قلات يا ڪلات(انگريزي: Kalāt)يا(انگريزي: Qalāt) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي قلات جو شھر ۽ ضلعي قلات جو ۽ قلات ڊويزن جو صدر مقام آهي . ھن شھر کي بروھين جو قلات ۽ قلات سيوا پڻ سڏيو ويندو آهي.[2] ماضي ۾ ھي شھر رياست قلات جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ھو جنھن جو حاڪم خان آف قلات سڏيو ويندو هو [3] قلات شھر ۾ ھڪ قلات سٽي ٿاڻو آهي جيڪو 1959ع ۾ قائم ٿيو ھو[4].

Kalat
قلات
Qalāt
شھر
قلات شھر جي ٻاھرين ديوار ۽ گيٽ
قلات شھر جي ٻاھرين ديوار ۽ گيٽ
Kalat is located in Balochistan, Pakistan
Kalat
Kalat
Kalat is located in Pakistan
Kalat
Kalat
قلات جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 29°01′48″N 66°35′20″E / 29.030°N 66.589°E / 29.030; 66.589مڪانيت: 29°01′48″N 66°35′20″E / 29.030°N 66.589°E / 29.030; 66.589
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو قلات ضلعو
حڪومت
 • قسم شھر
بلندي 2,007 ميل (6,585 ft)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 36,864

تاريخ سنواريو

برل واري پھرين انسائيڪلوپيڊيا مطابق:

ھن شھر کي اڳوڻي دور ۾ قلات سيوا (ھڪ مشھور ھندو بادشاھ جي نسبت سان) ۽ قلات نچري جي نالي سان سڃاتو ويندو هو جيڪي نچاري جي بروھي ڳالھائيندڙ قبيلن سان لاڳاپيل ھو جن کي اصل مقامي بروھي ماڻھن جي قديم شاخ سمجھيو ويندو آھي[5]

قلات يا ڪلات جي معنيَ قلعو آھي. ڪلات سيوا جي معنيَ سيوا جو قلعو يا سيوا وارو قلعو آھي. چيو وڃي ٿو تہ سيوا بروھين جو ھڪ مشھور جوڌو ھو جنھن ھن شھر جو بنياد رکيو ھو. اصل ۾ ھن علائقي تي پنجن ھزارن سالن کان سيوا ھندو راڄ قائم رھيو جن کان مسلمان بروھين اقتدار کسي خانيٽ قائم ڪئي. ھتي اولھ پاسي کان بلوچي قبيلن جي آمد کان اڳ اوڀر طرف وارا بروھي قبيلا اچي آباد ٿيا هئا. بروھين پندرهين صدي عيسويءَ م ھتي ھڪ وڏي بادشاھت قائم ڪئي. جلد ئي ٿوري عرصي لاءِ ان جو زوال آيو ۽ اھو علائقو مغلن جي قبضي ۾ آيو. سترھين صدي عيسويءَ م ھتي قلات جي خانن جو راڄ شروع ٿيو جيڪا اوڻويھين صدي عيسويءَ ۾ برٽش انڊيا سان 1876ع ۾ معاھدو ڪيو ويو جنھن تحت قلات جي خانن واري رياست برٽش انڊيا جي پرنسلي اسٽيٽ ۾ تبديل ٿي وئي. 1947 ۾ خان آف قلات پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو معاھدو ڪيو اھڙي طرح قلات پاڪستان جو حصو ٿي ويو. 1955ع م آخري خان آف قلات کي اقتدار مان ھٽايو ويو پر ان جا وارث ان لقب جي دعويداري قائم ڪندا پيا اچن. موجوده خان آف قلات جو دعويدار مير سليمان دائود خان احمد زئي آھي.

آبھوا سنواريو

ھن شھر م لڳ ڀڳ سمورو سال برسات نہ پوندي آهي. ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق ھن شھر جي آبھوا ٿڌي بياباني آھي. ھتان جو سراسري گرمي پد 14.1 سينٽي گريڊ آھي. ھتي پوندڙ سالياني برسات جو سراسري مقدار 163 ملي ميٽر آھي. جون جو مھينو سڀ کان وڌيڪ خشڪ ھوندو آھي جنھن ۾ برسات پوڻ جو سراسري مقدار 1 ملي ميٽر ھوندو آھي. جنوري مھينو سڀ کان وڌيڪَ برساتي ھوندو آھي جنھن م برسات پوڻ جو سراسري مقدار ،36 ملي ميٽر ھوندو آھي. سال جو گرم ترين مھينو جولاءِ آھي جنھن م سراسري گرمي پد 24.8 سينٽي گريڊ رھندو آھي. جنوري سرد ترين مھينو آھي جنھن جو سراسري گرمي پد 3.4 سينٽي گريڊ تائين رھندو آھي.

موسمي رڪارڊ : قلات
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
10.3
(50.5)
12.1
(53.8)
17.1
(62.8)
22.1
(71.8)
27.4
(81.3)
31.9
(89.4)
32.6
(90.7)
31.7
(89.1)
28.6
(83.5)
23.3
(73.9)
17.5
(63.5)
13.1
(55.6)
22.31
(72.16)
روزاني سراسري°C (°F) 3.4
(38.1)
5.3
(41.5)
9.8
(49.6)
14.3
(57.7)
18.9
(66)
22.7
(72.9)
24.8
(76.6)
23.4
(74.1)
19.4
(66.9)
13.8
(56.8)
8.6
(47.5)
4.9
(40.8)
14.11
(57.37)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−3.5
(25.7)
−1.5
(29.3)
2.6
(36.7)
6.6
(43.9)
10.5
(50.9)
13.5
(56.3)
17.0
(62.6)
15.2
(59.4)
10.3
(50.5)
4.3
(39.7)
−0.2
(31.6)
−3.3
(26.1)
5.96
(42.73)
[حوالو گهربل]

آبادي سنواريو

قلات شھر جي آبادي 2017 جي آدمشماري مطابق 36,864 ھئي. 1998 کان 2017 تائين شھر جي سالياني آبادي جي واڌ جي شرح 2.59 سيڪڙو ھئي[1]. ھتان جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمان ۽ 2 سيڪڙو ھندو آھي[7] اتي ڪجهه ھندو ھندڪوان واپاري آھن جيڪي قلات م قديم دور ۾ آباد ٿيا ھئا[8][9]. اتي ھڪ قديم ڪالي وارو مندر پڻ واقع آهي جيڪو علائقي ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جو آهي ۽ ھندڪوان جي ڀاٽيا ذات وارن سان منصوب آھي.

سياحت سنواريو

ھن شھر لڳ خان آف قلات جي پراڻي ڪچي اڏوات واري محل جا آثار واقع آهن جيڪو 1935ع م بلوچستان م آيل تباھڪن زلزلي ۾ ڊھي پيو ھو. اتي خان آف قلات جو خانداني قبرستان پڻ واقع آهي جتي نواب نصير خان غازي، خان محمود خان، شاھي محل مسجد، خان آف قلات جو نئون محل پڻ واقع آهي. ان محل ۾ قائداعظم ۽ محترمه فاطمه جناح پڻ مھمان ٿي رھيا ھئا ۽ ان جون استعمال ڪيل چيزون اڄ بہ محفوظ ۽ نمائش لاء رکيل آھن. اتي ھڪ تارازي وارو ڪمرو پڻ آهي چتي جناح ۽ سندس ڀيڻ کي سون ۽ چاندي ۾ توري اھو کين خان آف قلات پاران تحفي ۾ ڏنو ويو هو. خان آف قلات محترمه فاطمه جناح کي ڏيڍ لک روپين جو ھڪ ھار پڻ تحفي ۾ ڏنو. قائداعظم پاڪستان ٺھڻ کان اڳ خان آف قلات ۽ نواب آف بھاولپور جو قانوني صلاحڪار پڻ رھيو ھو. اھي سڀ سياحن جولي دلچسپي جو مرڪز آھن. قلات چجي وچ شھر ۾ ڪالي ماتا جو مندر آھي جيڪو ھزار سال کان وڌيڪَ پراڻو آھي. قلات جي ھندن جو خيال آهي ته ڪالي ماتا جي جنم ڀومي ڪلات جو علائقو آھي ۽ ڪلات بپڻ ڪالي لفظ مان نڪتل آھي. ھن مندر کي پنڊت سنڀاليندو آهي جيڪو شادي نہ ڪندو آھي.

طعام سنواريو

 
ڪاڪ يا ڪارنو

ھتي جي مشھور روايتي طعامن ۾ ڪاڪ يا ڪارنو نالي ھڪ مٺي يا نمڪين ماني آھي. ان کان سواءِ گئان مان ٺھندڙ شينئي وارو شوربو ھڪ مشھور طعام آھي جيڪو ماني سان کائبو آهي.

 
ڪھو جي وڻ ۾ ٿيندڙ گئان
 
شينئي وارو شوربو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 [1]
  2. Viking fund publications in anthropology, Issue 43. Viking Fund. https://books.google.com/books?id=lYVDAAAAYAAJ&pg=PA305&dq=hindu+baloch+kalat&cd=6#v=onepage&q=hindu%20baloch%20kalat&f=false. Retrieved 2008-08-17. "Below the citadel lies a Hindu temple of Kāli, probably of pre-Muhammadan date." 
  3. http://www.dawn.com/news/1191121
  4. [ https://balochistanpolice.gov.pk/rpo_kalat]
  5. E.J. Brill's first encyclopaedia of Islam, 1913-1936, Volume 4 By M. Th. Houtsma, Martijn Theodoor Houtsma Page 678
  6. "Climate: Kalat - Climate-Data.org". حاصل ڪيل 9 September 2016. 
  7. Encyclopædia Britannica: a new survey of universal knowledge, Volume 3. Encyclopœdia Britannica. 1964. https://books.google.com/books?id=OvHkAAAAMAAJ&q=hindu+baloch+kalat. Retrieved 2008-08-17. "Almost all the people are Muslim ; the largest Hindu minorities are in the Sibi (9%) and Kalat (2%) districts." 
  8. Viking fund publications in anthropology, Issue 43. Viking Fund. 1966. https://books.google.com/books?id=yuyZAAAAIAAJ&q=kalat+hindu+merchants+marri. Retrieved 2008-08-17. "...is in the hands of a small caste of Hindu merchants. These Hindus are Hindko-speaking and regard Kalat as their homeland, where they generally keep their families and go for some months every year to visit and to obtain supplies. While in the Marri area, they must be under the protection of a local Marri chief or the sardar himself." 
  9. The social organization of the Marri Baluch. Indus Publications. 1977. https://books.google.com/books?id=K3pCAAAAYAAJ&q=kalat+hindko+hindu. Retrieved 2008-08-17. "...is in the hands of a small caste of Hindu merchants. These Hindus are Hindko-speaking and regard Kalat as their homeland, where they generally keep their families and go for some months every year to visit and to obtain supplies. While in the Marri area, they must be under the protection of a local Marri chief or the sardar himself."