سانچو:Infobox music genre

قوالي __(Qawali):

قوالي، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ مذهبي شاعريءَ جو درجو رکي ٿي. قواليءَ ۾ پيغمبر رسول الله صلي الله عليه وسلم ، اصحاب سڳورا، ۽ الله جي ولين جي ثنا ، تعريف ۽ ڪرامتون بيان ڪيون وينديون آهن. امير خسرو (1253-1325ع) اسلامي تعليمات کي گيتن جي صورت ۾ پيش ڪيو هو ته انهيءَ کان بعد اهو سلسلو جاري رهيو جيڪو اڄ ڪلهه (قوالي) جي صورت ۾ آهي. سيد علي هجويري رحمت الله عليه (990-1077ع) پنهنجي مشهور ڪتاب (ڪشف المحجوب) ۾ قواليءَ جا ڪجهه شرط بيان ڪيا. اڄڪلهه اردو توڙي سنڌيءَ ۾ مزاحيه قوالين جو رواج پيو آهي، جنهن ۾ ملڪي حالتن کان ويندي سياستدانن ۽ آفيسرن تي طنز ٿيل هوندي آهي. اهڙيون مزاحيه قواليون ٽي-وي تي مزاحيه ڊرامن ۾ پيش ڪيون وينديون آهن . [1].

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي