قدرتي آفت

زمين جي قدرتي عملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباھڪاري

قدرتي آفت' ڪنهن به قدرتي خطري جيئن ٻوڏ، ٽورنیڊو، سامونڊي طوفان، آتش فشان، زلزلي یا ڇپ وغيره سان منسلڪ اثرن جو نالو آهي جيڪي ماحول تي اهڙي طرح اثر انداز ٿيندا آهن جو قدرتي وسيلن، مالي ۽ جاني نقصان جو سبب ٿيندا آهن۔ قدرتي آفت جي نتیجي ۾ ٿيڻ واري نقصان جي شدت ان ماحول سان منسلک آبادي جو آفت جي برپا هجڻ یا ان سان منهن ڏيڻ جي خاصیت تي منحصر هوندو آهي. تڪنيڪي لحاظ سان قدرتي آفت جي تعریف دراصل آبادين جي موجودگي ۽ انهن کي متوقع آفاتن کان خطرن جي دائري ۾ ئي ممڪن آهي۔ مثال جي طور تي غیر آباد خطي ۾ انتهائي شدید ترین زلزلو به تڪنيڪي لحاظ کان قدرتي آفت قرار نٿو ڏئي سگهجي هتي هي امر قابل غور آهي ته هن تڪنيڪي تعریف جي بنا تي لفظ “قدرتی“ محققن جي موچ ۾ اختلاف جو سبب آهي، ڇو ته ڪنهن به تڪنيڪي آفت جو صرف انسان جي متعلق هجڻ ئي ڪنهن طرح سان قدرتي آفت نه چوڻ گهرجي.