قديم يوناني فلڪيات

بابل ۽ قديم يوناني فلڪيات، سورهين صدي ۾ استعمال ٿيندڙ ”اسطرلاب اوزار“ جي مدد سان سج، چنڊ ۽ زمين جي مقام جي گردش جو اندازو لڳايو ويندو هئو. سلطنت بابل جا فلڪياتدان اهوئي پھريان ماڻھو هئا جن رياضي ۽ علم جي مدد سان ان ڳالھ جو اندازو لڳايو تہ چنڊ گرهڻ حقيقتن هڪ تڪراري واقعو آهي ۽ ان جي پيشنگوئي ممڪن آهي. سيارن جي ان چڪر کي ساروس Saros چئبو آهي بابل جي انھن فلڪيات دانن کانپوءِ قديم يونان ۽ هيلينيا جي تھذيبن ۾ فلڪيات کي هٿي ملڻ لڳي. يوناني فلڪيات ۾ اڳ ۾ ئي ان ڳالھ جو خيال رکيو ويو تہ ٻيا فلڪي جسم ۽ آسماني مظاهرن کي طبعي وضاحت سان پيش ڪيو وڃي ۽ علم جي مدد سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. آريستارخس ساموسي اهو پھريون يوناني فلڪيات دان هئو جنھن ٽين صدي اڳ مسيح ۾ زمين جي قطر جي ماپ ڪئي سج ۽ چنڊ جي وٿي کي دريافت ڪيو ۽ نظام شمي لاءِ ”شمس مرڪزي“ نظريو پيش ڪيو .

ٻئي صدي اڳ مسيح ۾ هيپارڪس ڦيرو دريافت ڪيو ۽ چنڊ جي قطر ۽ انجي زمين کان وٿي بہ ناپيو هيپارڪس فلڪيات ماپ لاءِ اسطرلاب نالي هڪ خاص اوزار بہ ايجاد ڪيو. هيپارڪس جون اهوئي ڪاوشون اتي ئي ختم نہ ٿيو بلڪ ان اتري ڪره ۾ ٽمڪندڙ 1020 تارن جا نالا بہ لکيا. اها ئي وجھ آهي جو انھن ستارن کي يوناني نالن سان ئي مختلف جڳھ تي استعمال ۾  آندو ويندو آهي. پھرين صدي ۾ ايجاد ٿيندڙ انتيڪيتهرا ميڪانيا دنيا ۾ سڀ کان پهريان استعمال ٿيندڙ اوزار هئو جنھن جي مدد سان سج چنڊ ۽ زمين جي مقام جو وقت اڳ صحيح اندازو ڪنھن بہ ڏني ويندڙ تاريخ موجب لڳائجي وڃي سگھجي پيو. انھي ريت خاص اوزار چوڏهين صدي ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملندا آهن ائين انجي دريافت سائنسدانن ۽ ماهر فلڪيات لاءِ حيران ڪندڙ پڻ آهي.

چين ۾ فلڪيات

تاريخ شروعات برنجي دور ۾ شانگ خاندان جي تخط سلطنت کان شروع ٿي ٿو چين ۾ تاريخي آثارن مان پتو پئي ٿو تہ پھريون دفعو فلڪيات جا چيني تارن جي نالاآنيانگ Anyang مان دريافت ٿيندڙ اوريڪل هڏن مان پتو پيا آهن ۽ انھن جا نالا اٺاويھ چيني قمري منازل ۾ لکيا ويا آهنشانگ خاندان Shang dynasty جي دور تائين فلڪيات پنھنجي شروعاتي مرحلن مان گذرندي اڳتي وڌيو ۽ تارن جي نالا رکيا ويا 1339ع اڳ مسيح کان 1281ع اڳ مسيح جي دوران”شانگ خاندان Shang dynasty“ جي بادشاھ وو دنگ جي تخط حڪومت ۾ منازل قمري جا نالا ملندا آهن چوٿي صدي اڳ مسيح ۾ چين جو تنازعاتي دور شروع ٿي ٿو ۽ ان دور ۾ بہ تارن بابت علم ۽ ثبوت ملن ٿا ۽ آخر ڪار اهو علم اڳتي وڌندي”هان خاندان Han dynasty“ جي تخط سلطنت تائين پهچندي ڏيکارجي ٿو چيني فلڪيات جي بنياد زمين جي ساڪن هجڻ ۽ سج جي حرڪت ۾ هجڻ تي هئي ڪجهه ڀيرا هي قائدو جديد علم فلڪيات موجب سڌا ڪري ڇڏبا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن شروق نجمي يا منطقا البروج موجب ترتيب بہ ڏنا ويندا هئا جديد محققين فلڪيات موجب (قرون وسطي Middle Ages) ۾ اسلامي فلڪياتي دور کان اڳ چين جو ئي علم فلڪيات ۽ قائدن تي مرطبو ٿيو هئو هاڻوڪي هندوستاني فلڪيات جي ڪجهه شيون ۽ قائدا چين ڏا ويا ۽ هي دور غالبا چين ۾ بدھ مت جي ترويج ۽ اوڀر”هان سلطنت Han dynasty “ جي تخط حڪومت يعني 25ع کان 220ع هئو انکان پوءِ”تانگ خاندان Tang dynasty“ جي دور يعني 618ع کان 907ع ۾ هندوستاني فلڪيات چيني فلڪيات ۾ ڪجهه مڪاما ملي ويا ۽”تانگ خاندان Tang dynasty“ جي دور ۾ ئي شاهي ماڻھن جو تقرر ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ماڻهن کي موجودا حڪومت ۾ گھرايو ويو انھن ماڻھن ۾”يي زنگ Yi dynasty “ بہ شامل هئو جنھن کي تانترڪ بدھ متي ماهر نجوم سمجھيو ويندو هئو ”يوآن خاندان Yuan dynasty “ جي دور ۾ اسلامي فلڪيات چين ۾ داخل ٿي ۽ ”منگ خاندان Mang dynasty “ جي دور زوال تائين اسلامي فلڪيات جي شهرت باقي رهي”منگ خاندان Mang dynasty “ جي زوال کانپوءِ جڏهن چين ۾ مسيحي يسوعيون جو دور اڳتي وڌيو تہ اسلامي فلڪيات جي شهرت ويندي رهي سترهين صدي ۾ پھريون دفعو چين ۾ فلڪي دوريبن لڳائي وئي 1669ع ۾ بيجنگ جي قديمي رسد گاھ کي نئي انداز تي جوڙيو ويو هاڻوڪي دور ۾ چين فلڪيات جي هڪ مضبوط ۽ جديد پروگرام سبب نظام شمسي ۾ موجود فلڪي سيارن تي پنھنجا سائنيسي مشن اماڻي رهيو آهي تصوير دونهوانگ جو فلڪي ميپ جنھن ۾ اتر جو خطو ڏيکاريو ويو آهي

حوالا سنواريو

[1]سائنس جي دنيا

  1. حوال چڪ https://sd.wikipedia.org/wiki/%D8%B3%D8%A7%D8%A6%D9%86%D8%B3_%D8%AC%D9%8A_%D8%AF%D9%86%D9%8A%D8%A7