ٿيندي. انگريزيء ۾ ان لفظ کي ”nation“ چئبو آھي جيڪو فرانسيسي(French) لفظ ”nacios“  تان ورتل آھي جيڪو اصل ۾ لاطيني زبان جي لفظ ”Natio“ تان کنيل آھي جنهن جي معني` ساڳي پيدائش نسل، لوڪ، ڄم يا جاتي. نسل ۽ ٻولي قوم جا بنيادي نڪتا آهن.[2] انهن کان سواء قوم جو تصور به ڌوڪو آ. پر هن وقت معاشي ۽ اقتصادي فائدي کي انهن ٻنهي تي سرسي حاصل ٿيندي پئي وڃي. انفيڪٽ نسل جو ته لفظ به قوم جي گڏيل قومن جي چارٽ مان خارج ڪيو ويو آ. پر ڪجهه دنيا ۾ هلندڙ آزاديء جون تحريڪون نسلي بنيادن تي به جدوجهد ڪري رهيون آھن. بلوچ، ڪرد، فلسطيني،  بوسينيائي ۽ ڪشميري وغيره انهن جا وڏا مثال آھن.

اوائلي ۽ هاڻوڪو قوم جو تصور سنواريو

انسان جي وحشياڻي دور جيڪو جهنگن جبلن  غغائن ۾ پلجندڙ انسان وارو دور جنهن کي آد جڳ سڏبو آ. تنهن دور ۾ انسانن جو قوم بنسبت نظريو فقط ڪٽنب يا قبيلي(Family or Race) تائين محدود ھو. آهستي آھستي جڏهن اوتار ۽ پيغمبرن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته قوم جو مذھبي نظريو(Religious Nation) رائج ٿيو ۽ اوتار يا نبين جي نالن سان قومون سڏجڻ لڳيون، جيئن ابراهيم جي قوم، نوح جي قوم، عيسي` جي قوم قوم عاد، قوم ثمود وغيره. پر تنهن وقت به دنيا جون سڌريل تهذيبون نسلي بنيادن تي قوم جي تصور تي متفق هيون جيئن دراوڙ، آريا، سامي، حامي ۽ گجر ۽ ان گروھن سان تعلق رکندڙ ھڪ نسلي گروه قوم سڏرائڻ جا مجاز هيا. قديم يونان ۾ پڻ اهو نسلي قوم (Ethinic nation) جو تصور عام هو. پنجين صدي عيسويء ۾ عيسائين وري مزهب جي بنياد تي قوم جي تصور کي هوا ڏني پر نسلي طور قومپرستيء جو نظريو ان وقت به کاٻي ڌر جو ڪردار ادا ڪري پيو. 13 صدي عيسوي ۾ اسڪاٽ لئنڊ جي بادشاه King John Bruce  جديد بنيادن تي اسڪاٽش قوم متحد ڪري انگريزن کان آزاديء جي جنگ وڙھي آزادي وٺڻ چاهي. جنهن جو بنياد مشھور Scotish جوڌي William Wallace وڌو،جنهن کي انگريزن پڪڙي کيس سخت اذيتناڪ موت ڏئي سندس لاش جا ٽڪر ڪري پوري انگلشتان ۾ ڏيکاريا. سندس آزاديء جي جدوجهد تي مبني فلم Brave Heart ڏسڻ لائق آھي.  جنهن ۾ ھن قوم جا بنيادي نڪتا بيان ڪيا. هڪ ئي نسل، ٻولي، ڪلچر يا ريتون رسمون، سوين سالن تي محيط جاگرافيائي حدون، تاريخي پسمنظر. قوم جو اهو تصور به ethinic نسلي بنيادن تي هو. پر ڏسجي ته يورپ توڙي هندستان ۾ به قوم بابت اهو ئي نظريو هو. جيئن جت يا راجپوت قوم، ميگهواڙ قوم، بروهي قوم، بلوچ قوم وغيره ان بنيادن تي پورو لهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هنن وٽ ھزارين سالن تي محيط زميني حدون، ٻولي، ريتون رسمون ۽ تاريخي پسمنظر آھي ۽ اهي سڀ جدا جدا نسل به آھن.[3]

سماجي سائنس سنواريو

سوشل سائنس Social Science  قوم جو مزهبي نظريو رد ڪري چڪي آ. 20 صدي عيسوي تائين قوم جا ٻه نظريا ٽڪر ۾ ھئا. هڪ Civic Nation شھري قوم ۽ ٻيو Ethinic Nation نسلي قوم جو نظريو. نسلي قومپرستيء جو نظريو 1945ع ۾ ھٽلر جي سخت نسلي قوم پرستيء ڪري ريجيڪٽ ڪيو ويو. ۽ ان جي جاء Civic Nation والاري جنهن جو مثال شھري يا ملڪي قومپرستي آ. جيئن All the people living in country are Nation، هڪ ملڪ ۾ رهندڙ سڀئي ماڻھو. جنهن جا نسل ڪٽي پنج نڪتا ٻڌايا ويا. ٻولي، ثقافت يا ڪلچر، تاريخي پسمنظر، جاگرافيائي حدون، اقتصادي،سياسي ۽ معاشي مفاد.[4] قوم جو هي نظريو به اوائلي سامراجي قومEmpire Nation جي نظرئي سان گهاٽي مشابهت رکي ٿو. پر بدقسمتيء سان گڏيل قومن United Nations جي چارٽ ۾ پڻ اهو منظور ڪيل آ. جيئن ماضيء ۾ رومن ايمپائر(Romen Empire)، پرشين سامراج(Persian Empire)، عرب سامراج(Arab Empire)، ترڪ سامراج(Turkish Empire)، مغل سامراج(Mughal Empire)، برٽش سامراج(British Empire) ۽ رشين فيڊريشن(Russian Federation) وغيره ان جا وڏا مثال آھن، سڪندر(Alexander) ۽ اشوڪ (Ashoka) جي هٿ هيٺ آيل قومون تي اهو شرط واجب هوندو هو ته اهي اها ئي ٻولي ۽ ڪلچر فالو ڪن جيڪا ان ايمپائر جي مڙھيل هجي.[4]

ھلندڙ ۽ ايندڙ دور سنواريو

ھاڻي ملڪن جي نالي تي قومون ٺھي رهيون آھن. پر جي ملڪ ٽٽن ته پوء اهي قومون ڪيڏانهن وينديون؟ ايٿنڪ قوم پرست ان شھري قوم جي نظرئي کي قومن لاء زهر قاتل قرار ڏئي رهيا آھن، جو هزارين سال تائين دنيا جي مخطلف حصن تي حڪمراني ڪندڙ قومن جا ڪارناما منجهيل مسئلن جو شڪار ٿي تاريخ جي ورقن تان ختم ٿيندا پيا وڃن. هينئر جڏهن دنيا Globalization طرف وڌي رهي آ ته خود Civic Nations پڻ خطري هيٺ آھن.[5]

ڪجهه ٻيا تصور سنواريو

قوم بابت ”black Nationalism“ ۽ ”White Nationalism “ پڻ ھڪڙا اصطلاح آھن جيڪي آمريڪا جي ڪيترين رياستن سميت ڏکڻ آفريڪا ۾ رائج هئا. آمريڪا ۾ جڏهن گورن ۽ ڪارن جي ڇڪتاڻ هلي تنهن دور ۾ گورن ”White Nationalism“ جي بنياد تي ڪارن کي ماري مڃائڻ لاء ”Ku Klex Klen“ جهڙيون تنظيمون جوڙيون جيڪي ڪارن کي ڊپرائيو ڪرڻ لاء جڙيون. موٽ ۾ ڪارن به ڪيتريون ئي پرتشدد ڪاروايون ڪيون ۽ تنظيمون جوڙيون.

قومن جي آجپي جو سوال سنواريو

موجوده دور ۾ جڏهن ڪيترين اهڙين قومن جيڪي United Nation جي مڃيل نڪتن تي پوريون لهن ٿيون تن کي به آزادي نٿي ملي ته نسلي بنيادن تي قومن جا حق ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهن. تنهنڪري نسلي قوم پرستن(Ethinic Nationalists) کي جديد قوم پرستيء جي بنياد تي گڏ ٿيڻو پوندو. اتهاسڪار غلام حيدر مهجور سولنگي پنهنجي ڪتاب جي ” لفظ قوم جي وضاحت“  واري عنوان کان وٺي ٻين مخطلف جاين تي قوم بابت ڪافي تفصيلي ذڪر ڪيو آ اگر غور ڪبو ته سندن سڀني ڳالهين جو نچوڙ اهو نڪرندو ته ” ڪنهن به ملڪ جي سڀيتا ۽  ڪلچر اول ٻوليء کان شروع ٿيندي آ. ٻولي ۽ قوم الڳ نٿيون ڪري سگهجن، ٻوليون ئي قومون ٺاهينديون آھن زبان کان سواء ڪو ماڻھن جو ميڙ ڀلي اهو ڪروڙن ۾ هجي قوم نٿو سڏرائي سگهي. انڪري جيتريون ٻوليون ايتريون قومون. نسل به قوم جو بنيادي ايڪو(Fundamental Unit) آھي، تنهنڪري ان کي به قومن جي چارٽ(Chart of Nations) ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح راجپوت، مينگهواڙ، بروهي ۽ بلوچ وغيره جيڪي قومن جي معيار تي پورو لهن ٿا تن کي قومن جو درجو ملڻ گهرجي.“ ھن وقت دنيا ۾ 6500 کن ٻوليون آھن United Nation وٽ رجسٽرڊ قومن جو تعداد 200 ملڪ به ڪونهي. رجسٽرڊ ٻولين کي قومن جو درجو ملڻ گهرجي. اگر هڪ ملڪ ۾ مخطلف نسلي گروھ رهائش پزير آھن ته انهن کي هڪ ملڪ ۾ رهندڙ ھم وطن چئي سگهجي ٿو پر هم قوم نٿو چئي سگهجي،  باگڙيء کي بلوچ نٿو چئي سگهجي، ماڇيء کي سيد  نٿو چئي سگهجي، اهي سڀ الڳ الڳ قومون آھن. “گهڻن دانشورن جي چوڻ موجب ”دنيا ۾ جاگرافيائي طور ملڪ ڀلي ڪيترا به هجن پر رجسٽرڊ 6500 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھن کي قومون مڃڻ گهرجي.[5]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. "nation | Origin and meaning of nation by Online Etymology Dictionary". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2020-11-25. 
  3. https://opentextbc.ca/nationalism/chapter/what-is-a-nation/
  4. 4.0 4.1 ڪتاب جديد عالمي سياست، جي. ايم سيد
  5. 5.0 5.1 تاريخ راجپوت سولنڪي(سولنگي)هند، سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني، غلام حيدر مهجور سولنگي